072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
چئو، مون وٽ، اَڄ ڪو آئيو، واحِد جو وَحِي، ته جماعت جِنن مان، ٻُڌِي حَقِيقت هِي، چي، ڪَنِين عَجب قرآن کي، سُيئو سون صَحِي، نِهٖي پِهٖي پَهِي، چاڙهي چڱئَ واٽ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
پوءِ قَلبًا تِنهن قُرآن تي، آندوسون اِيمان، ۽ پَنهنجي سائـِينءَ سِين سُبحان، هرگز نه پاڙيون هيڪڙو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
۽ آھِ اَسان جي رَبَّ جو، بيشڪ شان بلند، نه ڌارئـِين سانئـِڻ ڌُرڪنان، نه فرضِي ڪو فَرزند،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
۽ اَصل اسان ۾ ڀُوڪ وَڏو، لانگوٽيو لُنگ بَند، سو کَرِيَل، سِر خاوَند، هو ڪندو باطل باتيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
۽ اَسان اَوَس اِيئن ڀانيو، ته ماڻهو، يا ڀُوت بَندو، ڪَڏهن نه ڪُوڙ ڪندو، قادِر، ربَّ، ڪريم تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
۽ اَصل اِنسانن مان، مَرد مَدارِي ڪِي، ڀُوتن مان ڪِن ڀاتيَن جي، هُئا سِرِڻ پَونداسي، پوءِ آڀاري اُنهن کي، وَڌِيڪ وَڌائون وِرَس ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
۽ بِلڪل اُنهن اِيئن ڀانيو، جِيئن ڀورا! ڀانيا پاڻ، ته صاحِب سُرت سُڄاڻ، هرگز نه اُٿاري هيڪڙو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
۽ اَسان ڇُوتو اُڀ کي، مَٿاڇرو مُور، پوءِ پاتوسون اُن ۾، ڪو پَهرو زور ضرور، پڻ ڀَريو وِيو ڀَرپُور، اُماڙن سان اگ جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
۽ وِهنداهُئاسُون ويهڻيون جَھلي، سَنديون سُڻن اُت، پوءِ هَلٖي ٻُڌڻ ٻوليون، هاڻي جيڪو هُت، بيشڪ اَندر بُت، سو لوڙٖي لُونها آڳ جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
۽ سَچ ته سَمِجھي نه سَگھون، اَسِين هِي اسرار، ته سُورن جو سِٽيو وِيو، ڀُون وارن تي بار، يا هِدايت حَقّ پار، سائـِينءَ سِٽِي اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
۽ اَسان مان آهِينِ ڪي، سَچ پَچ صالِح نيڪ، سَوِين ٻَئاتِن سوا، هَچارا هر هيڪ، آهيون قِسم اَنيڪ، ڌارو ڌار ڌَرمن تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
۽ وِيچاري وُجود ۾، ڪَئـِي سُون پُورِي پَڪ، ته مَهٽيون نه مالِڪ کي، ڀُون ۾ بَلاشڪ، نه ڪِي لَتاڙي لَڪ، ڀُڃون کيسِ ڀُڄڻ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
۽ حُڪم هِدايت جو، سُئو سُون صَحِي، وِيا لُڙ لَهِي، حَق ڄاتو سون هيڪڙو. پوءِ پَنهنجي پالڻهار تي، آڻي جو اِيمان، پوءِ سَندو ظُلم زِيان، سو ڀَئو ڀانئي ڪو نه ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
۽ اَسان مان آهِينِ ڪي، مُؤمن سَچا صاف، پڻ اَسان مان آهِينِ ڪِي، بلڪل بي اِنصاف، پوءِ آيو جو اِسلام تي، ڇَڏي خَلل خِلاف، پوءِ اِهڙا جِن اوصاف، تِن سُوچِيو سَنئينءَ واٽ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
۽ جڪي ڏاڍا ڏيھ ۾، اُهي ڪاٺيون هاوِي هارِ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
جيڪي وَهِين واٽ تي، بِيٺا بَرقرار، تِنِين کي تڪرار، اَسان پَلر پوڄ پِياريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
تان پرکيونِ اَسين پَر ۾، پَسونِ سَندنِ پير، ته سَندنِ سائـِين پاڪ کان، مُنهن موڙي ٿو ڪير؟، تِنهن وِلهي کي ڪنهن وير، ڪاهٖي هَڻندو ڪاھ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
۽ پاڪ مِڙوئـِي مسجدون، آهِن اَلله ڪاڻ، پوءِ سَڏ ۾ سائـِينءَ ساڻ، هرگز نه گَڏيو هيڪڙو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ اُٿيو جَڏهن اَلله جو، بَندو بي قُصور، ٻاڏائيسِ ٻاجھ لئي، حاضِر مَنجھ حُضور، ته مُوڙهل ميڙا مُور، هُوندا آهن اُن تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
چئو آئون سَندمِ سائـِينءَ کي، ٿو پُڪاريان پاڻ، ۽ سَندمِ سائـِين ساڻ، هرگز نه پاڙيان هيڪڙو.
— مولوي حاجي احمد ملاح