1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

022 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

22:1

يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيْمٌ 1‏۝

اي مڪي وارؤ! الله کان ڊڄو . تحقيق قيامت جي ڏينهن ۾ زمين جو سخت زلزلو ڏاڍو ڊيڄاريندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:2

يَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ اَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى النَّاسَ سُكٰرٰي وَمَا هُمْ بِسُكٰرٰي وَلٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِيْدٌ 2‏۝

جنهن ڏينهن توهان انهن کي ڏسندؤ . هر ڪا کير ڏيندڙ پنهنجي اولاد کي وساريندي ، جنهن کي کير ڏيندي هوندي ۽ هرڪا حمل واري پنهنجي ٻار کي ڪيرائيندي . جيڪو ان جي پيٽ ۾ هوندو ۽ تون ماڻهن کي بي هوش ڏسندين ۽ اهي بي هوش نه هوندا . پوءِ الله جو عذاب سخت آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:3

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّيَتَّبِـعُ كُلَّ شَيْطٰنٍ مَّرِيْدٍ 3‏۝ۙ

۽ ڪي ماڻهو الله جي دين ۾ بنا علم جي جهيڙو ڪن ٿا ۽ جهيڙي ۾ هو سرڪش شيطان جا تابع ٿين ٿا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:4

كُتِبَ عَلَيْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ يُضِلُّهٗ وَيَهْدِيْهِ اِلٰى عَذَابِ السَّعِيْرِ 4‏۝

لازم ڪيو ويو آهي شيطان تي ته ، جيڪو ان جو تابع ٿيندو ته ، تحقيق ان کي گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانهن سڏيندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:5

يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنْ كُنْتُمْ فِيْ رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَاِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُـمَّ مِنْ مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَّغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۭ وَنُقِرُّ فِي الْاَرْحَامِ مَا نَشَاۗءُ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُـمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُـمَّ لِتَبْلُغُوْٓا اَشُدَّكُمْ ۚ وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّتَوَفّٰى وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّرَدُّ اِلٰٓى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنْۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَيْــــًٔا ۭ وَتَرَى الْاَرْضَ هَامِدَةً فَاِذَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاۗءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَاَنْۢبَتَتْ مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 5‏۝

اي انسانو مڪي وارؤ! جيڪڏهن توهان قبرن مان اٿڻ بابت شڪ ۾ آهيو ته ، تحقيق اسان توهان کي يعني آدم کي مٽي مان خلقيو . پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان . پوءِ ٻڌل رت مان . پوءِ گوشت جي ٻوٽي مان ، جنهن جي سڄي صورت ٺهيل ۽ سڄي صورت نه ٺهيل . جيئن ظاهر ڪيون توهان تي ۽ اسان ثابت ڪريون رِحم ۾ اها مدت ، جيڪا گهرون مقرر ڪيل مدت تائين . پوءِ اسان توهان کي ٻار ڪري پيدا ٿا ڪريون . پوءِ اوهان پنهنجي قوت جي ڪمال کي پهچو ٿا ۽ توهان مان ڪي بلوغت کان اڳ ئي مري ٿا وڃن ۽ ڪن کي پيريءَ جي طرفان موٽايون ٿا ته ، جيئن علم کان پوءِ ڪنهن به شيءِ کي نه ڄاڻي ۽ تون زمين کي مئل ٿو ڏسين . پوءِ ان تي پاڻي نازل ٿا ڪريون . پوءِ زمين چُري ٿي ۽ تيار ٿئي ٿي ۽ هر ڪا ڀلي ساوڪ اپائي ٿي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:6

ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْـحَقُّ وَاَنَّهٗ يُـحْيِ الْمَوْتٰى وَاَنَّهٗ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6‏۝ۙ

هي تحقيق الله هڪ آهي ۽ الله مئلن کي جياري ٿو ۽ تحقيق اهو هر شيءِ تي قادر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:7

وَّاَنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيْهَا ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ 7‏۝

۽ تحقيق قيامت ايندي ۽ ان ۾ شڪ ناهي ۽ تحقيق الله انهن ماڻهن کي اٿاريندو ، جيڪي قبرن ۾ هوندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:8

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 8‏۝ۙ

ڪي ماڻهون اهڙا آهن جيڪي الله جي باري ۾ جهيڙو ڪن ٿا . بنا علم جي ۽ بنا هدايت جي ۽ بنا روشن نور جي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:9

ثَانِيَ عِطْفِهٖ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ لَهٗ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَّنُذِيْقُهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَذَابَ الْحَرِيْقِ 9‏۝

۽ ايمان کان پنهنجي ڳچيءَ کي هٺ کان موڙي ٿو ته ، جيئن الله جي واٽ کان گمراھ ٿئي . ان لاءِ دنيا ۾ عذاب آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن دوزخ جو عذاب چکائينداسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:10

ذٰلِكَ بِـمَا قَدَّمَتْ يَدٰكَ وَاَنَّ اللّٰهَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ ۝ۧ10

هي عذاب انهيءَ سبب جي ڪري آهي ، جيڪو اڳ ۾ تنهنجي ٻنهي هٿن ڪيو . تحقيق الله ٻانهن تي ظلم ناهي ڪندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:11

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّعْبُدُ اللّٰهَ عَلٰي حَرْفٍ ۚ فَاِنْ اَصَابَهٗ خَيْرُ ۨاطْـمَاَنَّ بِهٖ ۚ وَاِنْ اَصَابَتْهُ فِتْنَةُ ۨانْقَلَبَ عَلٰي وَجْهِهٖ ڗ خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةَ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ ؀11

۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن ، جيڪي الله جي عبادت شڪ ۾ ٿا ڪن . پوءِ جيڪڏهن انهن کي صحت ۽ مال ملي ته ، ان سان آرام وارا ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن انهن کي ڏک ۽ مرض رسي ته ، منهن ڀر ڪفر ڏانهن موٽن ٿا . اهي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪفر جي سبب خساري وارا ٿيا ۽ اهو پڌرو خسارو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:12

يَدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّهٗ وَمَا لَا يَنْفَعُهٗ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ ۝ۚ12

الله کان سواءِ انهن جي عبادت ٿا ڪن ، جيڪي نه انهن کي نقصان ڏين ۽ نه انهن کي نفعو ڏين . اهڙي عبادت ڪرڻ حق کان پري ڪندڙ گمراهي آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:13

يَدْعُوْا لَمَنْ ضَرُّهٗ ٓ اَقْرَبُ مِنْ نَّفْعِهٖ ۭ لَبِئْسَ الْمَوْلٰى وَلَبِئْسَ الْعَشِيْرُ ؀13

۽ ان جي عبادت ٿا ڪن ، جنهن جو نقصان نفعي کان ويجهو آهي . البته سردار برو آهي ۽ بڇڙو آهي مالڪ ان جو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:14

اِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ ؀14

تحقيق الله انهن کي بهشت ۾ داخل ڪندو ، جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون . جن جي هيٺان نهرون جاري آهن . تحقيق الله سو ڪري ٿو ، جنهن جو ارادو ڪري ٿو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:15

مَنْ كَانَ يَظُنُّ اَنْ لَّنْ يَّنْصُرَهُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ اِلَى السَّمَاۗءِ ثُـمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنْظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهٗ مَا يَغِيْظُ ؀15

جيڪو شخص گمان ڪري ٿو ته الله محمد ڪريم کي دنيا ۽ آخرت ۾ فتح نه ڏيندو ، اهو ڀلي ته گھر جي ڇت جي طرف رسو ڊگهو ڪري ۽ گچيءَ ۾ رسو ٻڌي . پوءِ ڀلي ته پاڻ کي گهٽو ڏئي ۽ پوءِ ڏسي ته ، ڇا سندس اهو مڪر ويو ؟ جنهن جي ڪري ڪاوڙ ٿي ڪيائين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:16

وَكَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۙ وَّاَنَّ اللّٰهَ يَهْدِيْ مَنْ يُّرِيْدُ ؀16

۽ اهڙي طرح اسان قرآن جو آيتون پڌريون ڪري نازل ٿا ڪريون ۽ الله جنهن کي گهري ، ان کي هدايت ڪري .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:17

اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَالَّذِيْنَ هَادُوْا وَالصّٰبِــِٕــيْنَ وَالنَّصٰرٰي وَالْمَجُوْسَ وَالَّذِيْنَ اَشْرَكُـوْٓا ڰ اِنَّ اللّٰهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ ؀17

۽ تحقيق اهي جن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿيا . جيڪي هڪ دين کان ٻئي دين ڏانهن موٽيا ۽ جيڪي نصارا ٿيا ۽ جيڪي مجوسي ٿيا ۽ جيڪي مشرڪ ٿيا . تحقيق ان جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن الله نبيرو ڪندو . تحقيق الله سڀني ٽولن تي شاهد آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:18

اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ وَالنُّجُوْمُ وَالْجِبَالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوَاۗبُّ وَكَثِيْرٌ مِّنَ النَّاسِ ۭ وَكَثِيْرٌ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ ۭ وَمَنْ يُّهِنِ اللّٰهُ فَـمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يَشَاۗءُ ڍ ؀18

ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ؟ اي محمد ڪريم! ته ، الله کي اهي ملائڪ سجدو ٿا ڪن ، جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪا مخلوق زمين ۾ آهي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ چوپايا ۽ گهڻا ماڻهو جيڪي مومن آهن ۽ گهڻا ماڻهو جيڪي ڪافر آهن . جن تي عذاب ثابت آهي ۽ اهو شخص جنهن کي الله خوار ڪري ته ، ان کي ڪو به سڳورو ڪرڻ وارو ناهي . تحقيق الله سو ڪري ٿو ، جيڪو گهري ٿو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:19

ھٰذٰنِ خَصْمٰنِ اخْتَصَمُوْا فِيْ رَبِّهِمْ ۡ فَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌ مِّنْ نَّارٍ ۭ يُصَبُّ مِنْ فَوْقِ رُءُوْسِهِمُ الْحَمِيْمُ ؀ۚ19

هي مومن ۽ ڪافر دشمن آهن . رب جي دين ۾ جهڙو ڪيائون . پوءِ جن ڪفر ڪيو ، انهن لاءِ باھ جو لباس ٺاهيو ويندو ۽ انهن جي مٿان ٽهڪندڙ پاڻي هاريو ويندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

22:20

يُصْهَرُ بِهٖ مَا فِيْ بُطُوْنِهِمْ وَالْجُلُوْدُ ؀ۭ20

انهن جي پيٽ جيڪو ڪجھ هوندو ، سو ان جي ڪري ڳرندو ۽ وھ ۽ کلون پڻ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي