011 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 123 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُهٗ ثُـمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ 1ۙ
الرآ . هيءَ سورت قرآن آهي . ان جون آيتون ۽ معجزا محڪم آهن . پوءِ الله وٽان پڌرا ڪيل آهن . جيڪو اندر جو واقف آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ اِنَّنِيْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِيْرٌ وَّبَشِيْرٌ 2ۙ
صرف هڪ الله جي عبادت ڪريو . تحقيق آئون الله جي طرفان اوهان کي ڊيڄاريندڙ ۽ بشارت ڏيندڙ آهيان
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَّاَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُـمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّيُؤْتِ كُلَّ ذِيْ فَضْلٍ فَضْلَهٗ ۭ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّىْٓ اَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيْرٍ 3
الله کان بخشش گھرو . پوءِ الله وٽ توبه ڪريو ته توهان کي رزق ڏئي ۽ ڀلو رزق اوهان لاءِ مقرر مدت تائين ۽ هر عمل ڪندڙ کي ان جو ثواب ڏئي ٿو ۽ جي ڦرندؤ ته آئون ڊڄان ٿو ته وڏي ڏينهن تي توهان کي متان عذاب ڏئي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَى اللّٰهِ مَرْجِعُكُمْ ۚ وَھُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 4
توهان سڀئي الله جي طرف موٽندؤ ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَلَآ اِنَّھُمْ يَثْنُوْنَ صُدُوْرَھُمْ لِيَسْتَخْفُوْا مِنْهُ ۭ اَلَا حِيْنَ يَسْتَغْشُوْنَ ثِيَابَھُمْ ۙ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ ۚ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 5
ڄاڻ ته منافق پنهنجا اُگھاڙا جسم ڍڪين ٿا . الله کان حيا ڪن ٿا . ڄاڻ ته جڏهن اهي ڪپڙا ڍڪين ٿا . تڏهن پڻ انهن جي اندر جو ڳجھ ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو ظاهر ڪن ٿا . الله اهو به ڄاڻي ٿو جيڪو انهن جي سينن ۾ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَا مِنْ دَاۗبَّةٍ فِي الْاَرْضِ اِلَّا عَلَي اللّٰهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَــقَرَّهَا وَمُسْـتَوْدَعَهَا ۭ كُلٌّ فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ 6
۽ زمين ۾ اهڙو چرندڙ ناهي ، جنهن جو رزق الله تي نه هجي ۽ الله کي ڄاڻ آهي ، ان جي قبر جي جاءِ جي ۽ ان جي نپائجڻ جي جاءِ ۽ ان جو پيدا ٿيڻ . سڀ شيون لوح محفوظ ۾ پڌريون لکيل آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ وَّكَانَ عَرْشُهٗ عَلَي الْمَاۗءِ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ الله اهو آهي جنهن آسمان ۽ زمين ڇهن ڏينهن ۾ خلقيا .۽ الله جو عرش پاڻيءَ تي هو ته جيئن توهان کي آزمائي ته ، اوهان جو ڪهڙوعمل ڀلو آهي؟ ۽ جي چئين ٿو ته ، ماڻهو مرڻ کان پوءِ حساب ڏيڻ لاءِ اٿندا ته ڪافر چون ٿا ته ، اها ڳالھ ته ان جو پڌرو جادو آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَىِٕنْ اَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ اِلٰٓى اُمَّةٍ مَّعْدُوْدَةٍ لَّيَقُوْلُنَّ مَا يَحْبِسُهٗ ۭ اَلَا يَوْمَ يَاْتِيْهِمْ لَيْسَ مَصْرُوْفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 8ۧ
۽ جيڪڏهن اسان انهن تان مقرر عمر جي آخر تائين عذاب کي پوئتي ٿا ڪيون ته ، ڪافر چون ٿا ته ڇو عذاب پوئتي ڪيَوَ؟ ڄاڻ ته جنهن ڏينهن انهن تي عذاب ايندو ته واپس نه ويندو ۽ انهن کي اهو عذاب گھيرو ڪندو ، جنهن تي چٿرون ٿا ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَىِٕنْ اَذَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنَّا رَحْـمَةً ثُـمَّ نَزَعْنٰهَا مِنْهُ ۚ اِنَّهٗ لَيَـــُٔــوْسٌ كَفُوْرٌ 9
۽ جيڪڏهن انسان کي پاڻ وٽان رحمت چکايون ٿا ۽ پوءِ جي اها کسيون ٿا ته ،اهو نا اميد ٿئي ٿو ۽ ڪفرانِ نعمت ڪري ٿو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَلَىِٕنْ اَذَقْنٰهُ نَعْمَاۗءَ بَعْدَ ضَرَّاۗءَ مَسَّتْهُ لَيَقُوْلَنَّ ذَهَبَ السَّـيِّاٰتُ عَنِّيْ ۭ اِنَّهٗ لَفَرِحٌ فَخُــوْرٌ 10
۽ جيڪڏهن انسان کي سختي رسڻ کان پوءِ ڪا نعمت ڏيون ٿا ته مُرڪي ٿو ۽ چئي ٿو ته مون تان برايون ۽ غم لهي ويا . تحقيق انسان گھڻو خوش ٿيندڙ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِلَّا الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 11
مگر جن صبر ڪيو ۽ صالح عمل ڪيائون ته انهن لاءِ مغفرت ۽ وڏو ثواب آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ وَضَاۗىِٕقٌۢ بِهٖ صَدْرُكَ اَنْ يَّقُوْلُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ جَاۗءَ مَعَهٗ مَلَكٌ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ نَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ وَّكِيْلٌ ۭ12
پوءِ متان مشرڪن جي رضا لاءِ اسان جي نازل ڪيل نصيحتن مان ڪي ڇڏي ڏِين ، جو اهي مشرڪن کي نه ٿيون وڻن ۽ پنهنجو سينو ان ڪري تنگ نه ڪر، جو ڪافر تو کي چون ٿا ته ، نبيءَ تي خزاني جي کاڻ ڇو نه ٿي نازل ٿئي؟ يا نبيءَ سان گڏ ملائڪ ڇو نه آيو ؟ تون فقط ڊيڄاريندڙ آهين ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ فَاْتُوْا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهٖ مُفْتَرَيٰتٍ وَّادْعُوْا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 13
۽ ڪافر چون ٿا ته نبيءَ قرآن پاڻ جوڙيو آهي. چؤ ته قرآن جهڙين سورتن جهڙيون ڏھ ڪوڙيون جوڙي آڻيو ۽ الله کان سواءِ بتن کي به همراھ ڪريو، جيڪي ڪري سگهو . جيڪڏهن توهان سچا آهيو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاِنْ لَّمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَكُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَآ اُنْزِلَ بِعِلْمِ اللّٰهِ وَاَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ 14
پوءِ جيڪڏهن بت توهان جو چيو نه ڪن ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته ، قرآن الله وٽان نازل ٿيل آهي . پوءِ الله کان سواءِ ٻيو معبود ناهي . پوءِ ڇا توهان الله کي مڃيندؤ؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا وَزِيْنَتَهَا نُوَفِّ اِلَيْهِمْ اَعْـمَالَهُمْ فِيْهَا وَهُمْ فِيْهَا لَا يُبْخَسُوْنَ 15
۽ جيڪو شخص دنيا ۽ دنيا جي سينگار جوارادو ڪري ته ان کي سندس عملن جي جزا دنيا ۾ ئي ڏينداسون ۽ ان کي عملن ۾ نقصان نه ڪنداسون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ اِلَّا النَّارُ ڮ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوْا فِيْهَا وَبٰطِلٌ مَّا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 16
۽ ان شخص لاءِ آخرت ۾ باھ کان سواءِ ڪجھ به ناهي ۽ جيڪي عمل دنيا ۾ ڪيائين سي ضايع ٿي ويندا ۽ انهن جا ڪم ڪوڙا ۽ تباھ ٿي ويندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ وَيَتْلُوْهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِهٖ مِنَ الْاَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهٗ ۚ فَلَا تَكُ فِيْ مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۤ اِنَّهُ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 17
پوءِ اهو ڪريم نبي ، جنهن تي رب جو نور قرآن آهي ۽ ان نورکي جبرئيل ملائڪ پڙهي ٿو، جيڪو الله جي طرفان شاهد آهي ۽ ان قرآن کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب آهي . جيڪو سردار ۽ رحمت آهي ۽ اهي مومن ان کي مڃين ٿا . پوءِ مڪي جي جماعتن مان جيڪو قرآن کي نه مڃيندو ، ان لاءِ دوزخ جي جاءِ آهي . پوءِ ان وعدي تي شڪ نه ڪر . تحقيق الله جو وعدو سچو آهي . پر گھڻا ماڻهو الله جي وعدي تي ايمان نه ٿا آڻين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُعْرَضُوْنَ عَلٰي رَبِّهِمْ وَيَقُوْلُ الْاَشْهَادُ هٰٓؤُلَاۗءِ الَّذِيْنَ كَذَبُوْا عَلٰي رَبِّهِمْ ۚ اَلَا لَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَي الظّٰلِمِيْنَ ۙ18
۽ ان کان وڏو ڪير ظالم آهي ؟ جيڪو الله تي ڪوڙ ٻَڌي ۽ اهي الله وٽ روبرو ڪيا ويندا ۽ شاهد ملائڪ چوندا ته هنن ظالمن الله تي ڪوڙ ٻَڌو هو . ڄاڻ ته ظالمن تي الله جي لعنت آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّذِيْنَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَيَبْغُوْنَهَا عِوَجًا ۭ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 19
جيڪي الله جي واٽ کان جھلين ٿا ۽ دين جي واٽ کي ڏنگو ٿا سمجھن ۽ اهي آخرت کي نه ٿا مڃين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياُولٰۗىِٕكَ لَمْ يَكُوْنُوْا مُعْجِزِيْنَ فِي الْاَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ ۘ يُضٰعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۭ مَا كَانُوْا يَسْتَطِيْعُوْنَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوْا يُبْصِرُوْنَ 20
اهي الله کي زمين تي عذاب ڏيڻ کان عاجز نه ٿا ڪري سگھن ۽ الله کان سواءِ انهن کي ڪو ڇڏائيندڙ ڪونهي . انهن کي ٻيڻو عذاب ٿيندو . اهي دنيا ۾ نه حق کي ٻُڌي سگهندا هئا ۽ نه ڏسي سگهندا هئا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي