025 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 77 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰي عَبْدِهٖ لِيَكُوْنَ لِلْعٰلَمِيْنَ نَذِيْرَا 1ۙ
برڪت وارو آهي الله ، جنهن پنهنجي ٻانهي تي قرآن نازل ڪيو ته جهان کي ڊيڄاريندڙ رسول ٿئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويۨالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَّلَمْ يَكُنْ لَّهُ شَرِيْكٌ فِي الْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيْءٍ فَقَدَّرَهٗ تَقْدِيْرًا 2
بادشاهي الله لاءِ آهي ، آسمانن ۽ زمين جي . ان پُٽ نه ورتو ۽ ان جي بادشاھيءَ ۾ ڪو شريڪ ناهي ۽ سڀ شيون پيدا ڪري ، سڀني کي برابر تقدير ڏنائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً لَّا يَـخْلُقُوْنَ شَـيْـــــًٔا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ وَلَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَّلَا نَفْعًا وَّلَا يَمْلِكُوْنَ مَوْتًا وَّلَا حَيٰوةً وَّلَا نُشُوْرًا 3
۽ ڪافر بتن کي معبود ٿا بنائين . جن ڪا به شيءِ ڪا نه جوڙي آهي ۽ انهن کي ڪافرن جوڙيو آهي . بت پاڻ کي ڪو نقصان پهچائي نه ٿا سگهن ۽ نه نفعو پهچائي ٿا سگهن . بت نه مري سگهن ٿا ، نه ئي جي ٿا سگهن ۽ نه مري اٿي ٿا سگهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ٓ اِنْ ھٰذَآ اِلَّآ اِفْكُ ۨافْتَرٰىهُ وَاَعَانَهٗ عَلَيْهِ قَوْمٌ اٰخَرُوْنَ ڔ فَقَدْ جَاۗءُوْ ظُلْمًا وَّزُوْرًا ڔ 4
۽ ڪافر چون ٿا ته ، هي قرآن ڪوڙ آهي . جيڪو پاڻ جوڙيو اٿن ۽ تنهن ۾ روم وارن جي هڪ قوم مدد ڪئي اٿن . پوءِ الله تي ڪفر ۽ ڪوڙ آندو اٿن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالُوْٓا اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلٰى عَلَيْهِ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 5
ڪافر چون ٿا ته ، قرآن اڳين جون آکاڻيون آهي . جيڪي هن لکرايون آهن . پوءِ اهي ان وٽ صبح سانجهي پڙهجن ٿيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ اَنْزَلَهُ الَّذِيْ يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 6
چئو تـ قرآن کي ان الله نازل ڪيو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جي ڳجهارندرن کي ڄاڻي ٿو تحقيق اهو بخشندڙ ۽ مهربان آهي
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالُوْا مَالِ ھٰذَا الرَّسُوْلِ يَاْكُلُ الطَّعَامَ وَيَمْشِيْ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ لَوْلَآ اُنْزِلَ اِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُوْنَ مَعَهٗ نَذِيْرًا 7
۽ ڪافر چون ٿا تـ اسان وٽ اهڙو نبي ڇو آيو جيڪو ڪاڄ کائي ٿو ۽ بازارن ۾ هلي ٿو انهن تي ملائڪ ڇو نـ نازل ٿيو جيڪو گڏ ڊيڄاري بـ ها
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوْ يُلْقٰٓى اِلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ تَكُوْنُ لَهٗ جَنَّةٌ يَّاْكُلُ مِنْهَا ۭ وَقَالَ الظّٰلِمُوْنَ اِنْ تَتَّبِعُوْنَ اِلَّا رَجُلًا مَّسْحُوْرًا 8
يا انهن وٽ خزاني جي کاڻ اچي پوءِ ان مان کاڌي جو گذران ڪري يا ان وٽ ڪو ميون جو باغ هجي ها تـ ان مان کائي ها ڪافر چون ٿا ته چرئي مڙس جا تابع ٿا ٿيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُنْظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوْا لَكَ الْاَمْثَالَ فَضَلُّوْا فَلَا يَسْتَطِيْعُوْنَ سَبِيْلًا 9ۧ
اي محمد! ڏس ته ، ڪهڙا تنهنجا نالا ۽ صفتون ٿا رکن ؟ پوءِ گمراھ ٿا ٿين . پوءِ ڪنهن واٽ يا حجت کي نه ٿا پهچي سگهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَبٰرَكَ الَّذِيْٓ اِنْ شَاۗءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّنْ ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ وَيَجْعَلْ لَّكَ قُصُوْرًا 10
