096 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ 1ۚ
پَڙھ، پَنهنجي پالڻهار جي، نالي ساڻ نِبار، جوڙيا جِنهن جَھان ۾، سَڀ جِنسون ۽ جِنسار،
— مولوي حاجي احمد ملاحخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ 2ۚ
اُپايو اِنسان کي، ڄَر مان ڄاڻڻ هار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ 3ۙ
پَڙھ، ۽ پَروَر تُنهنجو، آهي ڪَرم ڌَڻِي ڪَلتار،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ 4ۙ
ڪانِي ڪانهن قلم سان، سيکاريو سَتّار،
— مولوي حاجي احمد ملاحعَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ 5ۭ
سو سيکاريئـِين ماڻهئـِين، جِنهن جِي سُڌ نه هُيَنِ سار،
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّآ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَيَطْغٰٓى 6ۙ
سَچ ته سَمجھيو پاڻ کي، جي ماڻهوءَ مالدار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰى 7ۭ
ته مُرڳو چَڙهندو مَٿڀرو، خُوءِ ۾ پَئـِي خُوار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰى 8ۭ
تُنهن جي پَروَر پار، آهي مُقرَر موٽڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَرَءَيْتَ الَّذِيْ يَنْهٰى 9ۙ
ڪِئين ٿو پَنهنجي قَلب م، تِنهن ڀُلئي کي ڀائـِين؟ ته بَندش بَندي تي وِجھي، سَجدي، کان سائـِين،
— مولوي حاجي احمد ملاحعَبْدًا اِذَا صَلّٰى ۭ10
جَڏهن پَڙهيائـِين، نَمِي فَرض نماز جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَرَءَيْتَ اِنْ كَانَ عَلَي الْهُدٰٓى ۙ11
ڳُوڙهو هِن ڳالھ تي، وَرتئـِي ڪو ويچار؟ جي هُوندو هِدايت تي، ثابِت هِي سَچار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰى ۭ12
ڪِ پاڙي پَند پَرهيز جِي، آڇ ڪَيئن اِظهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَرَءَيْتَ اِنْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ13
تفاوت ٻي طرف جو، تورئـِي ڪو تڪرار، جي ڪوڙ ڪيائـِين پَڌرا، يا مُنهن موڙئـِين ٻئي پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ يَعْلَمْ بِاَنَّ اللّٰهَ يَرٰى ۭ14
ڇا، ناهِسِ سُڌ سَنڀار، ته سَڀ ڪُجھ ڏِسي ڏيہ ڌڻي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّا لَىِنْ لَّمْ يَنْتَهِ ڏ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِيَةِ ۙ15
خَبردار، خَطا کان، جي بَس نه ڪندو بَدڪار، ته وَٺنداسون وارن ۾، جي نَيا سِر نِروار،
— مولوي حاجي احمد ملاحنَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ۭ16
نِراڙ نِسورو ڪوڙ تي، کوٽو خطا ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلْيَدْعُ نَادِيَهٗ ۙ17
پوءِ وَرته وَهارن پانهنجي، ٻاڪاري ٻِيهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحسَـنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ ۙ18
سِگھو سَڏِينداسون اَسِين، تڪڙو تُرت تيار، دَوزخ جي دربانن کي، قهر جن جِي ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّا ۭ لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ ڙ 19
لَڙھ تِنهنجي لَڳ نَه تون، هِنيون رَک هوشيار، ۽ جُھڪ اڳيون جَبّار، ۽ ويجھو ٿِي وِصال کي.
— مولوي حاجي احمد ملاح