023 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 118 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
قَدْ اَفْلَحَ الْمُؤْمِنُوْنَ 1ۙ
تحقيق مومن فلاح وارا ٿيا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ صَلَاتِهِمْ خٰشِعُوْنَ 2ۙ
اهي جن پنهنجي نماز ۾ نوڙت ڪئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُوْنَ 3ۙ
۽ اهي جيڪي جاهلن جي ايذائن کان اکيون پورين ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ هُمْ لِلزَّكٰوةِ فٰعِلُوْنَ 4ۙ
۽ اهي جيڪي زڪوات ڏين ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ هُمْ لِفُرُوْجِهِمْ حٰفِظُوْنَ 5ۙ
۽ اهي جيڪي پنهنجي شرم گاھن کي حرام کان پناھ ۾ رکن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا عَلٰٓي اَزْوَاجِهِمْ اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْمَانُهُمْ فَاِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُوْمِيْنَ 6ۚ
مگر پنهنجي عورتن تي يا پنهنجين ٻانهين تي ، جن جا توهان مالڪ ٿيا . پوءِ انهن ۾ ملامت وارا ناهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَمَنِ ابْتَغٰى وَرَاۗءَ ذٰلِكَ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْعٰدُوْنَ 7ۚ
پوءِ جيڪو ان کان سواءِ ويندو ، پوءِ اهي ظالم آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ هُمْ لِاَمٰنٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رٰعُوْنَ 8ۙ
۽ اهي جيڪي پنهنجي امانتن ۾ الله ڪارڻ رعايت ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالَّذِيْنَ هُمْ عَلٰي صَلَوٰتِهِمْ يُحَافِظُوْنَ 9ۘ
اهي جيڪي پنهنجي نمازن ۾ جماعت سان هميشگي ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْوٰرِثُوْنَ ۙ10
اهي وارث ٿيندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ يَرِثُوْنَ الْفِرْدَوْسَ ۭ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 11
جيڪي بهشت جا وارث ٿيندا . ان ۾ هميشه هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ سُلٰـلَـةٍ مِّنْ طِيْنٍ ۚ12
تحقيق اسان آدم کي ڳوهيل مٽي مان خلقيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ جَعَلْنٰهُ نُطْفَةً فِيْ قَرَارٍ مَّكِيْنٍ ۠13
پوءِ ان کي محڪم قرار جي جاءِ ۾ ڦڙو ڪيوسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ خَلَقْنَا النُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَـلَقْنَا الْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَـلَقْنَا الْمُضْغَةَ عِظٰمًا فَكَسَوْنَا الْعِظٰمَ لَحْــمًا ۤ ثُـمَّ اَنْشَاْنٰهُ خَلْقًا اٰخَرَ ۭ فَتَبٰرَكَ اللّٰهُ اَحْسَنُ الْخٰلِقِيْنَ ۭ14
پوءِ ڦڙي کي ڦيرائي ٻڌل رت ڪيوسون . پوءِ ٻڌل رت کي ڦيرائي ٻوٽي ڪيوسون . پوءِ ٻوٽي ڦيرائي هڏا ڪيوسون . پوءِ هڏن تي گوشت ڍڪايوسون . پوءِ ان جو ٻيون صورتون جوڙيونسين . پوءِ الله وڏي برڪت وارو آهي . ڀلو خالق آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ اِنَّكُمْ بَعْدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتُوْنَ ۙ15
ان کان پوءِ اوهان موت جو پيالو پيئندا ۽ مرندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ اِنَّكُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ تُبْعَثُوْنَ 16
پوءِ اوهان قيامت جي ڏينهن اٿندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ خَلَقْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعَ طَرَاۗىِٕقَ ڰ وَمَا كُنَّا عَنِ الْـخَلْقِ غٰفِلِيْنَ 17
۽ توهان جي مٿان ست آسمان خلقياسون . جيڪي ملائڪن جون واٽون آهن ۽ اسان خلق کان غافل ناهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ فَاَسْكَنّٰهُ فِي الْاَرْضِ ڰ وَاِنَّا عَلٰي ذَهَابٍۢ بِهٖ لَقٰدِرُوْنَ ۚ18
۽ اسان آسمان مان پاڻي اندازي موجب نازل ڪيو . پوءِ ان پاڻي کي زمين ۾ رهايوسين ۽ اسان ان پاڻي کي وڃائڻ تي به قادر آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَنْشَاْنَا لَكُمْ بِهٖ جَنّٰتٍ مِّنْ نَّخِيْلٍ وَّاَعْنَابٍ ۘلَكُمْ فِيْهَا فَوَاكِهُ كَثِيْرَةٌ وَّمِنْهَا تَاْكُلُوْنَ ۙ19
۽ ان پاڻي سان توهان لاءِ کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪياسون . انهن ۾گهڻا ميوا آهن ۽ انهن مان کائو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَشَجَــرَةً تَخْــرُجُ مِنْ طُوْرِ سَيْنَاۗءَ تَنْۢبُتُ بِالدُّهْنِ وَصِبْغٍ لِّلْاٰكِلِيْنَ 20
۽ زيتون جو وڻ جيڪو طور سينا جبل ۾ ڦٽي ٿو ۽ تيل پيدا ڪري ٿو ۽ کائيندڙن لاءِ ٻوڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي