1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

017 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

17:1

سُـبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِيْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِيَهٗ مِنْ اٰيٰتِنَا ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 1‏۝

پاڪ آهي اهو جنهن پنهنجي ٻانهي محمد کي رات ۾ مڪي جي مسجد کان بيت المقدس جي طرف سير ڪرايو .جنهن جي چوڌاري برڪت ڪئي اٿئون ته ، رسول کي ڏيکاريون . تحقيق اهو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:2

وَاٰتَيْنَا مُوْسَي الْكِتٰبَ وَجَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِيْ وَكِيْلًا 2‏۝ۭ

۽ موسيٰ کي توريت ڏنوسون ۽ بني اسرائيل لاءِ هدايت ڪئي سون ته ، اهي الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو مالڪ نه بنائين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:3

ذُرِّيَّــةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ ۭ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا 3‏۝

اهي انبياءَ انهن جو اولاد آهن ، جن کي نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون . تحقيق نوح شڪر ڪندڙ ٻانهو هو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:4

وَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا 4‏۝

۽ اسان يعقوب جي اولاد جي طرف توريت ۾ وحي موڪليوسون ته ، شام جي زمين ٻه ڀيرا نبين کي قتل ڪري زمين ۾ فساد ڪندا ۽ هٺ ڪندا ۽ هٺ به وڏو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:5

فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ اُوْلٰىهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ فَجَاسُوْا خِلٰلَ الدِّيَارِ ۭ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُوْلًا 5‏۝

پوءِ جڏهن پهرئين فساد جو وقت آيو ، تڏهن زڪريا کي قتل ڪيائون . جيڪو الله جو دوست هو . پوءِ اسان پنهنجو ٻانهو جالوت ۽ ان جو لشڪر موڪليوسين . جيڪي جنگجو هئا . اهي ڳوٺن جي وچ ۾ داخل ٿيا . اهو الله جو حڪم ٿيل هو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:6

ثُـمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَاَمْدَدْنٰكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِيْرًا 6‏۝

پوءِ واپس انهن تي توهان جو غلبو ڪيوسون ۽ توهان کي مال ۽ پُٽَ ڏناسون ۽ توهان جا گھڻا قبيلا ڪياسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:7

اِنْ اَحْسَنْتُمْ اَحْسَنْتُمْ لِاَنْفُسِكُمْ ۣ وَاِنْ اَسَاْتُمْ فَلَهَا ۭ فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ الْاٰخِرَةِ لِيَسُوْۗءٗا وُجُوْهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ كَـمَا دَخَلُوْهُ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّلِــيُتَبِّرُوْا مَا عَلَوْا تَتْبِيْرًا 7‏۝

۽ حڪم ڪيوسون ته ، جيڪڏهن نيڪي ڪندا ته پنهنجو ڀلو ڪندا ۽ جيڪڏهن برائي ڪندا ته پنهنجو نقصان اٿن . پوءِ جڏهن ٻيو ڀيرو فساد ٿيو ته ، بيت المقدس کي ڊاٺائون . جيئن پهرئين ڀيري ڊاٺو هئائون ۽ جنهن تي غالب ٿين ، ان کي هلاڪ ڪن ۽ وڏي هلاڪي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:8

عَسٰي رَبُّكُمْ اَنْ يَّرْحَمَكُمْ ۚ وَاِنْ عُدْتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِيْنَ حَصِيْرًا 8‏۝

ويجهو آهي ته ، توهان جو رب توهان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏهن براين ڏانهن موٽندؤ ته ، اسان عذاب ڏانهن موٽائينداسين ۽ ڪافرن لاءِ دوزخ کي قيد بند بنايوسين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:9

اِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ يَهْدِيْ لِلَّتِيْ ھِيَ اَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا كَبِيْرًا 9‏۝ۙ

۽ تحقيق هي قرآن سڌي واٽ ڏانهن هدايت ڪري ٿو ۽ مومنن کي بشارت ڏئي ٿو ، جيڪي صالح عمل ڪن ٿا ته ، انهن لاءِ وڏو اجر آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:10

وَّاَنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۝ۧ10

۽ تحقيق جيڪي آخرت تي يقين نه ٿا رکن ، انهن لاءِ اسان ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:11

وَيَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَاۗءَهٗ بِالْخَيْرِ ۭ وَكَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا ؀11

۽ انسان پنهجي مال ۽ اهل تي بد دعا گھرندو آهي ۽ الله ان جو خير گھرندو آهي ۽ انسان طبيعت جو جلد باز آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:12

وَجَعَلْنَا الَّيْلَ وَالنَّهَارَ اٰيَـتَيْنِ فَمَــحَوْنَآ اٰيَةَ الَّيْلِ وَجَعَلْنَآ اٰيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنٰهُ تَفْصِيْلًا ؀12

۽ رات ۽ ڏينهن کي قدرت جا ٻه معجزا ڪياسون . پوءِ رات جي معجزي جو نور ختم ڪيوسون ۽ ڏينهن جي معجزي جو نور روشن ڪيوسون ته ، ڏينهن ۾ الله کان رزق طلب ڪيو ۽ سالن جو ۽ ڏينهن جو حساب سمجهو ۽ سڀ شيون قرآن ۾ کولي بيان ڪيونسين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:13

وَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا ؀13

۽ هر ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس پڪي عملن جو ڪاغذ لڙڪائينداسين . ان ۾ سندس نيڪ بختي ۽ بد بختي لکيل هوندي ۽ قيامت جي ڏينهن ان جي عملن جو ڪتاب ڪڍنداسين ، جنهن کي پکيڙي پڙهندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:14

اِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا ۝ۭ14

چونداسين ته پنهنجو ڪتاب پڙھ . اڄ تون پنهنجي حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهين .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:15

مَنِ اهْتَدٰى فَاِنَّـمَا يَهْــتَدِيْ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِيْنَ حَتّٰى نَبْعَثَ رَسُوْلًا ؀15

جيڪو هدايت وارو ٿيو ته اهو پاڻ کي فائدو پهچائيندو ۽ جيڪو گمراھ ٿيندو ته پاڻ کي ئي نقصان پهچائيندو ۽ ڪو نفس ٻئي جو بار نه کڻندو ۽ اسان ڪنهن تي ان وقت تائين عذاب نه ڪندا آهيون ، جيستائين رسول نه موڪليون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:16

وَاِذَآ اَرَدْنَآ اَنْ نُّهْلِكَ قَرْيَةً اَمَرْنَا مُتْرَفِيْهَا فَفَسَقُوْا فِيْهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنٰهَا تَدْمِيْرًا ؀16

۽ جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي تباھ ڪرڻ چاهيندا آهيون ته ، اتان جي سردارن کي چوندا آهيون ته بڇڙا ڪم ڪن . پوءِ ان ڳوٺ تي عذاب واجب ٿئي . پوءِ انهن کي هلاڪ ڪيون ۽ وڏي هلاڪي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:17

وَكَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍ ۭ وَكَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِيْرًۢ ا بَصِيْرًا ؀17

۽ اسان نوح کان پوءِ ڪيترين ئي قومن کي هلاڪ ڪيوسين ۽ تنهنجو رب پنهنجي ٻانهن جي گناهن کان واقف ۽ ڏسندڙ ڪافي آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:18

مَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّــلْنَا لَهٗ فِيْهَا مَا نَشَاۗءُ لِمَنْ نُّرِيْدُ ثُـمَّ جَعَلْنَا لَهٗ جَهَنَّمَ ۚ يَصْلٰىهَا مَذْمُوْمًا مَّدْحُوْرًا ؀18

جيڪو پنهنجي عملن سان جلدي گھرندو آهي ته ، پوءِ ان کي اهو ئي ڏيندا آهيون جيڪو ان لاءِ دنيا ۾ گُهرون . پوءِ ان لاءِ جهنم مقرر ڪئي سون . ان ۾ خوار ٿيل پهچندو ۽ رحمت کان تڙيل هوندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:19

وَمَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَسَعٰى لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰۗىِٕكَ كَانَ سَعْيُهُمْ مَّشْكُوْرًا ؀19

۽ جيڪو آخرت گھري ته ، ان لاءِ خالص ڀلا عمل ڪري ۽ اهو ڪلمو چوندڙ هجي . پوءِ ان شخص جا عمل قبول ٿيل آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

17:20

كُلًّا نُّمِدُّ هٰٓؤُلَاۗءِ وَهٰٓؤُلَاۗءِ مِنْ عَطَاۗءِ رَبِّكَ ۭ وَمَا كَانَ عَطَاۗءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا ؀20

۽ اسان سڀني مومنن ۽ ڪافرن جي پنهنجي رزق مان مدد ڪندا آهيون ۽ الله جو رزق جھليل نه آهي .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي