013 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 43 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗمّۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ ۭ وَالَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 1
المّرآ . هيءَ سورت قرآن جون آيتون آهن ۽ اهو قرآن جيڪو تنهن جي رب وٽان تو تي نازل ٿيو آهي ، سو حق آهي ۽ گھڻا ماڻهو ان تي ايمان نه ٿا آڻين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَللّٰهُ الَّذِيْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَاۗءِ رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ 2
الله اهو آهي ، جنهن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي مٿاهون ڪيو ، جنهن کي توهان ڏسو ٿا . پوءِ عرش ذاتي ۽ صفاتيءَ تي برابر ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي مقرر ڪيائين . سڀئي پنهنجي مقرر ڪيل مدت تي هلن ٿا . الله پنهنجي ڪمن جون تدبيرون معجزن سان ظاهر ڪري ٿو . من توهان قيامت ۾ الله کي ڏسڻ تي يقين ڪريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا ۭ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِيْهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ يُغْشِي الَّيْلَ النَّهَارَ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 3
۽ الله اهو آهي ، جنهن زمين کي ڊگھائي ۽ ويڪرائيءَ ۾ پکيڙيو ، جيئن ان تي حيوان هلن ۽ ان ۾ جبلن جون ميخون ۽ پاڻيءَ جون نهرون هنيائين ۽ زمين ۾ سڀئي ميوا جوڙا ٻه ٻه مختلف قسم جا ڪيائين . رات ڏينهن کي ڍڪي ٿي . تحقيق ان ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نصيحتون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَفِي الْاَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجٰوِرٰتٌ وَّجَنّٰتٌ مِّنْ اَعْنَابٍ وَّزَرْعٌ وَّنَخِيْلٌ صِنْوَانٌ وَّغَيْرُ صِنْوَانٍ يُّسْقٰى بِـمَاۗءٍ وَّاحِدٍ ۣ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلٰي بَعْضٍ فِي الْاُكُلِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 4
۽ زمين ۾ لاڳيتو ٽڪرا ٽڪرا آهن ۽ انگورن جا باغ آهن ۽ پوکون ۽ کجيون هڪڙي ٿڙ واريون گھاٽيون ۽ گھڻن ٿڙن واريون ڇڊيون هڪڙو ئي پاڻي پيئن ٿيون ۽ چاشنيءَ ۾ هڪڙا ٻين کان ڀلا آهن . تحقيق انهن ۾ پڻ دانائن لاءِ معجزا آهن.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنْ تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ ءَاِذَا كُنَّا تُرٰبًا ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ الْاَغْلٰلُ فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۚ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 5
اي ڪريم نبي ! تو کي عجب ٿو لڳي . جنهن وقت ٿا چون ته ، جڏهن اسان خاڪ ۾ هونداسون ۽ وري نئين سر خلقيا وينداسون . اهي سي آهن ، جن الله سان ڪفر ڪيو . انهن جي ڳچين ۾ ڳِٽيُون هونديون ۽ اهي دوزخ جا لائق آهن . جنهن ۾ هميشه هوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمُ الْمَثُلٰتُ ۭ وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِهِمْ ۚ وَاِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيْدُ الْعِقَابِ 6
۽ توکان الله جي احسان کان اڳ عذاب جي تڪڙ ٿا ڪن ۽ تحقيق انهن کان اڳ انهن جهڙن لاءِ عقوبتون گذريون آهن . تحقيق تنهنجو رب ماڻهن جي گناهن ڪرڻ تي به بخشش ڪندو آهي ۽ تحقيق تنهنجو رب ڏاڍي عقوبت وارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ مُنْذِرٌ وَّلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ 7ۧ
۽ ڪافر چون ٿا ته ، تنهنجي رب کان انهن جيڪو معجزو گھريو هو ، اهو انهن تي نازل ڇو نه ٿو ٿئي ؟ چؤ ته ، مان ته ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ مون کي الله هر قوم لاءِ هادي ڪيو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ اُنْثٰى وَمَا تَغِيْضُ الْاَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۭ وَكُلُّ شَيْءٍ عِنْدَهٗ بِمِقْدَارٍ 8
جيڪو مادين جي پيٽ ۽ رِحم ۾ آهي ۽ جيڪي عضوا گھٽ ٿين ٿا يا وڌن ٿا ، الله اهو ڄاڻي ٿو . الله وٽ هر شيءِ هڪ مقرر مدت لاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ 9
الله اندر جا ڳجھ ۽ ظاهر ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو وڏو ۽ مٿاهون آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويسَوَاۗءٌ مِّنْكُمْ مَّنْ اَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَنْ جَهَرَ بِهٖ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍۢ بِالَّيْلِ وَسَارِبٌۢ بِالنَّهَارِ 10
الله جي علم لاءِ ساڳي ڳالھ آهي . ڪير ڳجهي ڳالھ ڪري يا ظاهر ڪري ۽ جيڪو رات ۾ لڪل هجي يا جيڪو ڏينهن ۾ ظاهر هجي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَهٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنْۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهٖ يَحْفَظُوْنَهٗ مِنْ اَمْرِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ وَاِذَآ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْۗءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗ ۚ وَمَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ 11
هر ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ڏھ ملائڪ ان جي اڳيان ۽ پٺيان آهن . الله جي حڪم سان جنن ۽ بلائن کان ان تي نگاھ رکن ٿا . تحقيق الله ڪنهن قوم کان پنهنجي نازل ڪيل نعمت کسيندو ناهي . جيستائين اهي پنهنجي نفس جي اخلاقي حالت نه مٽائين . جڏهن الله ڪنهن قوم تي عذاب ڪرڻ گھرندو آهي ته ان کي ڪو به جھليندڙ ناهي ۽ ان قوم کي الله کان سواءِ ڪير به ڇڏائيندڙ ناهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَّطَمَعًا وَّيُنْشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ۚ12
۽ الله اهو آهي ، جيڪو توهان کي وِڄَ ڏيکاريندو آهي . جنهن ۾ موت جو خوف ۽ مينهن جي لالچ آهي ۽ ڳري بار وارا ڪڪر پيدا ڪندو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيْبُ بِهَا مَنْ يَّشَاۗءُ وَهُمْ يُجَادِلُوْنَ فِي اللّٰهِ ۚ وَهُوَ شَدِيْدُ الْمِحَالِ ۭ13
۽ رعد ملائڪ ۽ ٻيا ملائڪ به الله جي خوف کان الله جي حمد ۽ تسبيح چوندا آهن ۽ وِڄَ موڪليندو آهي ۽ ان سان جنهن کي گھري عذاب ڪندو آهي ۽ اهي ڪافر الله جي توحيد ۾ جنگ ٿا ڪن ۽ ان جي عقوبت سخت آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَهٗ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَسْتَجِيْبُوْنَ لَهُمْ بِشَيْءٍ اِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ اِلَى الْمَاۗءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهٖ ۭ وَمَا دُعَاۗءُ الْكٰفِرِيْنَ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ 14
۽ الله لاءِ سچو ڪلمو لاالٰه الا الله آهي . ۽ جن جي الله کان سواءِ عبادت ڪن ٿا ، اهي بت آهن . جيڪي انهن جو ڪنهن شيءِ سان چيو نه ٿا ڪن . مگر ڪو شخص پنهنجا هٿ کوھ جي پاڻيءَ جي طرف ڊگھا ڪري ته پاڻي منهنجي وات ۾ اچي ۽ اهو پاڻي ان کي نه ٿو پهچي ۽ ڪافرن جي هر عبادت ضايع ٿي وڃي ٿي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلِلّٰهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا وَّظِلٰلُهُمْ بِالْغُدُوِّ وَالْاٰصَالِ 15۞
۽ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، رضا سان يا زور سان انهن جا پاڇا هر صبح ۽ شام يعني هميشه الله لاءِ سجدو ڪن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلِ اللّٰهُ ۭ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ لَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ڏ اَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمٰتُ وَالنُّوْرُ ڬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَاۗءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۭ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَّهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 16
انهن کان پڇ ته آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ڪير آهي ؟ چؤ ته الله مالڪ آهي . چؤ ، پوءِ الله کان سواءِ بتن کي ڇو ٿا معبود ڪيو؟ جيڪي پنهنجي جسم جا به مالڪ ناهن . جيڪي نه نفعو ڪن نه نقصان . چؤ ته ، انڌو ۽ سڄو برابر ناهي نه ئي اونداهي ۽ سوجهرو ۽ بتن کي الله جا شريڪ ٿا ٺاهين . ڇا اهي الله وانگر مخلوق خلقين ٿا ؟ پوءِ انهن جو ڪهڙو خلقڻ مشابھ لڳي ٿو؟ چؤ ته ، الله هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بت ناهن ۽ هڪڙو ئي الله قهر ڪندڙ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَسَالَتْ اَوْدِيَةٌۢ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۭ وَمِـمَّا يُوْقِدُوْنَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاۗءَ حِلْيَةٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهٗ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْـحَقَّ وَالْبَاطِلَ ڛ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاۗءً ۚ وَاَمَّا مَا يَنْفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْاَرْضِ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ ۭ17
پوءِ آسمان مان سڀني لاءِ پاڻي نازل ڪيائين . پوءِ نهرون پنهنجي قدر وهيون . پوءِ پاڻي پنهنجي مٿان گجي کڻي آيو ، جنهن مان باھ ٻاريندا آهن . پوءِ زيور ٺاهڻ يا هٿيار ٺاهڻ لاءِ اهڙي ئي پاڻيءَ جي گجي ٺهندي آهي ۽ اهو مثال الله حق ۽ باطل لاءِ مقرر ڪيو آهي . پوءِ جيڪا گجي آهي سا اڇلي ويندي ۽ ڪفر وهي ويندو . پر جيڪو ايمان آهي ،سو پاڻيءَ جي مثال آهي . جيڪو ماڻهن کي فائدو ڏئي ٿو ۽ زمين ۾ باقي هوندو آهي . الله مومنن لاءِ اهڙا عجيب مثال بيان ڪندو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلِلَّذِيْنَ اسْتَجَابُوْا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنٰى ڼ وَالَّذِيْنَ لَمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَهٗ لَوْ اَنَّ لَهُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا وَّمِثْلَهٗ مَعَهٗ لَافْتَدَوْا بِهٖ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْـحِسَابِ ڏ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ۧ18
جن الله جو چيو مڃيو انهن لاءِ جنت آهي ۽ اهي ڪافر جن الله جو چيو نه مڃيو. انهن لاءِ سندن وٽ اهو سڀ مال هجي ، جيڪو زمين ۾ آهي ۽ ان جيترو ٻيو مال به هجي ۽ اهو مال ڪافر فديو ڏين . ته به انهن لاءِ قيامت ۾ برو ۽ سخت حساب آهي ۽ انهن جي جاءِ دوزخ آهي . جيڪا بري جاءِ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَـمَنْ يَّعْلَمُ اَنَّـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ كَمَنْ هُوَ اَعْمٰى ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ ۙ19
پوءِ جيڪو شخص ڄاڻي ته جيڪو قرآن تو تي لٿو آهي ، سو حق آهي ته ان جو مثال ان انڌي وانگر آهي ، جيڪو حق کي نه ڏسي نه سڃاڻي . الله جي نصيحت ته عقل وارا ئي قبول ڪندا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ يُوْفُوْنَ بِعَهْدِ اللّٰهِ وَلَا يَنْقُضُوْنَ الْمِيْثَاقَ ۙ20
اهي سي آهن ، جيڪ الله سان ڪيل وعدي کي پورو ڪن ٿا ۽ الله سان ڪيل وعدي کي نه ٿا ڀڃن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي