074 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 56 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّر 1ۙ
اي اوڍِيندڙ اوڍڻِي!،
— مولوي حاجي احمد ملاحقُمْ فَاَنْذِرْ ۽ 2
پيرن ڀَر ٿِي پاڻ، ڪَر خَبردار خَلق کي، ڪَرِينِ ڄيري سندو ڄاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۽ 3
۽ پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ جِي، پوءِ وَڏائـِي واکاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ ۽ 4
پوءِ ڪَپڙا پَنهنجا پاڪ رَک،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ ۽ 5
۽ مَر مِڙوئـِي ڇاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا تَمْنُنْ تَسْتَكْثِرُ ۽ 6
۽ هِن نِيَّتَ نيڪِي ڪِيَم ڪر، ته ڀَرِين پَنهنجا ڀاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلِرَبِّكَ فَاصْبِرْ 7ۭ
۽ پَنهنجي پَروَر ڪاڻ، سَب ڪُجھ سَھ سَرِير تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ 8
پوءِ جڏهن وِيندو ڏَنڊ کي، ڦوڪيو سِين فرمان،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ 9ۙ
پوءِ ڏِينهن اُهو، ڏِينهن آھِ سو جَبَرو مَنجھ جَھان،
— مولوي حاجي احمد ملاحعَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ 10
ڪَٺڻ سِر ڪُفران، اُهکو، نَه سَهکو آھِ سو.
— مولوي حاجي احمد ملاحذَرْنِيْ وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيْدًا ۙ11
ڇَڏ مُون ۽ اُن کي، جنهن کي، جوڙِيَم تَنْها تَن،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّجَعَلْتُ لَهٗ مَالًا مَّمْدُوْدًا ۙ12
۽ ڪَيَمِ ڪُشادو ڪاڻ تِنهن، دُنيا دولت، ڌَن،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّبَنِيْنَ شُهُوْدًا ۙ13
حاضِر پُٽ هَڪَيا تَّڪيا، اَکيَن اڳيان پَسجن،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّمَهَّدْتُّ لَهٗ تَمْهِيْدًا ۙ14
۽ ڪيڏٖي، سِين ڪَرمن، پُٺ پَکيڙِيَمِ اُن جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ يَطْمَعُ اَنْ اَزِيْدَ ڎ 15
موٽي ڀانئي مَن ۾، اَڃا به ڪريانسِ ڪَسر،
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّا ۭ اِنَّهٗ كَانَ لِاٰيٰتِنَا عَنِيْدًا ۭ16
اُونهون؛ اَسان جون آيتون، سَگھون سَربَسر، مَڃڻ ڪَنان مُنهن ۾، هُو سَرڪش وِجھندڙ سَر،
— مولوي حاجي احمد ملاحسَاُرْهِقُهٗ صَعُوْدًا ۭ17
ڪِنهن سَخِتي واري سَر، وِهلو واهِيندسِ اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّهٗ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ۙ18
وَر وَر تِنهن وِيچاريو ۽ تَڪئـِين تورئـِين ڳالھ،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ19
پوءِ ڌُران وِيو ڌِڪارجِي، پَهتو ڪِيئن پيمال،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ20
وَرِي بِه تَڙيو توڙ ڪنان، ڪِيئن، ڪِئـِين خام خيال،
— مولوي حاجي احمد ملاح