100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
قسم آهي جنگ ڪندڙ گھوڙن جو ، جيڪي وڏي هڻڪار هڻن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
اهي گھوڙا جيڪي سنبن سان باھ ٻارين ٿا . جڏهن پٿرن تي گَسن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
پوءِ اهي گھوڙا ، جيڪي صبح جي وقت دشمنن تي لُٽ ڪن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
اهي گھوڙا جيڪي دز اٿارين .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
پوءِ دز اٿڻ جي وقت دشمنن جي صفن جي وچ ۾ پهچن ٿا .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
تحقيق ڪافر الله کي نه ٿو مڃي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
۽ اهو پنهنجي زبان سان ڦرڻ جي شاهدي ٿو ڏئي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
۽ اهو مال سان محبت جي ڪري ڏاڍو بخيل آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
ڇا اهو نه ٿو ڄاڻي ته ، جڏهن اهي اٿندا جيڪي قبرن ۾ آهن .
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويوَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
ته جيڪو انهن جي سيني ۾ ڪفر ۽ ايمان آهي ، سو ظاهر ٿيندو .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
تحقيق الله ماڻهن کي جزا ڏيڻ جي وقت گھڻو ڄاڻندو آهي .
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي