075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
لَآ اُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ 1ۙ
آئون شاهِد واريان، محشر جو ميدان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَآ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ 2ۭ
آئون گُواھ گُذاريان، پاڻ پَلِيندڙ جان،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗ 3ۭ
ڪافِر ڪِيئن قَلب ۾، ٿو غلط رکي گُمان، ته ميڙي نه سَگھون مُورهين، هَڏيون گُڏيون حيران؟
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلٰى قٰدِرِيْنَ عَلٰٓي اَنْ نُّسَوِّيَ بَنَانَهٗ 4
پُورا پيرون اُن جا، تائـِين نُنهن نِشان، سَڀ آڱريون اِنسان، برابر بَنايون.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلْ يُرِيْدُ الْاِنْسَانُ لِيَفْجُرَ اَمَامَهٗ 5ۚ
اُٽلو اڳتي آدمِي گُھري، ته گُناھ ڪَندو،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَسْــَٔـلُ اَيَّانَ يَوْمُ الْقِيٰمَةِ 6ۭ
وَتِي وَرِي پُڇندو،ته ڪڏِهن ڏِينهن قِيام جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ 7ۙ
پوءِ جڏهن، اَک اَڇِي ٿئـِي ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَخَسَفَ الْقَمَرُ 8ۙ
۽ وَرتو چَنڊ ويِو
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ 9ۙ
۽ سِچ ۽ چَنڊ سَلهاڙيا، هِڪ سان، ٻَڌو ٻِيو،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَقُوْلُ الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍ اَيْنَ الْمَفَرُّ ۚ10
اُن ڏِينهن اَڙِيل آدمِي، پُڇندو، پُڇندو پِيو، هِن باھ کان ڀَڄڻ جو، ڪِٿ ڪو ٿاڪ ٿيو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّا لَا وَزَرَ ۭ11
چِٽو ڪِنهن چَيو، پَٽِين پَناھ ناھِ ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلٰى رَبِّكَ يَوْمَىِٕذِ ۨالْمُسْتَــقَرُّ ۭ12
اُنهِئَ ڏاڍي ڏِينهن ۾، جِتي ڀَڄڻ ڀيڻيون بَند، سُک جو، هِڪ ئـِي هَنڌ، تُنهنجي پَروَر پاڪ ڏي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍۢ بِـمَا قَدَّمَ وَاَخَّرَ ۭ13
اُنهِئَ ڏِينهن اِنسان کي، پَوندي خُوب خَبر، جو سَنباهِين سَمر، پڻ جو ڍيلر ڍيلي ڇَڏيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰي نَفْسِهٖ بَصِيْرَةٌ ۙ14
شاهِد پَنهنجو پاڻ تي، آهي اُٽلندو اِنسان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّلَوْ اَلْقٰى مَعَاذِيْرَهٗ ۭ15
۽ بهانا بيان، کڻِي ڪَري، ڪي به، ڪيترا.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖ ۭ16
اُن سان، اڳ ۾، چورمَ تون، ڄِڀ پَنهنجي کي ڄام! تان تَڪڙو ٿِي تمام، پَڙِهين هِن پَيغام کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَقُرْاٰنَهٗ ښ 17
آهي ڪَم اَسان جو، ميڙڻ سو مَذڪُور، پَڙهڻ پُورو اُن جو، زَبر زير ضَرُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِـــعْ قُرْاٰنَهٗ ۚ18
پوءِ پَڙهيوسُونسِ، ته پوءِ تون هل حُڪم تي حُضور!،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ ۭ19
اَسان مَٿي مُور، بار سَندسِ بَيان جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ ۙ20
سِرهي ٿيو سُڄاڳ، مُوڙهل آهيو مُورِهين، دُنيا سان دِل رکو، جا مانجھاندي جو ماڳ،
— مولوي حاجي احمد ملاح