101 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اَلْقَارِعَةُ 1ۙ
قيامت ڪيتري وڏي آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمَا الْقَارِعَةُ 2ۚ
قيامت دلين کي هيبت سان وڍيندي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْقَارِعَةُ 3ۭ
۽ ڪنهن تو کي ڄاڻايو ته قيامت ڪهڙي ٿيندي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروييَوْمَ يَكُوْنُ النَّاسُ كَالْفَرَاشِ الْمَبْثُوْثِ 4ۙ
ان ڏينهن ماڻهو وڇايل وهاڻي وانگر ٿي پوندا . گھڻائي ۽ گھاٽائيءَ جي ڪري مڪڙن جي مثل .جيئن اهي هوا ۽ آسمان جي وچ ۾ وڇايا وڃن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ الْمَنْفُوْشِ 5ۭ
۽ جبل ڦري زمين ۾ وکريل اُنَ وانگر ٿي پوندا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَمَّا مَنْ ثَــقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ 6ۙ
پوءِ جنهن جون ميزان ۾ تُرڻ وقت چڱايون ڳريون ٿينديون .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَهُوَ فِيْ عِيْشَةٍ رَّاضِيَةٍ 7ۭ
ته اهو وڻندڙ عيش ۾ هوندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ 8ۙ
۽ پر جنهن جو ميزان جو ترازو هلڪو ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاُمُّهٗ هَاوِيَةٌ 9ۭ
ته ان جو وطن دوزخ هندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا هِيَهْ ۭ10
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ، دوزخ ڪهڙي آهي؟
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروينَارٌ حَامِيَةٌ ۧ11
تمام گرم باھ آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي