085 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 22 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
وَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْبُرُوْجِ 1ۙ
آهي ساک اُڀ جي، جو طَبقن ساڻ تيار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْيَوْمِ الْمَوْعُوْدِ 2ۙ
پڻ ڏاڪي واري ڏِينهن جِي، وَعدي واري وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَشَاهِدٍ وَّمَشْهُوْدٍ 3ۭ
۽ جي اکين اڳيان سَڙيا، ڪِ بِيٺل ڀَر ڪنار،
— مولوي حاجي احمد ملاحقُتِلَ اَصْـحٰبُ الْاُخْدُوْدِ 4ۙ
ته کاڻا خان کَڏن جا، مَرِي ٿِيا مُردار،
— مولوي حاجي احمد ملاحالنَّارِ ذَاتِ الْوَقُوْدِ 5ۙ
جي کَڏون ڀَريَل باھِ سان، ٻارِيندڙ ٻَهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُوْدٌ 6ۙ
ويٺا هُئا جِنهن وار ۾، اُتسِ ڪري قطار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّهُمْ عَلٰي مَا يَفْعَلُوْنَ بِالْمُؤْمِنِيْنَ شُهُوْدٌ 7ۭ
۽ مُؤمن، ڪ مُؤمنياڻِيَن سان، ڪَيئون جا قهرِي ڪار، اُهي آهِن شاهِد اُنهن تي، اَکين ڏِٺا اِظهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا نَقَمُوْا مِنْهُمْ اِلَّآ اَنْ يُّؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 8ۙ
۽ وير نه وَرتوَن اُنهن کان، ڌاران هِن دَرڪار، ته آڻِين صِدق اَلله تي، جِنهن جو ڏيهن تي ڏهڪار، نَنڍِي وَڏِي نِعمت تي، هَر حَمد جو حَقدار،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 9ۭ
آهي اُڀ ۽ ڀُون ۾، هِڪ اُن جو اِختيار، ۽ صاحِب رَبَّ، سَتّار، آهي شاهِد هَر ڪِنهن شئ مٿي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيْقِ ۭ10
مُؤمن ۽ مُؤمنياڻين سان، ڪيا جِن ڪَلُور، موٽِي، نه موٽيا، پوءِ تن لئي، منڱر آھِ مُور، پڻ سَندا ساڙي سُور، سَزا سَدائـِين تِن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۀ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِيْرُ ۭ11
مَڃيو جِن مُورهين، پڻ چڱا ڪيائون ڪَم، اُنهن لئي باغ بهشت جا، هِڪ ٻِي ساڻ هَم، جِن هيٺان نِرمل نَهرون، ڌوڪِينِ ٿيون دَم دَم، جَنت مَنجھ جَنم سَڀنيان وَڏِي سوڀ اِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيْدٌ ۭ12
پَڪ پَڪڙ، تو ڌڻئَ جِي، آهي سَخت گھڻِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّهٗ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيْدُ ۚ13
پِهرِين پيدا پاڻ ڪري، سڀڪا سَگھ سُهڻِي، ۽ موٽائي مُوئن کي، گَڏي پُرز پڻي،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَهُوَ الْغَفُوْرُ الْوَدُوْدُ ۙ14
۽ اُهو مَرهِيندڙ، مِهرڀَريو،
— مولوي حاجي احمد ملاحذُو الْعَرْشِ الْمَجِيْدُ ۙ15
ڌُريان تخت ڌڻي،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَعَّالٌ لِّمَا يُرِيْدُ ۭ16
خلقِيندڙ کـڻي، گُھري جِھڙي گھاٽ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْجُــنُوْدِ ۙ17
تو ڪا ڪَل قومن جي؟ جِن جي هُئـِي هيڏي هاڪ،
— مولوي حاجي احمد ملاحفِرْعَوْنَ وَثَـمُــوْدَ ۭ18
فِرعون ۽ ثمود جِي، ڪِيئن هِڪدم ٿيا هلاڪ،
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ تَكْذِيْبٍ ۙ19
اُٽلو آهِن ڪُوڙ ۾، ڦِريا جي ڦيرياڪ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاللّٰهُ مِنْ وَّرَاۗىِٕهِمْ مُّحِيْــطٌ ۚ20
۽ چارِي چوڌارِي اُنهن جي، آهي رَبَّ اَفلاڪ،
— مولوي حاجي احمد ملاح