079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
وَالنّٰزِعٰتِ غَرْقًا 1ۙ
قَسم ساھ ڪَڍندڙن جو، ٻوڙڻ ساڻ ٻَهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّالنّٰشِطٰتِ نَشْطًا 2ۙ
پوءِ کِيانتا خير جا،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّالسّٰبِحٰتِ سَبْحًا 3ۙ
۽ پوءِ تارُو تَرندڙ تار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًا 4ۙ
پوءِ اڳو اَڳ آڳرٰو،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًا 5ۘ
پر ڪامِل ڪار سُڌار،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ 6ۙ
ته جنهن ڏِينهن ڌوٻڻ ڌُٻندي،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ 7ۭ
پُٺيان لڳيس پُوار،
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلُوْبٌ يَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌ 8ۙ
دِليون دُکِي تِنهن ڏِينهن ۾، اَندر ڪَئـِين اڱار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ 9ۘ
اکيون اُجھاڻل اُن جُون ، نيڻ نِماڻا نار،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِي الْحَافِرَةِ ۭ10
ڪافِر اَڄ ڪَهن ٿا، ڪَن گُمراھ اِي گُفتار، ڇا اَسِين آهيون موٽڻا، وَرِي اڳين جي آچار؟
— مولوي حاجي احمد ملاحءَاِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً ۭ11
هُونداسون جِنهن حال ۾، وَڄندڙ هَڏ هروار؟،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ۘ12
وَراڻيون، ته آھِ وَرِي، موٽڻ مُشڪل ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِنَّـمَا ھِيَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
فقط ڪم هِڪ ڦُوڪ جو، هَڪل هِڪ هيڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا هُمْ بِالسَّاهِرَةِ ۭ14
پوءِ مَٿي ڪِنهن مَٿار، اَچِي نِڪرندا اوچتا.
— مولوي حاجي احمد ملاحهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى ۘ15
تو وَٽ توڙان آئيو، ڪو مُوسٰى جو مَذڪُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۚ16
جَڏهن سانيسِ، کيس سَڏيو، پَروَر پاڪ حُضور، وادِي پاڪ طُوا ۾، جا ماٿرِي مَشهور،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى ڮ 17
ته وڃ ڦِريل فرعون ڏي، جنهن ۾، گھڻو ٿيو غُرور،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى ۙ18
پوءِ چَوِينسِ، ته پاڪ ٿِيئَڻ جو، ڪو توکي پَھ ۽ پُور؟،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَهْدِيَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰى ۚ19
۽ سُونهون سائـِينءَ ڏي ڪرِئين، پوءِ ڊِڄِين مالِڪ کان مُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَرٰىهُ الْاٰيَةَ الْكُبْرٰى ڮ 20
پوءِ اکيَنِ ڏيکارئين اُن کي، ڪا وَڏِي نِيشاني نُور،
— مولوي حاجي احمد ملاح