077 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 50 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
وَالْمُرْسَلٰتِ عُرْفًا 1ۙ
ساکي سانوڻ مُند جون، هِيرون سِين هُٻَڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًا 2ۙ
پوءِ لُکون لَڳندڙ لوڪ ۾، آنڌِيون اَنڌُوڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّالنّٰشِرٰتِ نَشْرًا 3ۙ
پوءِ پَکيڙِيندڙ پَٽ ۾، مَنڊل مينگھ مَلهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًا 4ۙ
پوءِ ڇِنندڙ ڇَمرن کي، واري ٻي وَلهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْمُلْقِيٰتِ ذِكْرًا 5ۙ
پوءِ نازل ڪَندڙ نصِحيتون، نِشانيون نِروار،
— مولوي حاجي احمد ملاحعُذْرًا اَوْ نُذْرًا 6ۙ
عُذر ڀَڃَڻ لئي عام جي، يا ڏيهَن لئي ڏهڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِـعٌ 7ۭ
ته جِنهن جا، آن سان قول قرار، سو اوس آهي اَچڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا النُّجُوْمُ طُمِسَتْ 8ۙ
پوءِجَڏهن نِکٽ جَھانئيا، ٿيا ڪارا ڪارونڀار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا السَّمَاۗءُ فُرِجَتْ 9ۙ
جڏهن اُڀ اَڌ ٿيو، ڦاٽو ڦارُون ڦار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ ۙ10
جڏهن جَبَل رَئـِي ٿيا، ڏونگر ڏارو ڏار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا الرُّسُلُ اُقِّتَتْ ۭ11
ميڙيا وِياجنهن مَهل ۾، مُرسل مَڻيادار،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِاَيِّ يَوْمٍ اُجِّلَتْ ۭ12
ڪِنهن ٽاڻي لئي ٽارِيا ويا، سي ماکي صاف سَچار،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِيَوْمِ الْفَصْلِ ۚ13
ڪارڻ ڏِينهن قضا جي، ڪِنهن عملن جي آچار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ ۭ14
۽ ڏِينهن قضا جو ڪِهڙو؟ ڪِنهن سَمجھائـِي سَردار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 15
ڪاڙهو ڪُوڙن هارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ نُهْلِكِ الْاَوَّلِيْنَ ۭ16
ڇا، اَسان اَڳيَن کي، نَه وِڌِي مُصيبت مار،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ نُتْبِعُهُمُ الْاٰخِرِيْنَ 17
وَرِي ويڙهي هِڪ ۾، پُورِينداسونِ بِه پوئار،
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِيْنَ 18
جيڪي ڏوهارِي ڏيھ ۾، تِن سان ڪريون اِهائـِي ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 19
ڪاڙهو ڪُوڙن هارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ نَخْلُقْكُّمْ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ ۙ20
آن کي اَگلي آب مان ڇا، پيدا نه ڪيوسون پاڻ؟
— مولوي حاجي احمد ملاح