111 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
111:1
تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ لَهَبٍ وَّتَبَّ 1ۭ
شال! ابو لهب جا هٿ ڌوڙ ۾ ڀرجندا ۽ هلاڪ ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
111:2
مَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ 2ۭ
ان کي سندس مال ۽ پٽ الله جي عذاب کان فائدو نه ڏيندو ۽ جن کي ڪسب ڪيائين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
111:3
سَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ ښ 3
سگهو ابو لهب جيڪو خساري جو مالڪ آهي ، دوزخ ۾ داخل ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
111:4
وَّامْرَاَتُهٗ ۭ حَمَّالَةَ الْحَطَبِ 4ۚ
۽ ان جي عورت جنهن ، نبي ڪريم جي واٽ ۽ سجدي جي جاءِ تي ڪاٺيون ڪري ڪنڊا ٿي وڌا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
111:5
فِيْ جِيْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ 5ۧ
پوءِ ان جي ڪنڌ ۾ ڦڙهن جو رسو پيو . پوءِ ڦاهو کائي مُئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي