099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا 1ۙ
زَمين زلزلي ۾، وَٺبي جنهن وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا 2ۙ
۽ آڻي ٻَهر اُڇليا، ڀُون پَنهنجا بار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَا 3ۚ
۽ ماڻهو مُنجِھي چوڻ لڳي، ته هِن سان ڪِهڙي ڪار؟
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا 4ۙ
تڏهن خاڪ کُلي خبر ڏئي، ٻولي ٻول ٻِيهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحبِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا 5ۭ
ته اِن پر آگي تُنهنجي، ڪَهيو کيس قهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا اَعْـمَالَهُمْ 6ۭ
تڏهن ماڻهو موٽڻ ماڳ تي، ڌُريون ڌاروڌار، ته پَسِ پورهيا پانهنجا، اَکيَن سان اِظهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَـمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَهٗ 7ۭ
پوءِ چِک چَڱائـِي، جو ڪري، سا ڏسندو وَٽ ڏاتار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ 8ۧ
پڻ لوڙِيندو لاچار، جو ڀور بَرابر بوڇ ڪري.
— مولوي حاجي احمد ملاح