020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
طٰهٰ 1ۚ
طٰهٰ
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰٓي 2ۙ
اسان توتي قرآن ان لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته ، تون عبادت ۾ ڏک ڪڍين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ يَّخْشٰى 3ۙ
مگر نصيحت آهي ، ان لاءِ جيڪو الله کان ڊڄي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويتَنْزِيْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَالسَّمٰوٰتِ الْعُلٰى 4ۭ
ان الله وٽان نازل ٿيو آهي ، جنهن زمين کي ۽ مٿاهن آسمانن کي خلقيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلرَّحْمَنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى 5
الله جيڪو رحم ڪندڙ آهي ۽ عرش تي غالب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَـحْتَ الثَّرٰى 6
ان جون آهن سڀ شيون ، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن ۽ جيڪي مٽي جي هيٺان آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ يَعْلَمُ السِّرَّ وَاَخْفٰي 7
۽ جيڪڏهن وڏي آواز سان ذڪر ۽ دعائون ڪرين . پوءِ الله اندر جي ڳجھ ۽ ڳجهاندڙ کي ڄاڻي ٿو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى 8
الله سچو آهي ۽ ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي . ان جا نالا ڀلا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى 9ۘ
ڇا تو کي موسيٰ جي قصي جي خبر پهتي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُـثُوْٓا اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّيْٓ اٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَي النَّارِ هُدًى 10
جڏهن باھ ڏٺائين ته ، پوءِ پنهنجي زال بي بي صفوران کي شعيب وٽ وري اچڻ جي وقت چيائين ، ترسو . مون باھ ڏٺي آهي . اميد ته مان اوهان وٽ ان مان ٽانڊا آڻيندس يا باھ وٽ ڪو راھ ڏيکاريندڙ ڏسندس .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَمَّآ اَتٰىهَا نُوْدِيَ يٰمُوْسٰى ۭ11
پوءِ جڏهن باھ وٽ آيو ته ، سڏ ٿيس ، اي موسيٰ !
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنِّىْٓ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۭ12
مان الله آهيان . پنهنجي نعلين لاھ . تون پاڪ جاءِ وادي طُويٰ ۾ آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوْحٰى 13
۽ مون توکي ڀلو ڪيو آهي . پوءِ تو ڏي جيڪا وحي اچي ته ، ٻڌ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدْنِيْ ۙ وَاَ قِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِيْ 14
تحقيق مان الله آهيان . مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي . پوءِ منهنجي ٻانهپ ڪريو ۽ نماز منهنجي يادگيري لاءِ قائم ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ اَكَادُ اُخْفِيْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا تَسْعٰي 15
تحقيق قيامت ويجهي اچڻ واري آهي . آئون ان کي لڪايان ٿو ته ، جيئن هر ماڻهوءَ کي ان جي عملن جي جزا ڏجي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى 16
پوءِ توکي اهي ڪافر قيامت کي مڃڻ کان نه جهلين ، جيڪي قيامت کي نه ٿا مڃين ۽ خواھشن جا تابع آهن . پوءِ متان تون هلاڪ ٿئين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا تِلْكَ بِيَمِيْنِكَ يٰمُوْسٰى ١7
۽ اي موسيٰ! تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ هِىَ عَصَايَ ۚ اَتَـوَكَّؤُا عَلَيْهَا وَاَهُشُّ بِهَا عَلٰي غَنَمِيْ وَلِيَ فِيْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
چيائين تہ ھيءَ منهنجي لٺ آهي. ان تي تڪيو ڪندو آهيان ۽ ان سان مان پنهنجا پھرو ھڪليندو آهيان ۽ مون لان ان ۾ ٻيا به مقصد آھن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ اَلْقِهَا يٰمُوْسٰى 19
الله چيو ، اي موسيٰ! ان کي اڇلاءِ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِىَ حَيَّةٌ تَسْعٰي 20
پوءِ ان کي اڇلايائين ته ، اهو اوچتو ڊوڙندڙ نانگ ٿي پيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي