024 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 64 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَفَرَضْنٰهَا وَاَنْزَلْنَا فِيْهَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ 1
هي سورت جيڪا نازل ڪريون ٿا ۽ ان جا احڪام فرض ڪياسون ۽ اسان ان ۾ پڌريون حجتون نازل ڪيون سين . من اوهين نصيحت مڃو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلزَّانِيَةُ وَالزَّانِيْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ جَلْدَةٍ ۠ وَّلَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ۚ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 2
زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس جيڪڏهن پرڻيل نه هجن ته ، ٻنهي کي سو ڪوڙا هڻون ۽ توهان کي انهن تي الله جي دين ۾ ترس نه اچڻ گهرجي . جيڪڏهن توهان الله تي ايمان رکو ٿا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ ڀلي حد هڻڻ جي وقت مومنن جي جماعت جا چار شاهد ۽ قاضي حاضر ٿين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلزَّانِيْ لَا يَنْكِحُ اِلَّا زَانِيَةً اَوْ مُشْرِكَةً ۡ وَّالزَّانِيَةُ لَا يَنْكِحُهَآ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ ۚ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَي الْمُؤْمِنِيْنَ 3
۽ زاني مرد نڪاح نه ڪري ، مگر زاني عورت سان يا مشرڪ عورت سان ۽ زاني عورت سان نڪاح نه ڪندو مگر زاني مرد يا زاني مشرڪ ۽ زاني عورت سان مومنن جو نڪاح حرام آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَاْتُوْا بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ فَاجْلِدُوْهُمْ ثَمٰنِيْنَ جَلْدَةً وَّلَا تَــقْبَلُوْا لَهُمْ شَهَادَةً اَبَدًا ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 4ۙ
۽ جيڪي پاڪ عورتن تي زنا جي نسبت ڪن پوءِ جيڪڏهن چار شاهد نه آڻين ته انهن کي اسي دڙا هڻو ۽ انهن جي شاهدي ڪڏهن ب نه مڃو ۽ اهي فاسق آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا الَّذِيْنَ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَاَصْلَحُوْا ۚ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
مگر جيڪي حد لنگهڻ کانپوءِ توبھ ڪن ۽ نيڪ ڪم ڪن ته ، الله انهن کي بخشيدو ۽ رحم ڪندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ اَزْوَاجَهُمْ وَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ شُهَدَاۗءُ اِلَّآ اَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ اَحَدِهِمْ اَرْبَعُ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الصّٰدِقِيْنَ 6
۽ جيڪي مرد پنهنجي عورتن تي زنا جي نسبت ڪن ۽ شاهد نه هجن ، پر پاڻ ڏٺو هجين ته ، اهو مرد الله جي قسم سان چار ڀيرا شاهدي ڏئي ۽ اهو سچو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْخَامِسَةُ اَنَّ لَعْنَتَ اللّٰهِ عَلَيْهِ اِنْ كَانَ مِنَ الْكٰذِبِيْنَ 7
۽ پنجين ڀيري چوندو ته ، جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته ، ان تي الله جي لعنت آهي . پوءِ ان مڙس تان قذف يعني گار جي حد لهندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَدْرَؤُا عَنْهَا الْعَذَابَ اَنْ تَشْهَدَ اَرْبَعَ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الْكٰذِبِيْنَ 8ۙ
۽ عورت پاڻ تان زنا جي حد جي عذاب کي ان طرح لاهيندي جو ، پاڻ چار ڀيرا الله جي قسم سان شاهدي ڏيندي ته ، منهنجو مڙس ڪوڙو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْخَامِسَةَ اَنَّ غَضَبَ اللّٰهِ عَلَيْهَآ اِنْ كَانَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 9
۽ پنجون ڀيرو چوندي ته ، جيڪڏهن مڙس سچو آهي ته ، زال تي الله جو ڏمر آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ الله جي رحمت نه هجي ها ته ، هوند توهان تي عذاب ٿئي ها . تحقيق الله پاڪ ڪندڙ ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ جَاۗءُوْ بِالْاِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنْكُمْ ۭ لَا تَحْسَبُوْهُ شَرًّا لَّكُمْ ۭ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۭ لِكُلِّ امْرِۍ مِّنْهُمْ مَّا اكْتَسَبَ مِنَ الْاِثْمِ ۚ وَالَّذِيْ تَوَلّٰى كِبْرَهٗ مِنْهُمْ لَهٗ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 11
تحقيق بي بي عائشه تي جن ڪوڙ ٻڌو ، اهي اوهان مان پڌري منافقن جي جماعت آهي ۽ ان ڪوڙ کي پنهنجي لاءِ برو نه سمجهو بلڪ ان ۾ توهان لاءِ پاڪائي آهي ۽ صحابن مان جيڪو گناھ ڪندو ته ، ان لاءِ جزا آهي ۽ منافقن مان عبد الله پٽ سلول جي هي وڏو ڪوڙ ٻَڌو ته ، ان لاءِ سخت عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُوْنَ وَالْمُؤْمِنٰتُ بِاَنْفُسِهِمْ خَيْرًا ۙ وَّقَالُوْا ھٰذَآ اِفْكٌ مُّبِيْنٌ 12
ڇو نه جڏهن مسلمان مردن ۽ عورتن اهو ڪوڙ ٻُڌو ته بي بي ۽ صحابن ۾ ڀلو گمان رکن ها ۽ چون ها ته ، اهو پڌرو ڪوڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَوْلَا جَاۗءُوْ عَلَيْهِ بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ ۚ فَاِذْ لَمْ يَاْتُوْا بِالشُّهَدَاۗءِ فَاُولٰۗىِٕكَ عِنْدَ اللّٰهِ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 13
ان ڪوڙ تي چار شاهد ڇو نه ٿا آڻين ؟ جيڪڏهن شاهد نه ٿا آڻين ته ، اهي الله وٽ ڪوڙا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِيْ مَآ اَفَضْتُمْ فِيْهِ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ښ 14
۽ جيڪڏهن محمد جي امت تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جي رحمت نه هجي ها توهان کي ان ڪوڙ تي وڏو عذاب ٿئي ها ، جيڪو شروع ڪيَو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ تَلَقَّوْنَهٗ بِاَلْسِنَتِكُمْ وَتَــقُوْلُوْنَ بِاَفْوَاهِكُمْ مَّا لَيْسَ لَكُمْ بِهٖ عِلْمٌ وَّتَحْسَبُوْنَهٗ هَيِّنًا ڰ وَّهُوَ عِنْدَ اللّٰهِ عَظِيْمٌ 15
۽ جڏهن پنهنجي زبانن سان ڪوڙ جوڙيو ٿا ۽ پنهنجي واتن سان اهڙو ڪوڙ چئو ٿا . جنهن جي توهان کي تسلي ناهي ۽ ان ڪوڙ کي هلڪو ٿا ڀانئيو ۽ اهو ڪوڙ الله وٽ وڏو گناھ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ قُلْتُمْ مَّا يَكُوْنُ لَنَآ اَنْ نَّتَكَلَّمَ بِھٰذَا ڰ سُـبْحٰنَكَ ھٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيْمٌ 16
۽ جڏهن توهان ڪوڙي ڳالھ ٻڌي ته ، ائين ڇو نه چيَو ؟ ته ، اسان لاءِ اهڙي ڳالھ چوڻ لائق ناهي . الله پاڪ آهي ۽ هي وڏو ڪوڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَعِظُكُمُ اللّٰهُ اَنْ تَعُوْدُوْا لِمِثْلِهٖٓ اَبَدًا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ ۚ17
الله اوهان کي نصيحت ٿو ڪري ته ، ٻيهر ڪڏهن به اهڙو ڪوڙ نه هڻجو . جيڪڏهن توهان دين تي ايمان آڻيو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيُبَيِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰيٰتِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 18
۽ الله اوهان تي نصيحت وارا معجزا ظاهر ڪري ٿو ۽ الله ڄاڻيندڙ ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ يُـحِبُّوْنَ اَنْ تَشِيْعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۙ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ وَاَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 19
۽ جيڪي ان ڳالھ ۾ محبت ٿا رکن ته ، مومنن ۾ ڪوڙ ڦيلجي ته ، انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ سخت عذاب آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ۽ الله توهان تي مهربان ۽ رحم ڪندڙ نه هجي ها ته ، توهان تي عذاب ٿئي ها .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي