084 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 25 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اِذَا السَّمَاۗءُ انْشَقَّتْ 1ۙ
هِي هيڏو آسمان، جڏهن چِيرجِي چاڪ ٿيو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 2ۙ
۽ سَندسِ سائـِينءَ کي، مَڃٖي، ڦاٽوسِين فرمان، ۽ حَقِيقت ۾ حَق اُتِس، ته مَڃي حُڪم حَنان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا الْاَرْضُ مُدَّتْ 3ۙ
۽ جَڏهن زَمِين سَندرِجي ٿيئـِي مِڙيوئـِي ميدان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَلْقَتْ مَا فِيْهَا وَتَخَلَّتْ 4ۙ
۽ اُڇلِيئين جيڪي اُن ۾،ٿيئـِي صفا ڪنان سامان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 5ۭ
۽ مَڃَيئـِين سَندسِ مالِڪ کي، ۽ هي حَقَّ اُتسِ هر آن،
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِيْهِ 6ۚ
ته پَنهنجِي پرور پاڪ ڏي، اَوس اي اِنسان! ٿِيندِين تون ٿِيَڻ کي، چِچِريَل مُنهن چالان، پوءِ بيشڪ بي گمان، ٿِيندِين رَبَّ جي رُوبَرُو. ڪيڏي مَهل ڪَهِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ 7ۙ
ٿِيندِين رَبَّ جي رُوبَرُو، ڪيڏي مَهل ڪَهِي، پر جِنهن کي جِيَڻي هَٿ ۾، پوءِ ڏِني ويئـِي وَهِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَّسِيْرًا 8ۙ
پوءِ لِک ۾ ليکو لاهِبَسِ، سُهکي رِيت صَحِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّيَنْقَلِبُ اِلٰٓى اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا 9ۭ
۽ لِکين لاڳ لَهِي، گھوٽ وري، گَھر پَنهنجي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ وَرَاۗءَ ظَهْرِهٖ ۙ10
پر جِنهن کي مِليو پُٺ ڪنان، کٻي هَٿ کَرڙو،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَسَوْفَ يَدْعُوْا ثُبُوْرًا ۙ11
هَي هَي! ڪندو هَرڙو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّيَصْلٰى سَعِيْرًا ۭ12
اُهو آٽَندو آڳه ۾،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّهٗ كَانَ فِيْٓ اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا ۭ13
سَرهو پَنهن جي ساٿ ۾، هوڪي ڏِينهن، هِت ڪَرڙو،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّهٗ ظَنَّ اَنْ لَّنْ يَّحُوْرَ ڔ 14
هو گُمان ڪندو گَرڙو، ته وَرِي مُور نَه موٽندو.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلٰٓى ڔ اِنَّ رَبَّهٗ كَانَ بِهٖ بَصِيْرًا ۭ15
هائو، اُن جي حال کي، سَندسِ رَبَّ، سَتّار، ڏِسندڙ آھِ ڏيہ ڌَڻِي، واقِف وار، وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَآ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ۙ16
پوءِ ساک سُرخِي جي نه ڏيان؟ جا سَڀ ڪِنهن سانجِھي وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّيْلِ وَمَا وَسَقَ ۙ17
۽ وَرِي وَرِي رات جِي، پڻ جي ويڙِهين وِي وَلهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ۙ18
۽ مٿان، مُوجب مَنزِلين، جڏهن چَنڊ ڏِئي چمڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحلَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ ۭ19
ته هِڪ حال کان ٻئي حال ۾، بِلڪُل بَرقرار، آهِينِ اُن تي اَچِڻيون، سي تَبدِيليون تَڪرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَـمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۙ20
پوءِ آخِر، ڪِنهن آڌار؟ مُنڪر مَڃِينِ ڪِين ڪِي.
— مولوي حاجي احمد ملاح