1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

021 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

21:1

اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1‏۝ۚ

ڪافرن لاءِ سندن حساب ويجهو آهي ۽ اهي مال جي مستي ۾ اکيون پوريندڙ آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:2

مَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2‏۝ۙ

انهن وٽ الله جي طرفان ڪا نئين آيت اچي ٿي ته ، اهي ان کي ٻڌن ٿا ۽ چٿر ڪن ٿا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:3

لَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3‏۝

انهن جون دليون غافل آهن . جن ڪفر ڪيو سي ، ڳجهيون ڳالهيون ٿا ڪن ته ، هي نبي ناهي ، مگر اسان جهڙو ماڻهو آهي . پر جادو ٿو ڪري . پوءِ ڇو ٿا ان جي جادو جا تابع ٿيو؟ ۽ اوهان ان جو جادو ڏسو ٿا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:4

قٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4‏۝

اي نبي! انهن کي چؤ ته ، منهنجو الله سڀني مخلوقن جون ٻوليون ڄاڻي ٿو . جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ الله ڳجهن جو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:5

بَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5‏۝

بلڪه چيائون ته ،ننڊ ۾ ڪوڙا سپنا ٿو ڏسي . بلڪه پنهنجي طرفان ان تي ڪوڙ ٻڌائون ته ، نبي شاعر آهي . پوءِ ڀلي ته ، اسان کي اٺ يا هٿ يا لٺ جي نشاني ڏيکاري ، جيئن اڳين نبين آنديون هيون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:6

مَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6‏۝

۽ انهن کان اڳ ڳوٺ وارن به ايمان نه آندو ته ، انهن کي هلاڪ ڪيوسون ۽ اهي ايمان نه آڻيندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:7

وَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7‏۝

۽ اسان تو کان اڳ جيڪي به رسول موڪليا ، اهي ماڻهو هئا . اسان انهن جي طرف وحي ٿي موڪليوسون . پوءِ جيڪڏهن توهان نه ٿا ڄاڻو ته ، توريت جي عالمن کان پڇو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:8

وَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8‏۝

۽ اسان رسولن جا اهڙا جسم نه ٺاهيا ، جيڪي طعام نه کائين ۽ اهي رسول دنيا ۾ هميشه نه هئا . ( )

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:9

ثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9‏۝

پوءِ اسان انهن سان انهن کي ڇڏائڻ جا واعدا سچا ڪيا . پوءِ انهن کي ڇڏايوسين ۽ انهن کي جن انهن تي ايمان آندو ۽ ڪوڙن کي هلاڪ ڪيوسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:10

لَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۝ۧ10

البته اسان نازل ڪيو ، اي قريش! اوهان ڏانهن قرآن ، جنهن ۾ نصيحت ۽ اوهان جو ذڪر آهي . پوءِ نه ٿا پروڙيو ، نه ٿا ايمان آڻيو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:11

وَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ ۝11

۽ ڪيترا ڳوٺ وارا هلاڪ ڪياسون ، جيڪي ڪافر هئا ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيوسين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:12

فَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۝ۭ12

پوءِ جڏهن ڳوٺ وارن اسان جو اوچتو هلاڪ ڪرڻ ڏٺو ته ، ان ڳوٺ مان ڊوڙون وڌائون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:13

لَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ ؀13

نـ ڊوڙو ۽ انهن حويلن ڏانهن موٽو ، جن ۾ توهان کي نعمت وارو ڪيو اٿئون ۽ پنهنجي جاين ڏانهن ، مَنَ توهان کي دنيا جون نعمتون پهچن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:14

قَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ ؀14

چيائون ته ، اسان کي هلاڪي آهي . تحقيق اسان ظالم هئاسين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:15

فَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ ؀15

پوءِ ملائڪ هميشه اهي ڪلما چوندا رهندا ، جيستائين اسان انهن کي تلوارن سان قتل ڪري لڻيل ڪري ڇڏيون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:16

وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ ؀16

۽ اسان آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ جيڪو به خلقيو آهي ، بي فائدو ناهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:17

لَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ ؀17

۽ جيڪڏهن اسان ارادو ڪيون ، عورتن ۽ پٽن کي وٺون ته ، اسان حورن ۽ ملائڪن مان وٺون ها . جيڪي اسان رکندڙ آهيون . پر اسان اهو ارادو نه ڪيو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:18

بَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ ؀18

پوءِ اسان ايمان سان ڪفر تي تير ٿا هڻون . پوءِ ايمان ڪفر کي ڪڍندو ۽ ڪفر اوچتو ويندڙ آهي ۽ اي مڪي جا ڪافرو! اوهان لاءِ سخت عذاب آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:19

وَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ؀ۚ19

۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به شيون آهن ، سي الله جون آهن ۽ جيڪي ملائڪ الله وٽ آهن ، سي الله جي عبادت کان هٺ نه ٿا ڪن ۽ عاجز نه ٿا ٿين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

21:20

يُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ ؀20

رات ڏينهن تسبيحون ٿا چون ۽ ان کان سست نه ٿا ٿين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي