002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗمّۗ 1ۚ
الم.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
هي ڪتاب قرآن آهي . ان ۾ شڪ ناهي . متقين جي لاءِ هدايت آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا ۽ نمازن کي قائم ڪن ٿا ۽ اسان جي ڏنل رزق مان اسان جي واٽ ۾خرچ ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ اهي ان تي ايمان آڻين ٿا ، جيڪو تو تي نازل ٿيو ۽ جيڪو تو کان اڳ نازل ٿيو ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي پنهنجي ربّ جي طرفان هدايت تي آهن ۽ اهي ئي ڇوٽڪاري وارا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
تحقيق جن ڪفر ڪيو ، تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين ،انهن لاءِ برابر آهي . اهي ايمان نه آڻيندا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
الله انهن جي دلين تي ۽ ڪنن تي مهر هنئي آهي ۽ انهن جي اکين تي ڳوڙهو پردو آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
۽ ڪي ماڻهو اهي آهن ، جيڪي چون ٿا ، ته اسان الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ اهي مومن نه آهن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
الله کي ڌوڪو ٿا ڏين ۽ انهن کي جن ايمان آندو ۽ پنهنجو پاڻ کي ئي ڌوڪو ٿا ڏين ۽ اهي نه ٿا ڄاڻن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
انهن جي دلين ۾ مرض آهي. پوءِ الله انهن جي مرض کي وڌائيندو ۽ انهن جي نه مڃڻ جي ڪري انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ، ته زمين ۾ فساد نه ڪريو. ته چون ٿا ، ته اسان ته خيرخواه آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
ڄاڻ ته ، تحقيق اهي فساد ڪندڙ آهن ۽ پر اهي نه ٿا ڄاڻن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو، ته ايمان آڻيو . جيئن مؤمنن ايمان آندو آهي . ته چون ٿا ته ڇا اسان ٻوگھلن وانگر ايمان آڻيون ؟ تحقيق اهي ٻوگھلا آهن . پر پنهنجي ٻوگھلائي نه ٿا ڄاڻن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ جڏهن ايمان وارن سان گڏجن ٿا ، ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن پنهنجي رئيسن سان اڪيلا ٿين ٿا ، ته چون ٿا . اسان ته اوهان سان ڪفر تي آهيون . اسان ته چٿر ٿا ڪريون.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
الله انهن کي جزا ڏيندڙ آهي ۽ انهن کي ڊگهو رسو ڏئي ٿو . اهي ڪفر ۾ انڌا آهن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
هي اُهي ماڻهو آهن ، جن گمراهيءَ کي هدايت سان مَٽايو . انهن کي سندن سودو ڪو نفعو نه ڏيندو ۽ اهي هدايت وارا نه آهن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
انهن جو عجيب حال آهي . ان شخص وانگر ، جنهن باهه ٻاري ۽ جڏهن ان جي چوڌاري روشني ٿي ، ته الله ان کان نور کسي ورتو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏي ڏنو . جو اهي ڏسي نه ٿا سگهن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
اُهي ٻوڙا ۽ گونگا ۽ انڌا آهن . پوءِ اهي موٽڻ وارا نه آهن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا انهن جو حال آسمان کان لهندڙ مِينهن وانگر آهي ، جنهن ۾ اونداهي ۽ گوڙ ۽ وڄ هجي ٿي . اهي ڏاڍي گوڙ ۽ موت جي ڊپ کان پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا ۽ الله ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
ويجهو آهي ، جو وڄ سندن اکيون کسي وٺندي . جڏهن به روشني ٿئي ٿي ، ته ان ۾ هلڻ لڳن ٿا ۽ جڏهن اونداهي ٿئي ٿي ، ته بيهي ٿا رهن ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها، ته سندن ڪن ۽ اکيون کسي وٺي ها. بيشڪ الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي