026 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
طٰسۗمّۗ 1
طٰسٓمَّ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي سورت قرآن پڌري جون آيتون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3
متان تون پنهنجي جان تنگ ، جو ڪافر مسلمان نه ٿا ٿين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4
جيڪڏهن گهرون ته ، انهن تي آسمان تان معجزو نازل ڪريون ته ، انهن جون ڳچيون ڦري معجزن کي مڃيندڙ ٿين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5
۽ جيڪا به انهن وٽ الله وٽان نئين نصيحت اچي ٿي ته ، ان کان ڦري ٿا وڃن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6
۽ پوءِ تحقيق ا نهن قرآن تي ايمان ناهي آندو . پوءِ سِگهو ئي انهن تي جزا ايندي . جنهن تي چٿرون ٿا ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7
ڇا زمين جي طرف نه ٿا ڏسو ته ، ان ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڀلا ميوا اپاياسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
تحقيق ان ۾ عبرت آھي ۽ انھن مان گھڻا عبرتن کي مڃڻ وارا ناھن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9ۧ
۽ تحقيق تنهنجو الله غالب ۽ بخشيدڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۙ10
۽ ياد ڪر جڏهن الله موسيٰ کي سڏ ڪيو ته ، ظالمن جي قوم وٽ اچ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ 11
جيڪا فرعون جي قوم آهي . ته الله جي عذاب کا ڇو نه ٿا ڊڄن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۭ12
موسيٰ چيو ته ، رب منهنجا ! مان ڊڄان ٿو ته ، متان مون کي نه مڃين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ 13
۽ منهنجو سينو تنگ ٿيندو ۽ منهنجي سڙيل زبان نه ڳالهائيندي . پوءِ هارون کي به رسول ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۚ14
انهن جو مون تي ڏوهه آهي . پوءِ ڊڄان ٿو ته ، متان مون کي قتل ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ 15
الله چيو ته ، ڪونه قتل ڪندا . پوءِ اسان جي معجزن سان گڏ وڃو . اسان توهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۙ16
پوءِ فرعون وٽ وڃو ۽ چئو ته ، اسان الله جا رسول آهيون . جيڪو جهانن جو رب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۭ17
بني اسرائيل کي اسان سان شام ملڪ جي طرف موڪل ڏي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۙ18
فرعون چيو ته ، ڇا توکي نئون ڄاول ڪري ڪونه نپايوسين ؟ ۽ تون پنهنجي عمر جا گهڻا ورهيه اسان وٽ رهيو هئين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ 19
۽ قتل ڪيئي ۽ تون نعمتن کي نه مڃيندڙ آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۭ20
موسيٰ چيو ته ، انهن ڏينهن ۾ اهو ڪم ڪيم . جڏهن مان گمراهن مان هئس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي