082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
جڏهن اُڀ اَڌ ٿيو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
۽ جڏهن ڇڻيا نِکٽ نُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
۽ جڏهن گھارا هَڻِي گڏيا، دَرياءَ، دَرياءَ دُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
۽ جَڏهن مُئا، جِيرَا ٿيا، اُٿيا اَهل قُبور،
— مولوي حاجي احمد ملاحعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
تڏهن سَڀَڪو، سو سَمجِھيو، پـِيَسِ خُوب پرور، ته جيڪي هِن جَھان ۾، مال ڇَڏئـِين مَجبُور، يا بار ڀَري ڀَرپُور، مُڪائـِين مَهند ڀَرو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
توکي، اي انسان! ڪِنهن مالِڪ سان مَغرور ڪيو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جو ڌڻي سڳورو تو سَندو، اَپر سَندسِ اِحسان، جِنهن ڀورا! ڪَئـِين ڀور گَڏي، توکي جوڙيو مَنجھ جھان، پوءِ برابر بَنايَئـِي، بارِ بي گمان،
— مولوي حاجي احمد ملاحفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
توکي جوڙي تيار ڪيو، جيئن رِٽ رِٽي رَحمان، تِنهن صُورت ۾ سُبحان، پوءِ سَڄو سِينگاري ڪَريم.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
هوشيار ٿيو هُوڙ!، مَهندان ڳَرو معاملو، اُٽلو عَدل جي ڏِينهن کي، اَوهِين ڪوٺيو ڪُوڙ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
۽ آهِن چونڪي آن مَٿي، ڪي زورآور ضرور،
— مولوي حاجي احمد ملاحكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
ڪاتِب، نيڪ ڪُلهن تي، مُوڙھ نه جِن کي مُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
پُورِي رَکن پَرُور، جيڪي ڪريو جَھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
بيشڪ نيڪ بهشت ۾، جت سدا باغ بهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
آهن بلڪل باھ ۾، بُڇڙا ۽ بَدڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
آخِر ڏِينهن اِنصاف جي، پُهچندا، تِنهن پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
۽ دائـِم اُن دوزخ کان، سي دَم نه آهِن ڌار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ ڪِهڙو ڏينهن اِنصاف جو؟ ڪِنهن اَنت ڏِنئِي اِظهار!،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
۽ ڪِهڙو ڏينهن اِنصاف جو؟ ڪِنهن ٻُڌايَئي ٻِيهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
ڪري هِڪ، نه ٻي شخص جِي، واھِر جِنهين وار، ۽ اُنهِئَ ڏِينهن اِختيار، آهي هِڪ اَلله جو.
— مولوي حاجي احمد ملاح