015 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 99 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ وَقُرْاٰنٍ مُّبِيْنٍ 1
الرآ . هيءَ سورت ڪتاب لوح محفوظ جون آيتون آهن ۽ قرآن پڌرو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويرُبَمَا يَوَدُّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْ كَانُوْا مُسْلِمِيْنَ 2
قيامت جي ڏينهن ، ڪڏهن ڪافر سَڌ ڪندا ته ، ڪاش! اسان مسلمان هجون ها .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويذَرْهُمْ يَاْكُلُوْا وَيَتَمَتَّعُوْا وَيُلْهِهِمُ الْاَمَلُ فَسَوْفَ يَعْلَمُوْنَ 3
ته ، محمد ڪافرن کي ڇڏائي ها . ته ، دنيا ۾ کائين ها ۽ نفعو وٺن ها ۽ انهن کي حرص ۽ ڊگھين اميدن غافل ڪيو ۽ سگهو ئي پنهنجي عاقبت کي ڄاڻي وٺندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَهْلَكْنَا مِنْ قَرْيَةٍ اِلَّا وَلَهَا كِتَابٌ مَّعْلُوْمٌ 4
۽ جيڪو به ڳوٺ تباھ ڪيوسون ته، ان لاءِ عذاب جو وقت لوح محفوظ ۾ معين لکيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا تَسْبِقُ مِنْ اُمَّةٍ اَجَلَهَا وَمَا يَسْتَاْخِرُوْنَ 5
۽ ڪا به جماعت ان وقت عذاب کان نه اڳ ٿيندي ۽ نه پوءِ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالُوْا يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْ نُزِّلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ اِنَّكَ لَمَجْنُوْنٌ 6ۭ
۽ چيائون ته ، اي رسول ! جنهن تي قرآن لٿو آهي . ته ، تون چريو آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَوْ مَا تَاْتِيْنَا بِالْمَلٰۗىِٕكَةِ اِنْ كُنْتَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 7
اسان وٽ اهي ملائڪ ڇو نه ٿو آڻين ، جيڪي تنهنجي رسالت تي شاهدي ڏين ته ، تون سچو آهين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا نُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةَ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَمَا كَانُوْٓا اِذًا مُّنْظَرِيْنَ 8
۽ اسان ملائڪن کي سندن اصلي صورت ۾ نازل ڪيوسون ته پوءِ انهن کي مهلت نه ملندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّا نَـحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 9
قرآن ۽ نبي اسان نازل ڪيو آهي ۽ اسان انهن جا نگهبان آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ فِيْ شِيَعِ الْاَوَّلِيْنَ 10
۽ تحقيق تو کان اڳ اڳين امتن ۾ رسول موڪليا سين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 11
۽ انهن وٽ جيڪو به رسول ايندو هو ته ، ان سان چٿرون ڪندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَذٰلِكَ نَسْلُكُهٗ فِيْ قُلُوْبِ الْمُجْرِمِيْنَ ۙ12
اهي طرح انهن اڳين جي ايذاءَ ۽ چٿرن کي مڪي جي ڪافرن جي دلين ۾ داخل ڪيون ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَا يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَقَدْ خَلَتْ سُـنَّةُ الْاَوَّلِيْنَ 13
هرگز قرآن کي نه مڃيندا ۽ تحقيق اڳين امتن جو اهو ئي طريقو رهيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَوْ فَتَحْنَا عَلَيْهِمْ بَابًا مِّنَ السَّمَاۗءِ فَظَلُّوْا فِيْهِ يَعْرُجُوْنَ ۙ14
۽ جيڪڏهن ڪافرن لاءِ آسمان جا درکوليون ها ته اتان ڏينهن جو لڳاتار آسمان تي چڙهن ها .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَقَالُوْٓا اِنَّـمَا سُكِّرَتْ اَبْصَارُنَا بَلْ نَـحْنُ قَوْمٌ مَّسْحُوْرُوْنَ ۧ15
تڏهن به سرڪشي جي ڪري چون ها ته ، اسان جون اکيون چريون ٿيون آهن . بلڪه اسان تي سحر ڪيو ويو آهي ۽ رسولن اسان تي نظر بندي ڪئي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ جَعَلْنَا فِي السَّمَاۗءِ بُرُوْجًا وَّزَيَّنّٰهَا لِلنّٰظِرِيْنَ ۙ16
تحقيق اسان آسمان ۾ ٻارهن برج ٺاهيا . انهن کي ڏسندڙن لاءِ تارن سان سينگاريوسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَحَفِظْنٰهَا مِنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ رَّجِيْمٍ ۙ17
۽ آسمان کي سڀني تڙيل شيطانن کان پناھ ۾ رکيوسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا مَنِ اسْتَرَقَ السَّمْعَ فَاَتْبَعَهٗ شِهَابٌ مُّبِيْنٌ 18
پر جيڪو شيطان ملائڪن جون ڳالهيون لڪي ٻڌندو آهي ته ، ان کي پڌرو باھ جو شعلو لڳندو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ مَّوْزُوْنٍ 19
۽ زمين ڏڪائيسون ۽ ان ۾ ميخون لڳايونسين ۽ سڀئي شيون وزن جي لحاط کان ڄمايونسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ وَمَنْ لَّسْتُمْ لَهٗ بِرٰزِقِيْنَ 20
۽ ان ۾ اوهان لاءِ کاڌو ۽ حيوان پيدا ڪياسين ۽ انهن کي رزق ڏيندڙ الله آهي ۽ اوهان رزق ڏيندڙ ناهيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي