1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

010 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 109 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن

قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

10:1

الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْحَكِيْمِ 1‏۝

الرآ . هيءَ سورت آيتون ڪتاب محڪم جون آهن ، جيڪو لوح محفوظ ۾ آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:2

اَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا اَنْ اَوْحَيْنَآ اِلٰى رَجُلٍ مِّنْھُمْ اَنْ اَنْذِرِ النَّاسَ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنَّ لَھُمْ قَدَمَ صِدْقٍ عِنْدَ رَبِّهِمْ ڼ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ اِنَّ ھٰذَا لَسٰحِرٌ مُّبِيْنٌ 2‏۝

ڇا ماڻهن کي هن ڳالھ جو عجب آهي ته الله هڪ مرد ڏانهن وحي موڪليو ، جيڪو ماڻهن مان آهي ته ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ مومنن کي بشارت ڏئي ته ، تحقيق ان جا پَير رب وٽ ثابت سچا آهن . ڪافر چون ٿا ته ، تحقيق هيءُ نبي ساحر آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:3

اِنَّ رَبَّكُمُ اللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ ۭ مَا مِنْ شَفِيْعٍ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ اِذْنِهٖ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 3‏۝

تحقيق توهان جو مالڪ الله آهي . جنهن پنهنجي نور صفاتيءَ مان آسمان ۽ زمين ڇهن ڏينهن ۾ خلقيا . پوءِ پنهنجو نور ذاتي عرش تي ظاهر ڪيائين . جنهن سان سڀني شين جون تدبيرون ڪري ٿو . الله جي حڪم کان سواءِ ڪو به ڇڏائيندڙ ڪونهي . اهو ئي الله اوهان جو مالڪ آهي . پوءِ ان جي عبادت ڪريو .پوءِ ڇو نه ٿا نصيحت وارا ٿيو؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:4

اِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيْعًا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ اِنَّهٗ يَبْدَؤُا الْـخَلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ لِيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالْقِسْطِ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَھُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيْمٍ وَّعَذَابٌ اَلِيْمٌۢ بِـمَا كَانُوْا يَكْفُرُوْنَ 4‏۝

اوهين سڀ الله جي طرف موٽندؤ . اهو الله جو سچو وعدو آهي . تحقيق اهو ئي مخلوقن کي پيدا ڪري ٿو ۽ ماري ٿو . البته انهن کي جزا ڏيندو ، جن ايمان آندو ۽ عدل سان صالح عمل ڪيائون ۽ جن ڪفر ڪيو ، انهن جي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي آهي ۽ سندن ڪفر ڪرڻ جي سبب ڏکوئيندڙ عذاب آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:5

ھُوَ الَّذِيْ جَعَلَ الشَّمْسَ ضِيَاۗءً وَّالْقَمَرَ نُوْرًا وَّقَدَّرَهٗ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّـنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ مَا خَلَقَ اللّٰهُ ذٰلِكَ اِلَّا بِالْـحَقِّ ۚ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 5‏۝

الله اهو آهي جنهن سج کي پنهنجي نور صفاتيءَ مان پيدا ڪيو. جيڪو وڏو مشعل آهي ۽ چنڊ جيڪو نور صفاتي آهي ۽ ان لاءِ گھر ۽ برج جوڙيائين جيئن سالن جو علم ڄاڻو ۽ ان تي حساب ڪريو . اهي سڀ شيون الله پنهنجي حڪمت سان خلقيون آهن . انهن ۾ عالِمن لاءِ ظاهر معجزا آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:6

اِنَّ فِي اخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا خَلَقَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَّقُوْنَ 6‏۝

تحقيق راتين ۽ ڌينهن جي ڦرڻ ۾ ۽ جيڪي شيون اسان آسمانن ۽ زمين ۾ خلقيون آهن ، انهن ۾ متقين لاءِ معجزا آهن.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:7

اِنَّ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا وَرَضُوْا بِالْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا وَاطْمَاَنُّوْا بِهَا وَالَّذِيْنَ ھُمْ عَنْ اٰيٰتِنَا غٰفِلُوْنَ 7‏۝ۙ

تحقيق جيڪي قيامت کان نه ٿا ڊڄن ۽ دنيا جي لذتن ۾ راضي آهن ۽ انهن ۾ غافل آهن ۽ جيڪي اسان جي معجزن کان غافل آهن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:8

اُولٰۗىِٕكَ مَاْوٰىھُمُ النَّارُ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 8‏۝

انهن جي جاءِ باھ آهي . ڇو ته انهن بڇڙا ڪم ڪيا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:9

اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهْدِيْهِمْ رَبُّھُمْ بِاِيْـمَانِهِمْ ۚ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ فِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 9‏۝

تحقيق جيڪي ايمان آڻين ۽ صالح عمل ڪن ، انهن کي الله ايمان جي واٽ سان هدايت ڪندو . انهن جي هيٺان نهرون جاري هونديون ، نعمتن وارين جنتن ۾ .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:10

دَعْوٰىھُمْ فِيْهَا سُـبْحٰنَكَ اللّٰهُمَّ وَتَحِيَّتُھُمْ فِيْهَا سَلٰمٌ ۚ وَاٰخِرُ دَعْوٰىھُمْ اَنِ الْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ؀ۧ١0

بهشت ۾ چوندا ته اي اسان جا رب ! تون پاڪ آهين ۽ انهن جي جنت ۾ تعظيم ۽ پاڻ ۾ سلامتيءَ جي دعا گھرڻ ۽ ٻيو جنت ۾ چوندا ته ، الله جو شڪر آهي . جيڪو جهانن کي نپائي ٿو . .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:11

وَلَوْ يُعَجِّلُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَھُمْ بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ اِلَيْهِمْ اَجَلُھُمْ ۭ فَنَذَرُ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا فِيْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُوْنَ ۝11

۽ جيڪڏهن الله ماڻهن جي پٽڻ جي بد دعا سگهو قبول ڪري جيئن چڱِي خير جي دعا جلدي قبول ڪري ته ، هوند سگهو انهن جي عمر پوري ڪري ۽ هلاڪ ڪرين . پوءِ انهن کي ڇڏيون ٿا جيڪي سرڪشي ڪن ٿا ۽ غفلت جي ڪري قيامت کان نه ٿا ڊڄن .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:12

وَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنْۢبِهٖٓ اَوْ قَاعِدًا اَوْ قَاۗىِٕمًا ۚ فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهٗ مَرَّ كَاَنْ لَّمْ يَدْعُنَآ اِلٰى ضُرٍّ مَّسَّهٗ ۭ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِيْنَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ ؀12

جڏهن ماڻهوءَ کي ڪو مرض ٿئي ٿو ته ، الله کان سُتي ، ويٺي ۽ بيٺي دعا گھري ٿو . پوءِ جڏهن ان جو مرض لاهيون ٿا ته هلي ڪفر ڪندو آهي . ڄڻ ته اسان کان رسيل مرض جي دعا گھري ڪانه هئائين . اهڙا طرح بڇڙا عمل به ڪافرن کي ڀلا ڪري ٿا ڏيکاريون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:13

وَلَقَدْ اَهْلَكْنَا الْقُرُوْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوْا ۙ وَجَاۗءَتْھُمْ رُسُلُھُمْ بِالْبَيِّنٰتِ وَمَا كَانُوْا لِيُؤْمِنُوْا ۭ كَذٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِيْنَ ؀13

تحقيق اوهان کان اڳي گھڻيون جماعتون هلاڪ ڪيوسين ، جڏهن انهن ڪفر ڪيو ۽ انهن وٽ معجزن سان رسول آيا ۽ رسولن تي ايمان ڪونه آندائون . اهڙي طرح ڪافرن جي قوم کي جزا ڏينداسون .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:14

ثُـمَّ جَعَلْنٰكُمْ خَلٰۗىِٕفَ فِي الْاَرْضِ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لِنَنْظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُوْنَ ؀14

پوءِ هن امت کي زمين ۾ اڳين امتن جو خليفو ڪيوسين ته جيئن ان کان پوءِ ڏسون ته ڪهڙا عمل ٿا ڪن ؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:15

وَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيَاتُنَا بَيِّنٰتٍ ۙ قَالَ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا ائْتِ بِقُرْاٰنٍ غَيْرِ ھٰذَآ اَوْ بَدِّلْهُ ۭ قُلْ مَا يَكُوْنُ لِيْٓ اَنْ اُبَدِّلَهٗ مِنْ تِلْقَاۗئِ نَفْسِيْ ۚ اِنْ اَتَّبِعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ ۚ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ ؀15

۽ جڏهن انهن تي قرآن جو آيتون پڙهيون ٿيون وڃن ته ، ڪافر جيڪي قيامت کان نه ٿا ڊڄن ، چون ٿا ته ، اسان ڏانهن اهڙو قرآن نه آڻ يا مٽائي ڏي . چؤ ته مون کي لائق نه آهي ته مان پاڻ قرآن کي مَٽايان . مان ته ان جو تابع آهيان ، جيڪو مون ڏانهن موڪليو ويو آهي . مان ڊڄان ٿو ته جيڪڏهن پنهنجي رب جي بي فرماني ڪندس ته وڏي ڏينهن تي مون کي عذاب ڪندو .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:16

قُلْ لَّوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا تَلَوْتُهٗ عَلَيْكُمْ وَلَآ اَدْرٰىكُمْ بِهٖ ڮ فَقَدْ لَبِثْتُ فِيْكُمْ عُمُرًا مِّنْ قَبْلِهٖ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ؀16

چؤ ته جيڪڏهن الله گھري ها ته ، مان اوهان تي قرآن کي نه پڙهان ها ۽ نه قرآن جي حڪمن بابت اوهان کي پروڙايان ها . تحقيق مون نبوت کان اڳ توهان ۾ عمر جو گھڻو عرصو گذاريم . ڇو نه ٿا عقل ڪريو؟

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:17

فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَوْ كَذَّبَ بِاٰيٰتِهٖ ۭ اِنَّهٗ لَا يُفْلِحُ الْمُجْرِمُوْنَ ؀17

پوءِ ان کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي ؟ جيڪو الله تي ڪوڙ ٻَڌي ٿو ۽ الله جي آيتن تي ايمان نه ٿو آڻي . تحقيق ڪافر ڪامياب نه ٿيندا .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:18

وَيَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّھُمْ وَلَا يَنْفَعُھُمْ وَيَقُوْلُوْنَ هٰٓؤُلَاۗءِ شُفَعَاۗؤُنَا عِنْدَاللّٰهِ ۭ قُلْ اَتُنَبِّـــــُٔوْنَ اللّٰهَ بِـمَا لَا يَعْلَمُ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ ؀18

۽ ڪافر الله کان سواءِ بتن جي پوڄا ڪن ٿا . جيڪي انهن کي نه نقصان ڪن ٿا نه نفعو ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته اهي بت انهن کي الله کان ڇڏائيندا . چئو ڇا الله کي اها ڳالھ ٿا ٻڌايو جيڪا ان جي علم ۾ نه آهي ؟ نه آسمانن ۾ نه زمين ۾ . پاڪائي آهي الله کي ۽ اهو اوهان جي شرڪن کان مٿاهون آهي.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:19

وَمَا كَانَ النَّاسُ اِلَّآ اُمَّةً وَّاحِدَةً فَاخْتَلَفُوْا ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَھُمْ فِيْـمَا فِيْهِ يَخْتَلِفُوْنَ ؀19

۽ آدم جو سڀ اولاد نوح تائين هڪڙي دين تي هئو . پوءِ دين مختلف ٿيا ۽ جيڪڏهن الله جو حڪم نه هجي ها ته تنهنجي رب جيڪا تقدير لکي ، جنهن ۾ اختلاف ٿا ڪن . تنهن تي عذاب نه ڏيندس.

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي

10:20

وَيَقُوْلُوْنَ لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۚ فَقُلْ اِنَّـمَا الْغَيْبُ لِلّٰهِ فَانْتَظِرُوْا ۚ اِنِّىْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ ۝ۧ20

۽ چون ٿا ته نبيءَ تي اهو معجزو ڇو نه نازل ٿيو جيڪو رب کان گھرون ٿا ؟ چؤ ته غيب جو علم ته الله کي آهي . پوءِ عذاب جا منتظر ٿيو . آئون پڻ اوهان جي عذاب جو منتظرآهيان .

— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي