008 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يَسْــــَٔـلُوْنَكَ عَنِ الْاَنْفَالِ ۭ قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَالرَّسُوْلِ ۚ فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَاَصْلِحُوْا ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۠ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 1
پُڇنِئي کَٽيل مال جا، حِصّا ۽ حَقدار، چئو، کَٽيل مال، خاص، سندو صاحبِ جِي سرڪار، پڻ سندسِ پيغمبر پاڪ جو؛ پوءِ ڏور ڀر ڏاتار، ۽ لڳ لاڳاپا پاڻ ۾، سُڌاريو سالار!، ربَّ ۽ سندس رسول جا، رَهو تابِعدار، اَوهين اِعتبار،جي آڻڻ وارا آهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَجِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَاِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ اٰيٰتُهٗ زَادَتْهُمْ اِيْـمَانًا وَّعَلٰي رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ ښ 2
مُؤمن اُهي ئـِي مُور، ته جڏهن ياد الله ڪجي، ته دِليون سندنِ دَهشت کان، ڀِڄي ٿِين ڀَرپُور، ۽ جڏهن پَڙهجن اُنهن مَٿي، اُن مولي جا مذڪور، ته ڪن اُنهن کي، اِيمان ۾، زياده ضرور، ۽ ڌارِيان ڌِڪي دُور، رکن پنهنجي ربّ مٿي.
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۭ
جي پڙهن نِمازون پُوريون، ۽ ڪڍن زڪوٰة ضرور،جو مال ڏِنوسون، تِنهن مَنجھان؛
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا ۭ لَهُمْ دَرَجٰتٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْـمٌ 4ۚ
مؤمن اُهي مُور، درجا سندنِ ڌڻِي وَٽ؛ اُنهن لئي مُقّرر مَنظور، بخشش پڻ ڀَرپُور، ۽ سڳورِي سانجاڻ ڪا.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَــمَآ اَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنْۢ بَيْتِكَ بِالْـحَقِّ ۠ وَاِنَّ فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ لَكٰرِهُوْنَ 5ۙ
جيئن، توکي ڪَڍيو، تو گَھران، تَنهنجي سائينءَ، مَٿي سَچ، ۽ هُئو ڳَـڻـتـيون کيندڙ ڳَچ مؤمن مان، ميڙڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُـجَادِلُوْنَكَ فِي الْـحَقِّ بَعْدَمَا تَبَيَّنَ كَاَنَّـمَا يُسَاقُوْنَ اِلَى الْمَوْتِ وَهُمْ يَنْظُرُوْنَ 6ۭ
دوست !دَڙِين سچ ۾، توسان، تِنهن پُڃاڻ، کُلي خبر اُنهن تي، ڪر موت پاسي پاڻ، هَلائـِجن هاڻِ، ۽ مُنهن ۾، ڏِسن پِيا مورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ يَعِدُكُمُ اللّٰهُ اِحْدَى الطَّاۗىِٕفَتَيْنِ اَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّوْنَ اَنَّ غَيْرَ ذَاتِ الشَّوْكَةِ تَكُوْنُ لَكُمْ وَيُرِيْدُ اللّٰهُ اَنْ يُّـحِقَّ الْـحَقَّ بِكَلِمٰتِهٖ وَيَقْطَعَ دَابِرَ الْكٰفِرِيْنَ 7ۙ
۽ جڏهن ٻِن ٻارين مان، هڪ ٻارِيءَ جو ٻِيهار، واحد، ڏپيو واعِدو، ته اُها اوهان هار، ۽ اوهين اِرادو پِيا ڪريو، ته بنا هٿيار، پَنوهار، اوهان ڪارڻ قافلو؛ ۽ ٿو گُھري رَبُّ، غَفّار، ته حق کي، حق ثابت ڪري، پَنهنجي حُڪمن سان هيڪار، پڻ ڪڍي سَنديون ڪُفار، پَٽي پارون پَٽ مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحلِيُحِقَّ الْـحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُوْنَ 8ۚ
تان حق کي، حَق ثابت ڪري، ۽ باطل ڪري ناس، تان هوندي کي، هوندو ڪري، ۽ ناس کي، ناس، ۽ وَر ته رَهن ناراس، هَلندڙ ٻاهر، حُڪمن کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ تَسْتَغِيْثُوْنَ رَبَّكُمْ فَاسْتَجَابَ لَكُمْ اَنِّىْ مُـمِدُّكُمْ بِاَلْفٍ مِّنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ مُرْدِفِيْنَ 9
جڏهن دانهيان پنهنجي ڌڻئ کي، پوءِ ٻُڌويسينِيان ٻاڪار، ته مدد ڏيندوسِينيان، مَلڪن سان،هڪ ٻئي پُٺيان هزار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا جَعَلَهُ اللّٰهُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِهٖ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَمَا النَّصْرُ اِلَّامِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ الله نه، اِهو ڪم ڪيو، مگر مبارڪِي هار، پڻ اِنهي ساڻ اوهان جا، ٿِين قلب قرار، ۽ ناهي مدد ڪا، مگر واحد وٽان، وَهار، صاحب ربُّ، ستار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ يُغَشِّيْكُمُ النُّعَاسَ اَمَنَةً مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لِّيُطَهِّرَكُمْ بِهٖ وَيُذْهِبَ عَنْكُمْ رِجْزَ الشَّيْطٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلٰي قُلُوْبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ الْاَقْدَامَ ۭ11
پِيو وَٺنيان خواب خُمار، جڏهن تَسلي طرفان تِنهنجي، ۽ اوهان مَٿي اُڀ ڪنان، پِيو لاهي جَر جَبار، تان اَڇو اُجرو اُن سان، ڪري اوهان کي ڪَلتار، ۽ ميرائـِي مَردود جِي، نِـئي اوهان کان نِبار، ۽ ڪَنيان قلب قرار، پڻ پُختا اوهان جا پير ڪري.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ يُوْحِيْ رَبُّكَ اِلَى الْمَلٰۗىِٕكَةِ اَنِّىْ مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۭسَاُلْقِيْ فِيْ قُلُوْبِ الَّذِيْنَ كَفَرُوا الرُّعْبَ فَاضْرِبُوْا فَوْقَ الْاَعْنَاقِ وَاضْرِبُوْا مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍ ۭ12
تُنهنجو مالِڪ مَلڪن کي، ٿو وَحي ڪري، جنهن وير، ته اوهان سان گڏ آهيان، ڀيڙو آئون ڀَلير!، پوءِ آيا، جي اِيمان تي، ثابت رکو، سي شير!، دِليون دَهلائيندسِ تن جون، جن ڦِريَن کاڌو ڦير، پوءِ هڻونِ ڪُند، ڪَنڌن تان، مَٿا ڪُٽيونِ مَٿير!، پڻ ڇِڻڪيون سندنِ هَٿ، پير، سَڀْ ڪِنهن سَنڌ، سنڌ کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاقِقِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13
اُهو اِنهئ ڪاڻ، ته وِڌئون ڪاڻ ڪريم، ساڻ، پڻ سندسِ پيغمبر پاڪ سان؛ جو ڪاڻو وِجھندو ڪاڻ، ۽ ربَّ ۽ سندسِ رسول سان، پوءِ ڪانهي اُن ۾ ڪاڻ، ته صاحب ربُّ، سُڄاڻ، آهي، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكُمْ فَذُوْقُوْهُ وَاَنَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابَ النَّارِ 14
اِهو آهي، اوهان جو، پوءِ چکوسِ چڱِئَ چال، ۽ سَندو باھِ بحال، ڪاڙهو ڪافر ذات لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوْهُمُ الْاَدْبَارَ ۚ15
اي مؤمن! مُنڪرن کي، جڏهن مِلو مَنجھ جنگ، ته اُنهن کي اَڙٻنگ!، پُٺيون نه ڏِيو پِڙ ۾،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ يُّوَلِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ دُبُرَهٗ ٓ اِلَّا مُتَحَرِّفًا لِّقِتَالٍ اَوْ مُتَحَيِّزًا اِلٰي فِئَةٍ فَقَدْ بَاۗءَ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَمَاْوٰىهُ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 16
۽ جو پُٽ ڏِيندن پَنهنجِي، واري اُنهي وار، مگر، ته موٽي جنگ لئي، پاسِيرو ڪِنهن پار، يا ڦِرِي پنهنجِي فوج ۾، ڪندڙ جاءِ قرار، تِنهن قابو ڪرايو پاڻ کي، ڏَمر مَنجھ ڏاتار، دوزخ اُن جو دار، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمْ تَقْتُلُوْهُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ قَتَلَهُمْ ۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰى ۚ وَلِيُبْلِيَ الْمُؤْمِنِيْنَ مِنْهُ بَلَاۗءً حَسَـنًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 17
پوءِ، اوهان نه ڪُـٺو اُنهن کي، پر ڪُٺو کِين قهار، نه چُٽـئـِي، جڏهن چٽـئـِي، پر چٽيون چٽڻ هار، تان پاڻا وٺينِ پَرک چڱِي، جي مومن مڻياندار، سُڻندڙ سَمجھدار، الله جَلّ جَلالہٗ،
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكُمْ وَاَنَّ اللّٰهَ مُوْهِنُ كَيْدِ الْكٰفِرِيْنَ 18
اهو اوهان هار، ۽ الله جَلّ جلالہٗ، هرگز ڏيندڙ هارِ، هر ڪم ۾، ڪافرن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ تَسـْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَاۗءَكُمُ الْفَتْحُ ۚ وَاِنْ تَنْتَهُوْا فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَعُوْدُوْا نَعُدْ ۚ وَلَنْ تُغْنِيَ عَنْكُمْ فِئَتُكُمْ شَـيْــــًٔـا وَّلَوْ كَثُرَتْ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُؤْمِنِيْنَ ۧ19
جي سوڀ گُھرو، ته سوڀ صحِي اوهان کي آئـِي، جي بَس ڪندا، ته آهي ڀَلِي، اوهان لي اِهائي، ۽ جي ورندا، ته ورندا سون اَسين به، ڪنهن پر نه پروائـِي، ۽ اوج اوهان کي، ڪُجھ نه ڏي، اَهنجو ڀَت ڀائي، ۽ وَر، جَجِهي هُجي جائـِي، مولىٰ، ته مَدد مؤمنين.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَلَا تَوَلَّوْا عَنْهُ وَاَنْتُمْ تَسْمَعُوْنَ ښ 20
اي جن مڃيو!، سي مَڃيو ربُّ، ۽ سندسِ رسول، ۽ نه مُنهن موڙيو کانِس مَلول!، ۽ جڏهن ٻُڌو حُڪم حاضرِي.
— مولوي حاجي احمد ملاح