009 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 129 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ 1ۭ
ربَّ ۽ سندس رسول جِي، بلڪل بيزارِي، تن کان، مَنجھان مشرڪن، جن سان ٻَڌان ٻارِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَسِيْحُوْا فِي الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مُـخْزِي الْكٰفِرِيْنَ 2
پوءِ چار مَهِينا مُلڪ گُھمو، ۽ سُڌرکو سارِي، ته ناهيو ڏاڍا ڏيہ ۾، بلڪل کان بارِي، ۽ خالق خُواري، مَڙهِيندڙ سِر مُنڪرِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْـحَجِّ الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِيْۗءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ڏ وَرَسُوْلُهٗ ۭ فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۭ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ اَلِــيْـمٍ 3ۙ
ربَّ ۽ سندسِ رسول جي، حَج وڏي جي وار، آهي مِڙِني ماڻهئـِين، چِتاءُ اِهو چوڌار، ته الله جَلَّ جَلَالہ، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، آهن بِنه بيزار، پَرجي، پُوڄارين کان پوءِ، جي موٽيا، ته موچارو اِهو، آهي اوهان ڪاڻ، ۽ جي مُوڙهل مُنهن موڙيان، ته پَڪ پروڙيو پاڻ، ته نه آهيو، ڏاڍا ڏيہ ۾، صاحب کان سُڄاڻ، ڪَر ڪفارن ڄاڻ، سُورن ڀَري، ساڙ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ثُـمَّ لَمْ يَنْقُصُوْكُمْ شَيْــــًٔـا وَّلَمْ يُظَاهِرُوْا عَلَيْكُمْ اَحَدًا فَاَتِـمُّــوْٓا اِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ اِلٰى مُدَّتِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 4
مگر مُشرڪن مان، جن سان، ڪيان قول قرار، وَرِي ڪُجھ نه ٽوڙيو، توهان سان تڪرار، موٽِي مَدد نه ڏنائون، توهان تي تڪرار، پوءِ مُدّت اُن عَهْد جِي، پاريو تنِين پار، پَرور ڏي پيار، پوتِي پاڪ رکندڙن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا انْسَلَخَ الْاَشْهُرُ الْـحُرُمُ فَاقْتُلُوا الْمُشْرِكِيْنَ حَيْثُ وَجَدْتُّـمُــوْهُمْ وَخُذُوْهُمْ وَاحْصُرُوْهُمْ وَاقْعُدُوْا لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَـخَــلُّوْا سَـبِيْلَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پوءِ جڏهن مهِينا مَنع جا ، پُورا ٿيا پَڪ، پوءِ ماريو مشرڪن کي، لَڌانِ جتي لاشڪ، وَٺونِ، وڪوڙيونِ وَرِي، سوگھو ڪريونِ سُڪ ۽ وِهونِ وَٺِي لَڪ، جِتان اَچڻ جو آسَرو. پوءِ، جي تو به ڪيؤن تمام، پڻ قائم ڪيون نماز، ۽ صدقائون ڏِنائون، صدق مان، پوءِ ڇَڏِ واٽ سندنِ، وَريام، آگو ربُّ عَلام، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ اَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ اسْتَجَارَكَ فَاَجِرْهُ حَتّٰي يَسْمَعَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُـمَّ اَبْلِغْهُ مَاْمَنَهٗ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُوْنَ 6ۧ
۽ جي مَنهجان مشرڪن، ڪو پوي، سَندئـِي سِرڻ سامَ، سام جَھِلينسِ، تان سُڻي، قادِر جو ڪَلام؛ پُهچائـِينسِ جاءِ پناه تي، واري تون وريام!، هِن لئي، ته ماهِيت مام، اِها قوم سَمجھي ڪِين ڪِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَيْفَ يَكُوْنُ لِلْمُشْرِكِيْنَ عَهْدٌ عِنْدَ اللّٰهِ وَعِنْدَ رَسُوْلِهٖٓ اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ عِنْدَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ ۚ فَـمَا اسْتَقَامُوْا لَكُمْ فَاسْتَقِيْمُوْا لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 7
ربَّ، ۽ سندس رسول وٽ، ڪِهڙا ٻيلارن ٻول؟ مگر مسجد پاڪ وٽ، ڪيان جن سان قول، پوءِ، جي اُڀَينِ، سَنوان اوهان سان، ته اُڀي وَڃو اَڏول، تَقوا جن جو ٽول، ڌُڻَي به، ڌُڻَي اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَيْفَ وَاِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوْا فِيْكُمْ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ يُرْضُوْنَكُمْ بِاَفْوَاهِهِمْ وَتَاْبٰي قُلُوْبُهُمْ ۚ وَاَكْثَرُهُمْ فٰسِقُوْنَ 8ۚ
ڪِهڙا قول اُنهن جا، جي هَلينِ اوهان تي وَس، ته اَصل نه ڏسن اوهان ۾، قول، قَرابت ڪَس، ولِها سندنِ وات کان، رکن اوهان سان رَس، ۽ آهن اَندر اُنهن جا، اِنڪاري اَوس، ۽ گُٿل ڪنان گَس، گھڻا گناهي، اُنهن مَنجھان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِشْتَرَوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ثَـمَنًا قَلِيْلًا فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 9
وِڪيون ٿورِي وَٿ مٿي، آيتون اَلله، پوءِ روڪيون سَندسِ راه، جيڪي ڪن، سي ڪِنا ڪَمڙا!
— مولوي حاجي احمد ملاحلَا يَرْقُبُوْنَ فِيْ مُؤْمِنٍ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُعْتَدُوْنَ 10
نه ڏِس قَرابت، قول کي، ڪِنهن مومن ۾ مُور، بِلڪل بي شُعور، اُهي ليڪو لَنگھيل لوڪ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ ۭ وَنُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 11
پوءِ، جي موٽيا مُور، قائم ڪيؤن نماز کي، ۽ ڏِنائون، ڏِني مَنجھان زڪوٰتون ضرور، پوءِ ڀاء اوهان جا، دِين ۾؛ ۽ کوليون خُوب مَذڪور، جي پورِي رکن پَروڙ، ڪارڻ تِنهين قوم جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوْا فِيْ دِيْنِكُمْ فَقَاتِلُوْٓا اَىِٕمَّةَ الْكُفْرِ ۙ اِنَّهُمْ لَآ اَيْـمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُوْنَ 12
پوءِ، سونهن سندنِ، جي ٽوڙِيون، سندنِ پَرن پُڃاڻ، ۽ دِين ڌڪاريو اَهنجو؛ پوءِ ڪُهو ڪافِر اڳواڻ، ناهي اِيمان اُنهن ۾، ڪامَنوتِي مَن ساڻ، اُهي هارِيا مانَ هاڻ، ساڱائينِ ڪِي صَحِي!.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْـمَانَهُمْ وَهَـمُّوْا بِاِخْرَاجِ الرَّسُوْلِ وَهُمْ بَدَءُوْكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ ۭ اَتَـخْشَوْنَهُمْ ۚ فَاللّٰهُ اَحَقُّ اَنْ تَـخْشَوْهُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 13
ڪوه نه لَڙو، تنهن قوم سان، جن ٽوڙيا اِعتبار؟ ۽ قَصد ڪيائون ڪڍڻ جو، مُرسل کي، مُختار، اُنهن ڇيڙ ڇاڙ ڪِئي، اوهان سين اوّل بار، ڪِ اوهين ڪَنبوٿا اُنهن کان؟ ته هادِي وَڏو حَقدار، ڪَنبڻ جِنهن کان ڪار، جي وِسهڻ وارا آهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَاتِلُوْهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّٰهُ بِاَيْدِيْكُمْ وَيُـخْزِهِمْ وَيَنْصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُوْرَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِيْنَ ۙ14
لاشڪ لڙو اُنهن سان، ڏِيندنِ ڏُک ڏاتار، اَوهان جي هَٿن سان، پڻ ڪَندنِ خُوب خُوار ۽ ڏِيندان مَدداُنهن تي، مُلڪ جو مُختار، ۽ ڪَندو بَرقرار، مَن مؤمن قوم جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوْبِهِمْ ۭ وَيَتُوْبُ اللّٰهُ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 15
۽ ڪاوڙ تن جي قَلبن جِي، لَحظي ۾ لاهي، ۽ موٽٖي تنهن تي، مِهرسان، جنهن چڱٖي کي چاهي، ۽ الله ئـِي آهي، پَرکِيندڙ ۽ پارکُو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تُتْرَكُوْا وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ جٰهَدُوْا مِنْكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلَا رَسُوْلِهٖ وَلَا الْمُؤْمِنِيْنَ وَلِيْجَةً ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ16
ڀانيان ڇا؟ ته ڇَڏبان، جڏهن جاچيوئـِي نَه جَبار، اوهان مَنجھان، اُنهن کي، جي جنگ لَڙن جُونجھار، پڻ ڪِنهن کي نه دوست ڌاريون، سِوا ربَّ، ستار، پڻ سندسِ سچي رسول ري، ۽ دِيندارن ڌار، ۽ خدا خبردار، جيڪي ڪريو، تن ڪمن کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا كَانَ لِلْمُشْرِكِيْنَ اَنْ يَّعْمُرُوْا مَسٰجِدَ اللّٰهِ شٰهِدِيْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حَبِطَتْ اَعْـمَالُهُمْ ښ وَفِي النَّارِ هُمْ خٰلِدُوْنَ 17
ناهي ڪُفارن ڪار، ته وَسَائـِينِ، سي وَرِي، مَسجدون اَلله جون، آهن جڏهن اِظهار، شاهِد پنهنجو پاڻ تي، اُتي سندنِ اِنڪار، اُهي، آهن سي، جن جا، ڪٖيريا وِيا ڪم ڪار، ۽ اُهي ساڙِي سَڀ ڄَمار، دوزخ دَهشت دار ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا يَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَاَقَامَ الصَّلٰوةَ وَاٰتَى الزَّكٰوةَ وَلَمْ يَـخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰٓى اُولٰۗىِٕكَ اَنْ يَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِيْنَ 18
مَسجدون الله جون، اُهي ڪندا آباد، جن مالِڪ مڃيو، پڻ محشر جو مِيعاد، ۽ پڙهيؤن نمازون ۽ خير ڏِنئون، اَڀرن کي امداد، ۽ ڌڻِي ڌاران ڪِين ڊِنا، ڀَر ڪِنهن بيداد، پوءِ آهن مَٿي اِرشاد، سَوا ٽن مان، سي صَحِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْـحَاۗجِّ وَعِـمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ كَـمَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَجٰهَدَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰه ِ ۭ لَا يَسْتَوٗنَ عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۘ19
ڇا پاڻِي پيارڻ پانڌيِين، پڻ ڪعبي جو ڪم ڪار، مُقرّر ڪيان مَٽ تِنهن؟، مَڃيو جِنهن موچار، الله ۽ آخر ڏينهن کي، پڻ جوٽِي جَنگ جُونجھار، ربَّ سچي جي راه ۾؛ سي سَرکانَه، وَٽ سَتّار، ۽ ڏاڍن کي ڏاتار، سَنِئين سُهائي ڪانه ڪا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَهَاجَرُوْا وَجٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ ۙ اَعْظَمُ دَرَجَةً عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
آندو جن ايمان، پڻ ساڻيھ سِڌاريا، ۽ لَڙيا ربّ جي راھ ۾، سندسِ سِر سان، ۽ سامان، وَڏاسي واحد وَٽ، مَنجھ مَرتبي ۽ مانَ، ۽ بِهتر بي گمان، اُهي سوڀارا سَڀِين پَرِين.
— مولوي حاجي احمد ملاح