098 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ مُنْفَكِّيْنَ حَتّٰى تَاْتِيَهُمُ الْبَيِّنَةُ 1ۙ
پَري ٿيا نه پاڻ ۾، جِن ڪَئـِي ڪُفر جِي ڪار، قائـِل ڪنهن ڪِتاب جا، پڻ پانڌوڙِي ٻِئي پار، تان اَچينِ حُجت اَلله وَٽان،
— مولوي حاجي احمد ملاحرَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ يَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةً 2ۙ
ڪو مُرسل مڻيادار، پَڙهي پاڪ اُنهن، تي، ڪي نُسخا نُور نِبار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفِيْهَا كُتُبٌ قَيِّمَةٌ 3ۭ
سَچا سَنِيها جن ۾، قائـِم بَرقرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا تَفَرَّقَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ 4ۭ
۽ قائـِل ڪِنهن ڪِتاب جا، دَڙي ٿيا نه ڌار، مگر آيون اُنهن کي، جڏهن نِشانيون نِروار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَآ اُمِرُوْٓا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ ڏ حُنَفَاۗءَ وَيُقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَذٰلِكَ دِيْنُ الْقَيِّمَةِ 5ۭ
۽ اُنهن کي آڇيو، ڪُجھ نَه وِيو ڌاران هِن دَرڪار، ته آجا ٿِي اَلله کي، پُوڄِينِ ساڻ پِيار، مُنهن مالِڪ هيڪ ڏَي، بُتن کان بيزار، ۽ پُورو پَڙهنِ نماز کي، لَهنِ سَقِيمن سار، ۽ دِين اُهو دائـِمًا، پُورهيو پائيدار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ فِيْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِيَّةِ 6ۭ
سَچ ته صاحِب پاڪ کان، ڦِريا جي بِه فُجّار، ڪَنان اَهل ڪِتاب، جي پڻ جي ڀائـِينِ ڀائـِيوار، اُهي سَدا ساڪِن باھِ ۾، آهِين مَنجھ آزار، اُهي آهِن سارئَ خلق ۾، گھڻو خراب، خُوار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ 7ۭ
مَڃيو جِن مُورهِين، پڻ چڱا ڪيئون ڪم ڪار، اُهي آهِن سارِئَ خلق ۾ ، نِرمل نيڪو ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحجَزَاۗؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهٗ 8ۧ
آهي اَجر اُنهن جو، پَنهنجي پَروَر پار، بَرسِئل باغ بِهشت جا، وڻ سان، وڻ قطار، هَلنِ هيٺان اُن جي، گَـٺيون مَنجھ گُلزار، اُهي ساڪِن اُن سُکن ۾، سارِي سَڀ ڄَمار، سائـِين سَرهو اُنهن کان، اُهي سَرها کائنسِ سار، اِي هار، سَڀئـِي تِنهن هارِ، جو پَنهنجي پَروَر کان ڊنون.
— مولوي حاجي احمد ملاح