001 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۙ
سڀ ساراھ الله کي جُڳائي ، جيڪو سڀني جهانن جو مالڪ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويالرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 3ۙ
دنيا ۽ آخرت جي رحمت جو مالڪ آهي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويمٰلِكِ يَوْمِ الدِّيْنِ 4ۭ
۽ آخرت ۾ قيامت جي ڏينهن جو ، پڌرو بادشاهه ٿيندو.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِيَّاكَ نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ 5ۭ
خاص تنهنجي عبادت ٿا ڪريون ۽ عبادت ۾ توکان ئي همراهي ٿا گهرون.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروياِھْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ 6ۙ
معبود! اسان کي پنهنجي سڌي واٽ ڏيکار.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويصِرَاطَ الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ ۹
جيڪا نبين جي واٽ آهي . جن تي تو نعمت ڪئي.
— قاضي ميان عزيزالله مٽيارويغَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّاۗلِّيْنَ 7ۧ
انهن يهودين جي واٽ نه، جن تي تنهنجو ڏمر ٿيو ۽ نه گمراهه نصارن جي واٽ.
— قاضي ميان عزيزالله مٽياروي