الله وڏي برڪت وارو آهي ، جيڪڏهن گهري ته ، پنهنجي فضل سان تنهنجي لاءِ خير جا خزانه باغ دنيا کان ، بهشت جنهن جي هيٺان نهرون وهن ۽ تنهنجي لاءِ بلند ماڙيون ڪري .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويبَلْ كَذَّبُوْا بِالسَّاعَةِ ۣ وَاَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِيْرًا ۚ11
بلڪه قيامت کي نه ٿا مڃين ۽ اسان قيامت کي نه مڃيندڙن لاءِ دوزخ جوڙيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذَا رَاَتْهُمْ مِّنْ مَّكَانٍۢ بَعِيْدٍ سَمِعُوْا لَهَا تَغَيُّظًا وَّزَفِيْرًا 12
جڏهن ڪافر ان کي پراهين پنڌ کان ڏسندا ۽ ان جون ڪاوڙ واريون هڪلون ٻڌندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَآ اُلْقُوْا مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِيْنَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُوْرًا ۭ13
۽ جڏهن دوزخ ۾ پوندا ، جيڪا تنگ جاءِ آهي ۽ هي زنجيرن ۾ ٻڌل هوندا ۽ ان وقت ۾ هلاڪت کي سڏ ڪندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُوْرًا وَّاحِدًا وَّادْعُوْا ثُبُوْرًا كَثِيْرًا 14
الله چوندو ته ، اڄ هڪڙي هلاڪت کي سڏ نه ڪيو ، بلڪه گهڻين هلاڪتن کي سڏ ڪيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ اَذٰلِكَ خَيْرٌ اَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاۗءً وَّمَصِيْرًا 15
چؤ ، ڇا دنيا جو باغ ڀلو آهي؟ يا هميشه رهڻ وارو باغ جنهن جو متقين سان واعدو ڪيو ويو آهي . جيڪو انهن جو اجر ۽ موٽن جي جاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَهُمْ فِيْهَا مَا يَشَاۗءُوْنَ خٰلِدِيْنَ ۭ كَانَ عَلٰي رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔـوْلًا 16
۽ انهن لاءِ بهشت ۾ سڀ هوندو ، جيڪو گهرندا . هميشه اتي هوندا . اهو الله جو وعدو آهي . ڀلي ته ، الله کان گھري وٺن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ فَيَقُوْلُ ءَ اَنْتُمْ اَضْلَلْتُمْ عِبَادِيْ هٰٓؤُلَاۗءِ اَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيْلَ ۭ17
۽ جڏهن انهن کي اٿارينداسون ۽ انهن کي ، جن جي الله کي ڇڏي عبادت ڪندا هئا . پوءِ الله چوندو ته ، ڇا توهان منهنجي ٻانهن کي ٿي گمراھ ڪيو ؟ يا انهن پنهنجي واٽ پاڻ گمراھ ڪئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا سُـبْحٰنَكَ مَا كَانَ يَنْۢبَغِيْ لَنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ مِنْ دُوْنِكَ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ وَلٰكِنْ مَّتَّعْتَهُمْ وَاٰبَاۗءَهُمْ حَتّٰي نَسُوا الذِّكْرَ ۚ وَكَانُوْا قَوْمًۢا بُوْرًا 18
چوندا ته ، تون پاڪ آهين . اسان لاءِ لائق ناهي ته ، اسان توکان سواءِ ڪو دوست ڪيون . پر تو ڪافرن ۽ انهن جي مائٽن کي نعمت وارو ڪيئي . پوءِ ۽ مغرور ٿيا ۽ نبين جي حڪمن کي ڇڏيائون ۽ هلاڪ ٿيل قومن مان ٿيا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَقَدْ كَذَّبُوْكُمْ بِـمَا تَقُوْلُوْنَ ۙ فَـمَا تَسْتَطِيْعُوْنَ صَرْفًا وَّلَا نَصْرًا ۚ وَمَنْ يَّظْلِمْ مِّنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيْرًا 19
پوءِ ڪافر جيڪا ڳالھ چون ٿا بت انهن کي ڪوڙو ڪندا پوءِ نـ تـ ايذاءُ ۽ کي جهلي سگهندا ۽ فتح وارا ٿيندا ۽ جيڪي اوهان مان ڪفر ڪندا تـ انهن کي وڏو عذاب چکائينداسون
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ اِلَّآ اِنَّهُمْ لَيَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَيَمْشُوْنَ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً ۭ اَتَصْبِرُوْنَ ۚ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيْرًا ۧ20
۽ اسان تو کان اڳ جيڪي رسول موڪليا اهي سڀ بشرهئا طعام کائيندا هئا ۽ بازارن ۾ هلندا هئا انهن مان ڪو بـ ملائڪ ڪو نـ هو پوءِ هڪڙن کي ٻنهي سان پرکيوسون پوءِ الله جي پرک تي ڪئين صبر ڪندا ۽ ڪافرن جي گارين کي ۽ الله صابر کي ڏسندڙ آهي
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي