019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
کهٰيٰعص
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
هن سورت ۾ الله جي طرفان پنهنجي ٻانهي زڪريا تي رحمت ڪرڻ جو قصو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن الله کي سڏ ڪيائين . ڳجها سڏ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
چيائين ته ، اي منهنجا رب! منهنجا هڏا سست ۽ ضعيف ٿيا ۽ پوءِ پوڙهائپ سان منهنجو مٿو ڀرجي ويو آهي ۽ منهنجا رب! مان تو کان دعا گهرڻ ۾ نا اميد ناهيان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
۽ تحقيق مان ڊڄان ٿو ته ، منهنجا وارث دين نه ڦيرائين ۽ منهنجي عورت سنڍ آهي . پوءِ مون کي پنهنجي عظيم قدرت وٽان پٽ بخش .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جيڪو منهنجي دين جو ۽ يعقوب جي اولاد جي دين جو وارث ٿئي ۽ اي منهنجا رب ! ان کي قبول ٿيل بڻاءِ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
اي زڪريا! اسان توکي يحيٰ نالي پٽ جي بشارت ٿا ڏيون . ان کان اڳ ان نالي سان ڪو صاحب نه ڪيوسون
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
۽ زڪريا چيو ، اي منهنجا رب ! مون کي پٽ ڪيئن ٿيندو ۽ منهنجي عورت سنڍ آهي ۽ مان پوڙهائپ ۽ نا اميدي جي وقت کي پهتو آهيان . جيڪا اسي ورھ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
ملائڪ چيو ته ، تنهنجي رب چيو آهي ته ، سنڍ عورت مان پٽ خلقڻ مون لاءِ سولو آهي ۽ تحقيق تو کي اڳ ۾ پيدا ڪيم ۽ تون ڪجھ نه هئين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
زڪريا چيو ته ، منهنجا رب ! مون لاءِ حمل ٿيڻ جي ڪا نشاني ڪر . الله چيو ته ، ان جي نشاني هيءَ آهي ته ، تون ماڻهن سان پوريون ٽي راتيون نه ڳالهائيندين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ محراب مان نڪري پنهنجي قوم وٽ آيو ۽ انهن کي اشارو ڪيائين ته صبح جي ۽ سانجهيءَ جي نماز پڙهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
اي يحيٰ! تون توريت کي مضبوطي سان پڪڙ ۽ ان تي عمل ڪر .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ اسان ان کي نابالغيءَ ۾ نبوت ڏنيسين ۽ اسان جي رحمت هو ۽ پاڪائي هو ۽ پرهيزگار هو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪندڙ هو ۽ سرڪش ۽ الله جو نافرمان نه هو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
۽ يحيٰ تي سڀني ڏکن کان سلامتي آهي . ڄمڻ جي ڏينهن ۾ ۽ مرڻ جي ڏينهن ۾ ۽ قبر مان جيئرو ٿي اٿڻ جي ڏينهن ۾ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ ياد ڪر قرآن ۾ بي بي مريم جو حال ، جڏهن ماسيءَ جي گهر کان اوڀر طرف غسل لاءَ نڪتي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ پنهنجي طرف پردو ڪيائين . پوءِ اسان ان جي طرف جبرئيل کي ماڻهو جي صورت ۽ قد ۾ موڪليو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
جڏهن ماڻهوءَ جي صورت ڏٺائين ته ، مريم چيو ته ، آئون الله جي پناھ ٿي گهران تو کان جيتوڻيڪ تون پرهيزگار هجين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
جبرئيل چيو ، ٻيو ڪو نه پر الله جو موڪليل ملائڪ آهيان . جيڪو تو کي پاڪ پٽ بخشيندس . ( )
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
مريم چيو ته ، مون کي پٽ ڪيئن ٿيندو ؟ ۽ مون کي ڪنهن بني آدم جو پاسو نه لڳو آهي ۽ مان بدڪار نه آهيان .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي