104 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 9 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَيْلٌ لِّكُلِّ هُمَزَةٍ لُّمَزَةِ 1ۙ
سڀني عيب ڪندڙن ۽ گلا خورن لاءِ هلاڪي آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويۨالَّذِيْ جَمَعَ مَالًا وَّعَدَّدَهٗ 2ۙ
مال کي ميڙين ۽ مال کي ڳڻين ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَحْسَبُ اَنَّ مَالَهٗ ٓ اَخْلَدَهٗ 3ۚ
اهو ڀانئين ٿو ته ، مون وٽ مال هميشه هوندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا لَيُنْۢبَذَنَّ فِي الْحُطَمَةِ ڮ 4
خبردار ! ان کي دوزخ ۾ اڇلائبو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحُطَمَةُ 5ۭ
تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ، دوزخ جي باھ ڪيتري سخت هوندي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروينَارُ اللّٰهِ الْمُوْقَدَةُ 6ۙ
اها باھ الله جي ٻاريل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالَّتِيْ تَـطَّلِــعُ عَلَي الْاَفْــِٕدَةِ 7ۭ
جنهن جي گرمي دلين تي چڙهندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّهَا عَلَيْهِمْ مُّؤْصَدَةٌ 8ۙ
تحقيق اها باھ انهن تي طبقا ڪئي ويندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفِيْ عَمَدٍ مُّمَدَّدَةٍ 9ۧ
جيڪا ڊگھن ٿنڀن ۾ ٺهيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي