1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

027 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

27:1

طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1‏۝ۙ

طٰس : ھي سورت قرآن جون آيتون آھن ۽ پڌرو ڪتاب .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:2

هُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2‏۝ۙ

مومنن لاءِ بشارت ۽ ھدايت آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:3

الَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3‏۝

جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اھي آخرت تي يقين رکن ٿا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:4

اِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4‏۝ۭ

تحقيق اھي جيڪي قيامت کي نه ٿا مڃين اسان انھن لاءِ سندن ڪفر ڀلو ڪري ڏيکاريو آهي . پوءِ اهي ڪفر جي اونداهي ۾ ڪرندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:5

اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5‏۝

اهي سي آهن جن لاءِ آخرت ۾سخت عذاب آهي ۽ اهي خساري وارا آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:6

وَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6‏۝

تحقيق اسان توکي قرآن پڙهايون ٿا . جيڪودانا ۽ عالم جي طرفان آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:7

اِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7‏۝

۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي عورت صفورا کي چيو ته ، مون باهه ڏٺي آهي . پو۽ اتان واٽ جي خبر آڻيندس يا ٻرندڙ ٽانڊا آڻيندس. من اوهان کي گرمي پهچي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:8

فَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8‏۝

پو۽ جيڪڏهن ان جاءِ تي پهتو ته آواز آيس ته ، برڪت وارو آهي الله. جيڪو هن باهه ۾ آهي جيڪو سڙي نه ٿو ۽ نور آهي . جيڪو ان جي چوڌاري آهي ۽ الله پاڪ آهي . جيڪو جهانن کي نپائي ٿو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:9

يٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9‏۝ۙ

تحقيق اي موسيٰ ! مان الله غالب ۽ دانا آهيان .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:10

وَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ ۝10

۽ پنهنجي لٺ اڇلاءِ . پوءِ جڏهن ان کي هلندي ڏٺو . ڄڻ ته نانگ هجي . پوءِ موسيٰ پٺ ڏئي ڀڳو ۽ پوئتي نه نهاريائين . اي موسيٰ ! نه ڊڄ . تحقيق مون وٽ منهنجا رسول ناهن ڊڄندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:11

اِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ ؁11

مگر اهي ڊڄندا آهن ، جيڪي ظلم ڪندا آهن . پوءِ توبه ڪندا آهن ۽ براين کي ڇڏي ، نيڪيون ڪندا . پوءِ مان انهن کي معاف ڪندس ۽ بخشيندس .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:12

وَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ ؀12

۽ پنھجو ھٿ گريبان ۾ وجھ ته اھو اڇو نور روشن بنا عيب جي نڪري . اھو معجزن مان آھي. ان کي ظاھر ڪري تو کي فرعون ۽ ان جي قوم ڏانھن موڪليان ٿو. جيڪي فاسق قوم آھن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:13

فَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۝ۚ13

پوءَ جيڪڏھن انھن وٽ اسان جون روشن آيتون آيون ته چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:14

وَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۝ۧ14

۽ ان کي يقين سان مڃيائون انهن جي نفس آيتن کي حق ڪري سڃاتو. پر ظلم ۽ سرڪشي جي ڪري نه مڃيائون . پوءِ ڏس ته فساد ڪندڙن جي عاقبت ڪئين ٿي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:15

وَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ ؁15

تحقيق دائود ۽ سليمان کي حق جي سڃاڻپ ڏنيسون ۽ چيائون ته ، الله جو شڪر آهي ، جنهن اسان کي گهڻن مومن ٻانهن ۾ ڀلو ڪيو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:16

وَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ ؀16

۽ سليمان دائود جي بادشاهي جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته ، اي انسانو! اسان کي پکين جون ٻوليون سيکاريون ويون آهن ۽ اسان کي سڀ نعمتون ڏنيون ويون آهن . تحقيق اها الله جي پڌري ڀلائي آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:17

وَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ ؀17

۽ سليمان وٽ سندس جنن ۽ ماڻهن ۽ پکين جا لشڪر گڏ ٿيندا هئا . پوءِ اهي هلندا هئا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:18

حَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ؀18

ايستائين جو سندس لشڪر ماڪوڙين جي زمين تي آيو . ماڪوڙين جي سردار ماڪوڙين کي چيو ته ، اي ماڪوڙيو! پنهنجي ٻرن ۾ گهڙي وڃو . ته اوهان کي سليمان ۽ سندس لشڪر لتاڙي نه وڃي ۽ اهي نه ٿا ڏسن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:19

فَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ ؀19

پوءِ سليمان ٻڌو ۽ ماڪوڙي جي ڳالهه تي مُرڪيو ۽ چيائين ته ، رب منهنجا ! مون کي توفيق ڏي ته ، مان انهن نعمتن جو شڪر ڪيان ، جيڪي نعمتون تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ ۽ پيءِ تي ڪيون آهن ۽ پڻ ڀلا ڪم ڪريان ، جيڪي تو کي وڻن ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي صالح ٻانهن ۾ شامل ڪر .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

27:20

وَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ ؀20

۽ پکي نه لڌائين پوءِ چيائين ته ، هد هد کي ڇو نه ٿو ڏسان ؟ ڇو منهنجي موڪل کان سواءِ غائب آهي ؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي