027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
طٰس : ھي سورت قرآن جون آيتون آھن ۽ پڌرو ڪتاب .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
مومنن لاءِ بشارت ۽ ھدايت آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اھي آخرت تي يقين رکن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
تحقيق اھي جيڪي قيامت کي نه ٿا مڃين اسان انھن لاءِ سندن ڪفر ڀلو ڪري ڏيکاريو آهي . پوءِ اهي ڪفر جي اونداهي ۾ ڪرندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اهي سي آهن جن لاءِ آخرت ۾سخت عذاب آهي ۽ اهي خساري وارا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
تحقيق اسان توکي قرآن پڙهايون ٿا . جيڪودانا ۽ عالم جي طرفان آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي عورت صفورا کي چيو ته ، مون باهه ڏٺي آهي . پو۽ اتان واٽ جي خبر آڻيندس يا ٻرندڙ ٽانڊا آڻيندس. من اوهان کي گرمي پهچي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پو۽ جيڪڏهن ان جاءِ تي پهتو ته آواز آيس ته ، برڪت وارو آهي الله. جيڪو هن باهه ۾ آهي جيڪو سڙي نه ٿو ۽ نور آهي . جيڪو ان جي چوڌاري آهي ۽ الله پاڪ آهي . جيڪو جهانن کي نپائي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
تحقيق اي موسيٰ ! مان الله غالب ۽ دانا آهيان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ پنهنجي لٺ اڇلاءِ . پوءِ جڏهن ان کي هلندي ڏٺو . ڄڻ ته نانگ هجي . پوءِ موسيٰ پٺ ڏئي ڀڳو ۽ پوئتي نه نهاريائين . اي موسيٰ ! نه ڊڄ . تحقيق مون وٽ منهنجا رسول ناهن ڊڄندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
مگر اهي ڊڄندا آهن ، جيڪي ظلم ڪندا آهن . پوءِ توبه ڪندا آهن ۽ براين کي ڇڏي ، نيڪيون ڪندا . پوءِ مان انهن کي معاف ڪندس ۽ بخشيندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ پنھجو ھٿ گريبان ۾ وجھ ته اھو اڇو نور روشن بنا عيب جي نڪري . اھو معجزن مان آھي. ان کي ظاھر ڪري تو کي فرعون ۽ ان جي قوم ڏانھن موڪليان ٿو. جيڪي فاسق قوم آھن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءَ جيڪڏھن انھن وٽ اسان جون روشن آيتون آيون ته چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ ان کي يقين سان مڃيائون انهن جي نفس آيتن کي حق ڪري سڃاتو. پر ظلم ۽ سرڪشي جي ڪري نه مڃيائون . پوءِ ڏس ته فساد ڪندڙن جي عاقبت ڪئين ٿي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
تحقيق دائود ۽ سليمان کي حق جي سڃاڻپ ڏنيسون ۽ چيائون ته ، الله جو شڪر آهي ، جنهن اسان کي گهڻن مومن ٻانهن ۾ ڀلو ڪيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ سليمان دائود جي بادشاهي جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته ، اي انسانو! اسان کي پکين جون ٻوليون سيکاريون ويون آهن ۽ اسان کي سڀ نعمتون ڏنيون ويون آهن . تحقيق اها الله جي پڌري ڀلائي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ سليمان وٽ سندس جنن ۽ ماڻهن ۽ پکين جا لشڪر گڏ ٿيندا هئا . پوءِ اهي هلندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
ايستائين جو سندس لشڪر ماڪوڙين جي زمين تي آيو . ماڪوڙين جي سردار ماڪوڙين کي چيو ته ، اي ماڪوڙيو! پنهنجي ٻرن ۾ گهڙي وڃو . ته اوهان کي سليمان ۽ سندس لشڪر لتاڙي نه وڃي ۽ اهي نه ٿا ڏسن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
پوءِ سليمان ٻڌو ۽ ماڪوڙي جي ڳالهه تي مُرڪيو ۽ چيائين ته ، رب منهنجا ! مون کي توفيق ڏي ته ، مان انهن نعمتن جو شڪر ڪيان ، جيڪي نعمتون تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ ۽ پيءِ تي ڪيون آهن ۽ پڻ ڀلا ڪم ڪريان ، جيڪي تو کي وڻن ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي صالح ٻانهن ۾ شامل ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ پکي نه لڌائين پوءِ چيائين ته ، هد هد کي ڇو نه ٿو ڏسان ؟ ڇو منهنجي موڪل کان سواءِ غائب آهي ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي