014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
الرآ . هي سورت قرآن آهي ، جيڪو تو تي نازل ڪيوسون ، ته تون ماڻهن کي ڪفر جي اونداهيءَ مان ايمان جي نور جي طرف الله جي حڪم سان ڪڍين . غالب ۽ ساراهيل رب جي واٽ ڏانهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
سڀ شيون ان الله لاءِ آهن ، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب اچڻ جي ڪري هلاڪي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
ڪافر اهي آهن ، جيڪي آخرت تي دنيا جي حياتي ۽ لذتن سان محبت رکن ٿا ۽ ماڻهن کي الله جي دين جي واٽ کان جهلين ٿا ۽ دين کي ڏنگي واٽ ٿا سمجهن ۽ اهي پراهين گمراهي ۾ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
۽ اسان هر رسول کي ان جي قوم جي ٻوليءَ ۾ ئي موڪليوسون ته ، انهن کي بيان ڪري . پوءِ الله جنهن کي گهري گمراھ ڪري ۽ جنهن کي گھري هدايت ڏئي ۽ الله غالب ۽ دانا آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
۽ تحقيق موسيٰ کي پنهنجا معجزا ڏيئي موڪليوسون ته پنهنجي امت کي ڪفر جي اونداهيءَ مان ايمان جي نور جي طرف ڪڍي ۽ انهن کي الله جا زمانا ياد ڏياري . اهي نشانيون سڀني صابرن ۽ شاڪرن لاءِ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته ، توهان تي الله جون جيڪي نعمتون آهن ، سي ياد ڪريو .جڏهن توهان کي فرعون جي لشڪر کان ڇڏايائين . جن ڏاڍو عذاب ٿي ڏنو ۽ توهان جي پٽن کي قتل ٿي ڪيائون ۽ توهان جي ڌيئن ۽ عورتن کي ٻانهيون ڪري ٿي رکيائون . ان ۾ توهان جي رب جي طرفان وڏو عذاب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
۽ ياد ڪر جڏهن الله ڄاڻايو ته جيڪڏهن شڪرانو ڪندا ته انهن تي نعمتون وڌائيندس ۽ جيڪڏهن ڪفر ڪندا ته منهنجو عذاب ڏاڍو سخت آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
۽ جڏهن موسيٰ چيو ته جيڪڏهن توهان جيڪي به زمين ۾ آهيو ، سڀئي ڪفر ڪندؤ ته الله بي پرواھ ۽ ساراهيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
ڇا توهان کي توهان کان اڳين امتن جي خبر نه پهتي؟ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا . انهن جو حال صرف الله ئي ڄاڻي ٿو . انهن وٽ الله جا رسول معجزا کڻي آيا . پوءِ پنهنجا هٿ پنهجي واتن ۾ ورايائون ۽ چيائون ته ، جيڪو دين توهان جي هٿان موڪليو ويو آهي . اسان ان دين کي نه ٿا مڃون ۽ اسان کي شڪ آهي ته، جنهن دين جي طرف سڏيو ٿا ، تهمت ڪندڙ آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
رسولن چيو ته الله ۾ ڪو شڪ ناهي ، جنهن آسمان۽ زمين خلقيا آهن . توهان کي سڏي ٿو ته توهان جا گناھ بخشي ۽ توهان جي باقي عمر مدت جي رهڻ ڏئي . نبين کي چيائون ته ، اوهان اسان جهڙا ماڻهو آهيو . اسان کي انهن معبودن کان ڦرائڻ جو ارادو رکو ٿا ، جن جي اسان جي وڏن عبادت ٿي ڪئي . پوءِ اسان وٽ ڪا پڌري حجت آڻيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
انهن کي رسولن چيو ته اسان توهان جهڙا ماڻهو آهيون . مگر الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي گھري نبوت جو احسان ڪري ۽ اسان کي قدرت ناهي ته ، اسان توهان وٽ الله جي حڪم کان سواءِ معجزا کڻي اچون ۽ مومن ته الله تي ئي توڪل ڪندا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
۽ اسان الله تي توڪل ڇو نه ڪريون؟ تحقيق اسان کي مسنون واٽون ڏيکاريائين ۽ توهان جي ايذائڻ تي صبر ڪنداسون ۽ الله تي توڪل ته متوڪل ئي ڪندا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
۽ ڪافرن رسولن کي چيو ته ، اسان توهان کي پنهنجي زمين مان ڪڍنداسين يا اسان جي دين تي موٽي اچو . پوءِ انهن جي رب رسولن ڏي وحي موڪليو ته ظالمن کي هلاڪ ڪنداسين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
۽ اسان توهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ آباد ڪنداسين ۽ اها نعمت انهن لاءِ آهي ، جيڪي قيامت کان ۽ منهنجي سامهون بيهڻ کان ڊڄن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
۽ انهن فتح طلب ڪئي . هر هڪ هٺيلو ۽ سرڪش خوار ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
انهن ظالمن جي پٺيان دوزخ آهي ۽ انهن کي رت جو پاڻي پياريندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
۽ ان کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندو ۽ ڳڙڪائي نه سگهندو ۽ انهن کي هر طرف ۽ هر جاءِ کان موت جهڙو عذاب ايندو . نه مرندا ۽ نه ئي ڇڏائجندا ۽ انهن تي عذاب سخت هوندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
صفت انهن جي جن رب سان ڪفر ڪيو . قيامت جي ڏينهن سندن نيڪ عمل ڇار وانگر هوندا . جن تي جهڪ واري ڏانهن هوا لڳندي ۽ پنهنجي نيڪ عمل جي ڪنهن به ذري کي پڪڙي نه سگھندا . اهو ڪفر ۽ گمراهي حق کان پري ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
ڇا تون نه ٿو ڏسين ته ، الله پنهنجي حڪمت سان آسمان ۽ زمين خلقيا . جيڪڏهن گھرندو ته اوهان کي هٽائيندو ۽ نئين خلق کي آڻيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
۽ اها ڳالھ الله لاءِ ڏکي ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي