071 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اِنَّآ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖٓ اَنْ اَنْذِرْ قَوْمَكَ مِنْ قَبْلِ اَنْ يَّاْتِيَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 1
نُوح سَندسِ نيات ڏي، پَڪ مُڪو سون پاڻ، ته ڪامِل! پَنهنجِي قوم کي، پُهچائي پرياڻ، اِنهيان اڳ اڳواڻ!، ته اَچينِ سخت عذاب ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ يٰقَوْمِ اِنِّىْ لَكُمْ نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 2ۙ
وَراڻيو وَريام، ته اي نِماڻِي نيات! مون، آئون اَوهان لئي آهيان، اِطلاع ڏِيندڙ عام، پَڌرا پَرئـِين پارجا، پُهچائـِيندڙ پيغام،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَنِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّقُوْهُ وَاَطِيْعُوْنِ 3ۙ
ته پُوڄيو پَروَر پاڪ کي، پڻ تِنهن کان ڊِڄو تمام، پڻ ڪريو مُنهنجِي ڪَمن ۾، مُتابعت مُدام،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَغْفِرْ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرْكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ اِذَا جَاۗءَ لَا يُؤَخَّرُ ۘ لَوْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 4
ته کمٖي خطائون اَهنجو، آگو، رَبَّ عَلام، ۽ تان عمر جي اَنجام، مُهلت ڏِينيان مِهر سان. آيو اَللهَ پاڪ جو، وقت ٻَڌل جِنهن وير، دَم نه ٿئٖي پوءِ دير، جيڪي جاچيو ڳالھ کي!
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ رَبِّ اِنِّىْ دَعَوْتُ قَوْمِيْ لَيْلًا وَّنَهَارًا 5ۙ
چي، سَچ پَچ سَڏيَمِ نيات کي، ڏاتر! ڏِينهان، رات،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمْ يَزِدْهُمْ دُعَاۗءِيْٓ اِلَّا فِرَارًا 6
ري ڀَڄڻ، مُنهنجِي بات، وار نه وڌايو اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنِّىْ كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوْٓا اَصَابِعَهُمْ فِيْٓ اٰذَانِهِمْ وَاسْتَغْشَوْا ثِيَابَهُمْ وَاَصَرُّوْا وَاسْتَكْبَرُوا اسْتِكْبَارًا 7ۚ
۽ سچ ته، سَڏيَمِ اُنهن کي، جَڏهن به، جھڙي وار، تان مَرهِينِ تون مِهر سان، اي ڏيهن جا ڏاتار!، ته ڪيائون ڪَنن ۾ آڱريون، تان ٻُڌن ڪِين ٻِيهار، ۽ ڍاريون پنهنجا پارچا، پڻ اُڀا مٿي اِنڪار، ۽ پيا خُودِي مَنجھ خُوار، لڳا پَڏائـِڻ پاڻ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ اِنِّىْ دَعَوْتُهُمْ جِهَارًا 8ۙ
وَڏي واڪي اُنهن کي، موٽِي چَيمِ مَذڪور،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ اِنِّىْٓ اَعْلَنْتُ لَهُمْ وَاَسْرَرْتُ لَهُمْ اِسْرَارًا 9ۙ
وَرِي به اِعلان اُنهن کي، ظاهِر ڪَيَمِ ضرور، پڻ مون ڪِيَنِ، ڪي مُور، نرمئَ ساڻ نَصِيحتون.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفَّارًا ۙ10
پوءِ چَيمِ ته، پَنهنجي رَبّ کان، بَخشايو بَحال، سَچ ته سَدائـِين آھِ سو، ڀَلو ڪندڙ ڀَال،
— مولوي حاجي احمد ملاحيُّرْسِلِ السَّمَاۗءَ عَلَيْكُمْ مِّدْرَارًا ۙ11
ته مَٿان اوهان تي موڪلي، نارو نار نِهال،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّيُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَيَجْعَلْ لَّكُمْ جَنّٰتٍ وَّيَجْعَلْ لَّكُمْ اَنْهٰرًا ۭ12
پڻ ڏئـِي اوهان کي ڏيھ ڌڻي، مَدد پُٽ ۽ مال، پڻ آن لئي باغ بَهار، ڪَئـِين جوڙي جَلّ جَلال، پڻ جارِي ڪري جال، نال اوهان جي ناليون.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا لَكُمْ لَا تَرْجُوْنَ لِلّٰهِ وَقَارًا ۚ13
اوهان سان اَڄاڻ! ڪُوڪٽ آهي ڪِهرو؟ ته رکو نَه عِزَّت جو آسرو، قادِر مُطلق ڪاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَدْ خَلَقَكُمْ اَطْوَارًا 14
۽ طرحِين ترتِيبن ساڻ، جنهن آن کي، جوڙي راس ڪيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ تَرَوْا كَيْفَ خَلَقَ اللّٰهُ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۙ15
ڇا، اوهين نه اکِيين ڏِٺو؟ ته جوڙيا ڪِيئن جبار، ست اُڀ سارا سامهان، تَھ تي تھ تيار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّجَعَلَ الْقَمَرَ فِيْهِنَّ نُوْرًا وَّجَعَلَ الشَّمْسَ سِرَاجًا 16
تِن ۾ رَکيائـِين رَمز سان، چمڪندڙ چنڊ چوڌار، پڻ ڏِيو ڪيو ڏاتار، ڏيھ سَڄي لئي سِج کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا ۙ17
اَلله اُڀاريو آن کي، ڀُون مان بي گمان،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ يُعِيْدُكُمْ فِيْهَا وَيُخْرِجُكُمْ اِخْرَاجًا 18
ڏِيندو اوهان کي اُن ۾، موٽِي ماڳ مَڪان، پڻ سُڀاڻي سُبحان، ڪڍندو اوهان کي اُن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاللّٰهُ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ بِسَاطًا ۙ19
۽ ڌَڻِئ ڌَرتِي آن لئي وَھ!، جو ڪَئين وِڇاڻ!،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِّتَسْلُكُوْا مِنْهَا سُبُلًا فِجَاجًا ۧ20
ته پَهرو اُنهِئَ ۾ پاڻ، وَٺِي واٽون ويڪريون.
— مولوي حاجي احمد ملاح