089 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
وَالْفَجْرِ 1ۙ
ساک سُنهاري صُبح جِي، جڏهن کِڙي ٿو کَڙو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَيَالٍ عَشْرٍ 2ۙ
۽ سانده ڏَھ راتيون،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ 3ۙ
۽ جوڙو ۽ ڇَڙهو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّيْلِ اِذَا يَسْرِ 4ۚ
۽ جڏهن رات جَھان ۾، ڏئي مَٿان لوڪ لَڙهو،
— مولوي حاجي احمد ملاحهَلْ فِيْ ذٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِيْ حِجْرٍ 5ۭ
ڇا، پَڌرو نه آھِ پَڙهو، اُن ۾ عقلدار لئي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ۽ 6
واقِعا اُنهِئَ وَقت جا، وِيچارئـِي نَه ويهي؟ ته تُنهنجي آگي، عاد سان، ڪَئـِي چَر ڪيهِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۽ 7
اِرَم اُچِيَنِ ماڙِيِين، نِشانيون نيهِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّتِيْ لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ ۽ 8
جوڙ جِن جيهِي جُڙي ڪانه جَھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَثَـمُوْدَ الَّذِيْنَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ 9
۽ سَرڪش قوم ثَمود جِي، ڇاڪِين پَيئـِي تو ڪَر؟ ڏُونگر جي ڏَنِي ۾، جِن گَھڙي ٺاهيا گَھر،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَفِرْعَوْنَ ذِي الْاَوْتَادِ ۽ 10
۽ فِڪر نَه ڪيئـِي فِرعون ڏي، جو سِيخُن ساڻ سَٻر،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ ۽ 11
جِنِين مُلڪ مُنجھائـِيا،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَكْثَرُوْا فِيْهَا الْفَسَادَ ۽ 12
شَهرِين پَکيڙيئون شَر،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ ڌ 13
پوءِ اُنهن تي وار عَذاب جو، پَلٽايو پَروَر،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ ۭ14
تُنهن جو رَبّ رَهبر، چارِي پُوري چونڪ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَمَّا الْاِنْسَانُ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ رَبُّهٗ فَاَكْرَمَهٗ وَنَعَّمَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَكْرَمَنِ ۭ15
پَر پوءِ اِن اِنسان جا، آهِن اِهڙا پار، ته جڏهن پَرکيسِ پَر ۾، پنهنجو پالڻهار، عطا ڪَريسِ آبرو، ۽ سُکيو رکيسِ سَتار، پوءِ وَاکاڻيسِ تِنهن وار، ته سانيمِ مون سان سُک ڪيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَمَّآ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَهَانَنِ ۚ16
پر جڏهن پَرکي اُن کي، پوءِ تَون ڪريسِ تَنگ، پوءِ تڏهن جوٽي جَنگ، ته خُدا کِيـَمِ خُوار ڪيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ ۙ17
خُدا خُوار ڪِين ڪيو، اِي اُٽلو اَنهن جا پار، ته ڏِيو مانَ، نه مُورهِين، ڪِنهن ڇِني ڇوري ٻار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا تَحٰۗـضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ ۙ18
۽ مانِي مِسڪِين جي، تايا ٿيو نه تيار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَتَاْكُلُوْنَ التُّرَاثَ اَكْلًا لَّمًّا ۙ19
۽ کِيَن کي، کايو وَڃو، تَرڪو سَڀ تڪرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّتُحِبُّوْنَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا ۭ20
۽ پُورِي رِيت پِيار، رَکو ميڙِيَل مال سان.
— مولوي حاجي احمد ملاح