012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الرآ . هيءَ سورت آيتون پڌري لوح محفوظ جون آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
تحقيق قرآن عربي ٻوليءَ ۾ نازل ڪيوسون . من اوهين پروڙيو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
اسان هي بهترين قصو تو تي ، اسان جي تو ڏانهن وحي ڪرڻ ۾ بيان ڪريون ٿا ۽ تحقيق تون قرآن کان اڳ ان کان بي خبر هئين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
جڏهن يوسف پنهنجي پيءَ کي چيو ته ، اي منهنجا پيءُ ! مون ڏٺا آهن ، يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ . اهي مون کي سجدو ڪري رهيا هئا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
پيءَ چيو ته ، اي پٽ! ان خواب جي ڳالھ پنهنجي ڀائرن سان نه ڪجين .متان تو سان دشمني جو ڪو مڪر ڪن. تحقيق شيطان ماڻهو ءَ جو پڌرو دشمن آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ اي قلب! تنهنجو رب تو کي ان خواب وانگر چونڊيندو ۽ هن خواب جي تعبير سان علم لدني سيکاريندو ۽ الله تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي گھڻي نعمت ڪندو ۽ جيئن تنهنجي اڳين مائٽن تي گھڻي نعمت ڪيائين . جيئن ابراهيم ۽ اسحاق جيڪو خفي لطيفو آهي . تحقيق تنهنجو رب ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
تحقيق يوسف ۽ ان جي ڀائرن ۾ پُڇندڙن لاءِ معجزا آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
جڏهن چيائون ته يوسف ۽ ان جو ڀاءُ جيڪو عقل آهي . سي اسان جي پيءَ کي اسان کان گھڻا محبوب آهن . اسين طاقت واري جماعت آهيون . تحقيق اسان جو پيءُ پڌري گمراهيءَ ۾ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
يوسف کي قتل ڪريو يا بشريت جي زمين ۾ اڇلايوس ته اوهان لاءِ اوهان جي پيءَ جو منهن خالي ٿئي. دل جي مرڻ کان پوءِ نيڪو ڪارن جي جماعت ٿي پئجو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
انهن چَوَندڙن مان هڪ چيو ته يوسف کي قتل نه ڪريو ۽ ٻَڌي ، ان کي جسم جي اونهي کوھ ۾ وجهو . پوءِ ان کي ڪي راھ ويندڙ کڻي وڃن . جيڪڏهن صلاح ڪندڙ آهيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
چيائون ته ، اسان جا پيءَ ! تو کي ڇا ٿيو آهي ؟ جو اسان کي يوسف تي امين نه ٿو ڪرين. اسان ته ان جا خير خواھ آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
يوسف کي موڪل ڏي ته اسان سان راند ڪري ۽ ڊوڙي ۽ اسان ان جا نگهبان آهيون.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
چيائين ته ، اوهان جو ان کي وٺي وڃڻ ، مون کي ڏکارو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته متان ان کي حسد ۽ نفس جو بگھڙ کائي نه وڃي ۽ اوهان ان بگھڙ کان غافل آهيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
چيائون ته ، جيڪڏهن ان کي ٻاهريون بگھڙ شيطان کائيندو ته اسين قوي جماعت آهيون ۽ تحقيق اسان اُن وقت اسان خساري وارا آهيون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن ان کي وٺي آيا ته صلاح ڪيائون ته ان کي اونهي کوھ ۾ ڪيرايون ۽ اسان يوسف ڏانهن وحي موڪليوسين ته انهن کي جزا ڏينداسون . اهي پروڙين نه ٿا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ رات جو پنهنجي پيءَ وٽ آيا ۽ روئي رهيا هئا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چيائون ته ، اي اسان جا پيءَ! اسان پنهنجي جوانيءَ ۾ شڪار تي وياسون ۽ يوسف قلب کي اسان جي سامان وٽ ڇڏيوسين ۽ تون اسان تي اعتبار نه ڪندين ۽ جيڪڏهن اسان سچا آهيون.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ ڪوڙو رت لڳل يوسف جو پهرياڻ آندائون . يعقوب چيو ته ، يوسف قلب کي مارڻ جو ڪم اوهان جي نفس جوڙيو آهي .پوءِ ڀلو صبر ڪريان ٿو ۽ جيڪو توهان چئو ٿا ، ان تي الله کان همراهي ٿو گھران.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ پوءِ قافلو آيو جيڪو الله جي رحمت يعني مرشد آهي . پوءِ پخالي فيض نور جو موڪليائون . جنهن جذبي رحمت جو سج اوتيو . چيائين ته مون کي بشارت آهي ۽ هي نينگر ڀلو آهي ۽ ان کي سامان ۾ لڪائي ڇڏيائين ۽ الله ٿو ڄاڻي ته ان جا ڀائر ڇا ڪندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ ان کي ٿورڙن کوٽن سڪن جي عيوض وڪرو ڪيائون ۽ اهي بي رغبت وارن مان هئا.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي