073 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّهَا الْمُزَّمِّلُ 1ۙ
اي اوڍيندڙ شال!
— مولوي حاجي احمد ملاحقُمِ الَّيْلَ اِلَّا قَلِيْلًا 2ۙ
بيھہ ڀَليرا رات ۾، مگر قَدر قليل ڪو،
— مولوي حاجي احمد ملاحنِّصْفَهٗ ٓ اَوِ انْقُصْ مِنْهُ قَلِيْلًا 3ۙ
اُن جو اَڌو ڇال، ڪُجھ گَھٽ ڪر،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوْ زِدْ عَلَيْهِ وَرَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِيْلًا 4ۭ
ڪِ گھڻو اُن کان مُرسل! مَرضِي نال، پَڙھ قُرآن ڪَرِيم کي، لات چڱِئَ سان لال!،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا سَنُلْقِيْ عَلَيْكَ قَوْلًا ثَـقِيْلًا 5
تُرت رکنداسون تو مٿي، ڪو بارِي بار بحال،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ نَاشِئَةَ الَّيْلِ هِيَ اَشَدُّ وَطْـاً وَّاَقْوَمُ قِيْلًا 6ۭ
بيشڪ بِيهڻ رات جو، آهي سَخت سُوال، ڪارن مارڻ نفس جي، پڻ سولِي ڳرهڻ ڳالھ،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ لَكَ فِي النَّهَارِ سَبْحًا طَوِيْلًا 7ۭ
آهن اَوهان تي ڏِينهن ۾، ڪيڏا ڪم ڪمال،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ اِلَيْهِ تَبْتِيْلًا 8ۭ
۽ سار، سَندِئي سائـِينءَ جو، نالو نُور نِهال، وَر وَرڻ کي اُن ڏي، ٻِئا سَڀ خام خيال،
— مولوي حاجي احمد ملاحرَبُّ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ فَاتَّخِذْهُ وَكِيْلًا 9
اوڀر ڪِ اولھ پار جو، ڏينهن رات جو رکپال، تِنهن ڌاران درگاھ ناھِ ڪا، ٻيون جاٽون سَڀ جَنجال، هِتي، هُتي جو حال، ڪر حوالي اُن جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيْلًا 10
پوءِ سَھ سونهان، تون پان تي!، جي تَڙيون ڏِينئي توڙ، ۽ ٽوڙي اُنهن سان ٽوڙ، ناتا نَموني نيڪ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَذَرْنِيْ وَالْمُكَذِّبِيْنَ اُولِي النَّعْمَةِ وَمَهِّلْهُمْ قَلِيْلًا 11
۽ ڇَڏ مُون ۽ اُنهن کي، ڪُوڙ جِن جِي ڪار، جي مالِڪ بَنيا مال جا، جِن جا، آجھانگا اَپار، ۽ مُهلت ڏِبَيَنِ مَهل ڪا،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ لَدَيْنَآ اَنْكَالًا وَّجَحِــيْمًا ۙ12
اسان وٽ اُنهن هارِ، زورا زور زَنجِير ڪَئين، باهيون بيشمار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّطَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَّعَذَابًا اَلِـــيْمًا ۤ13
۽ طعام تلخ تيار، ۽ سُورن ڀَريو ساڙڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ تَرْجُفُ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ وَكَانَتِ الْجِبَالُ كَثِيْبًا مَّهِيْلًا 14
جنهن ڏِينهن ڌَرتِي ڌُٻندِي، پڻ جوراڻا جَبَل، ۽ پَهڻ تِنهن پَل، ڀَٽڪندڙ هوندا ڀِٽ جِيئن.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّآ اَرْسَلْنَآ اِلَيْكُمْ رَسُوْلًا ڏ شَاهِدًا عَلَيْكُمْ كَـمَآ اَرْسَلْنَآ اِلٰى فِرْعَوْنَ رَسُوْلًا ۭ15
اَسان اَوهان ڏي موڪليو، ڪو سُونهون، سُرت سُڄاڻ، آهي شاهِد اَوهان مَٿي، هِتي، هُتي سو هاڻ، جِيئن ڦِريل فِرعون ڏي، اُماڻيو سون اڳواڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَعَصٰى فِرْعَوْنُ الرَّسُوْلَ فَاَخَذْنٰهُ اَخْذًا وَّبِيْلًا 16
پوءِ فِرعون مَڃِي ڪان ڪا، اُن اُماڻِيَل جِي آڻ، تڏهن پَڪڙيَسِ اَسان پاڻ، پَڪڙڻ سَخت پَڇاڙ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَكَيْفَ تَتَّقُوْنَ اِنْ كَفَرْتُمْ يَوْمًا يَّجْعَلُ الْوِلْدَانَ شِيْبَا ڰ 17
پوءِ جي ڦِريا فرمان کان، ته بَچندا ڪِيئن بَدنام، اُنهِئ ڏِينهن کان، ڪنان روز قيام، جو ٻُڍو ٻارن کي ڪَندو، تابش ساڻ تمام،
— مولوي حاجي احمد ملاحۨالسَّمَاۗءُ مُنْفَطِرٌۢ بِهٖ ۭ كَانَ وَعْدُهٗ مَفْعُوْلًا 18
ڦاٽل اُڀ اُن ڏِينهن ۾، جِتان ڪٿان جام، ۽ اُنهِئَ جو اَنجام، پاريل ڄاڻيج پَڪ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ هٰذِهٖ تَذْكِرَةٌ ۚ فَـمَنْ شَاۗءَ اتَّخَذَ اِلٰى رَبِّهٖ سَبِيْلًا ۧ19
هِي سَبَق ساڃاءِ جو، هِئَ نصِيحت نِبار، پوءِ پَنهنجي پَروَر پارَ، وَڻيسِ سو واٽ وَٺي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ اَنَّكَ تَقُوْمُ اَدْنٰى مِنْ ثُلُـثَيِ الَّيْلِ وَنِصْفَهٗ وَثُلُثَهٗ وَطَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الَّذِيْنَ مَعَكَ ۭ وَاللّٰهُ يُقَدِّرُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۭ عَلِمَ اَنْ لَّنْ تُحْصُوْهُ فَتَابَ عَلَيْكُمْ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنَ الْقُرْاٰنِ ۭ عَلِمَ اَنْ سَيَكُوْنُ مِنْكُمْ مَّرْضٰى ۙ وَاٰخَرُوْنَ يَضْرِبُوْنَ فِي الْاَرْضِ يَبْتَغُوْنَ مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ ۙ وَاٰخَرُوْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ڮ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنْهُ ۙ وَاَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتُوا الزَّكٰوةَ وَاَقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا ۭ وَمَا تُقَدِّمُوْا لِاَنْفُسِكُمْ مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوْهُ عِنْدَ اللّٰهِ هُوَ خَيْرًا وَّاَعْظَمَ اَجْرًا ۭ وَاسْتَغْفِرُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
سچ پچ سائين تُنهنجو، سَمجھي سارِي بات، ته ٻِن ٽِهائي نِئون ٿورڙو، تون بِيهِين رهبر رات، ۽ اڌ، يا ٽِهائي اُن جِي، تون ساريو پَڙهِين صَلواة، ۽ ڪَن توسان ڀٖيڙِي تات، ڪي ساٿِي تُنهنجي ساٿ جا. ۽ ڏاتِر ڏِينهن ۽ راتيون، جوڙي مَنجھ جھان، ڪُل کي پُهچندا ڪِين ڪِي، صَحِي ڪيو سُبحان، پوءِ موٽِي آن کي معاف ڪيو، مالِڪ مِهربان، پوءِ جيڪي سَهي جان، سو قدر پَڙهو قرآن مان. صاحِب پاڪ صَحِي ڪيو، آڳاٽو اَحوال، ته جَلد ٿِيَنِ اوهان مان، ڪي اَگھا اَڄ، يا ڪالھ، ۽ پئا پَکڙِي ڀُون پَٽن ۾، گُھرن ڀَلي جا ڀال، ۽ ٻِئا رَبَّ جي راھ ۾، لڙن لڙايون لال، پوءِ مَنجھانسِ مُوجِب حال، پڙهو، پُهچي جيترو. ۽ پُورو پَڙهو نِماز کي، ڏيو زَڪوٰتون زَر، ۽ ڏِيو کڻت خُدا کي، کڻت خاصِي پَر، ۽ اَڳي اُماڻِيون پاڻ لئي، جو سَفر سانگ سَمر، ڏِسنداسو ڏاتار وَٽ، ڀَلو ۽ بِهتر، اُهو اَجر ۾ اَجگر، سوايو ثَواب ۾. ۽ گُهرو عَفْوَ اَلله کان، اَلله آهي پَڪ، بَخشِيندڙ بيشڪ، سَٻاجھو سَڀَين پَرين.
— مولوي حاجي احمد ملاح