102 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اَلْهٰىكُمُ التَّكَاثُرُ 1ۙ
توهان کي مالن ۽ پُٽن ۽ لشڪرن جي گھڻائي ايمان کان جھلي ٿي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويحَتّٰى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ 2ۭ
ايستائين جو قبرن کي پهچو ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ 3ۙ
خبردار ! سگهو ئي ان جي عاقبت ڄاڻندؤ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ 4ۭ
پوءِ خبردار ! سگهو ئي ان جي عاقبت ڄاڻندؤ .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويكَلَّا لَوْ تَعْلَمُوْنَ عِلْمَ الْيَقِيْنِ 5ۭ
خبردار! جيڪڏهن هوند ان هٺ جي يقين جي علم سان عاقبت ڄاڻو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويلَتَرَوُنَّ الْجَــحِيْمَ 6ۙ
جيڪڏهن هوند باھ کي ڏسو ته هٺ نه ڪريو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ لَتَرَوُنَّهَا عَيْنَ الْيَقِيْنِ 7ۙ
پوءِ هوند ان کي دنيا ۾ يقين جي اک سان ڏسو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويثُـمَّ لَتُسْـَٔــلُنَّ يَوْمَىِٕذٍ عَنِ النَّعِيْمِ 8ۧ
ته پوءِ البته ان ڏينهن اوهان کان پڇندا . ان ڏينهن دنيا جي ذري ذري جو حساب ڪندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي