091 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 15 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
وَالشَّمْسِ وَضُحٰىهَا ۽ 1
آهي ساک سِج جِي، پڻ اُنهِئَ جِي اوڀار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْقَمَرِ اِذَا تَلٰىهَا ۽ 2
پڻ ساک سُونهاري چنڊ جِي، وَرتئينسِ پُٺ جنهن وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالنَّهَارِ اِذَا جَلّٰىهَا ۽ 3
شاهِد ڏِينهن ڏيہ ۾، جڏهن لَڳَسِ جَھلڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاللَّيْلِ اِذَا يَغْشٰـىهَا ۽ 4
پڻ ساک آهي سانِجھڙي، جَڏهن چَڙهي مَٿي چوڌار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالسَّمَاۗءِ وَمَا بَنٰىهَا ۽ 5
۽ اُڀ، ڪِ اَڏاوت اُن جِي، اَکِيَن اڳيان اِظهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْاَرْضِ وَمَا طَحٰىهَا ۽ 6
۽ ڀُون، ڪِ پَکيڙ اُن جِي، عَجَب رَنگ اِسرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَنَفْسٍ وَّمَا سَوّٰىهَا ۽ 7
جِئ ڪِ جوڙڻ اُن جو، سَرکو نَڪ نِروار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَلْهَمَهَا فُجُوْرَهَا وَتَقْوٰىهَا ۽ 8
پوءِ بُرو ۽ ڀلو اُن جو، سَمجھايَسِ سَتار،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَا ۽ 9
پَڪ ڇُٽو، جِنهن پاڪ رَکيَسِ، ڪَنان غير غبار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰـىهَا ۭ10
پوءِ هَرگـز کاڌئـِين هار، جِنهن گَندو ڪَيَسِ گُناھ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ بِطَغْوٰىهَآ ۽ 11
ڪوڙِين ڪُوڙ ثَمود ڪيا، جا هُئـِي قوم ڪَذاب، سَبَب سَندنِ سَرڪشِي، ۽ بُڇڙايَن هَر باب،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذِ انْۢبَعَثَ اَشْقٰىهَا ۽ 12
تُھ نِڀاڳو تِن مَنجھان، جَڏهن کڙو ٿيو، خراب،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَقَالَ لَهُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ نَاقَةَ اللّٰهِ وَسُقْيٰهَا ۭ13
پوءِ آکِيَن نَبِي اَلله جي، ته اُٺ اَلله جِي ۽ آب،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَكَذَّبُوْهُ فَعَقَرُوْهَا ۱ فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُمْ بِذَنْۢبِهِمْ فَسَوّٰىهَا ۽ 14
پوءِ ڪُوڙو کِيـَس ڪوٺيؤن، جو نَبِي نيڪ نواب، پوءِ گُڏيائوسِ، گوڏن کان، ڪري تڪڙ تاب، پوءِ کَڻِي هَنيا خاڪ تي، سَندنِ رَبَّ، وَهاب، سَبَب سَندِن گُناھ جي، پوءِ ڦيرئـِينِ سانئر شتاب،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا يَخَافُ عُقْبٰهَا ۧ15
۽ آخِر کينِ عَذاب، نَه ڏَري، ڏِيڻ ۾، اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاح