070 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 44 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
سَاَلَ سَاۗىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ 1ۙ
ڪِنهن سائـِل ڪَيو سُوال، اِيندڙ ڪِنهن عَذاب جو،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِّلْكٰفِرِيْنَ لَيْسَ لَهٗ دَافِعٌ 2ۙ
آهي اِنڪارِيَن تي، واقِع سو وَبال،
— مولوي حاجي احمد ملاحمِّنَ اللّٰهِ ذِي الْمَعَارِجِ 3ۭ
ڪونهي رَبَّ ڪَرِيم کان، ڪو جھالُو تِنهن جَنجال،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَعْرُجُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ وَالرُّوْحُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ خَمْسِيْنَ اَلْفَ سَـنَةٍ 4ۚ
جو سائين سَوِين سِيڙهيَن، بي حد بُلند بحال، رُوح ۽ مَلائـِڪ رَبَّ جا، نُورِي نيڪ نِهال، ڏانهسِ چَڙهن جِنهن ڏِينهن ۾، عَرض کَڻِي اَحوال، پَنجاھ هَزارِين سال، آهي عَرصو اُنهِئَ ڏِينهن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيْلًا 5
پوءِ سھ تون سَهڻ سُهڻو، رَک مَن ۾ هِي مَذڪُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّهُمْ يَرَوْنَهٗ بَعِيْدًا 6ۙ
هٖي ڏِسن اُهو ڏِينهن ڏُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّنَرٰىهُ قَرِيْبًا 7ۭ
اَسِين ڏِسون اوڏڙو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ تَكُوْنُ السَّمَاۗءُ كَالْمُهْلِ 8ۙ
اُڀ تَپِي ٽامون ٿئي، وِگھارِيل جِنهن وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ 9ۙ
۽ جاڏا جَبل جَھان جا، پَڻِي پِڃيَل جا پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا يَسْـَٔــلُ حَـمِيْمٌ حَمِـيْمًا ښ 10
گَھرو گَھري دوست جِي، پُڇي نه خَبر چار،
— مولوي حاجي احمد ملاحيُّبَصَّرُوْنَهُمْ ۭ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِيْ مِنْ عَذَابِ يَوْمِىِٕذٍۢ بِبَنِيْهِ ۙ11
ڏيکاربَنِ تِنهن ڏِينهن ۾، هلندي هاوِي پار، اُنهِئ ڏِينهن جي عَذاب کان، گُھرندو گُنہ گار، ته جيڪر گھوري جند تان، بيٽا،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَصَاحِبَتِهٖ وَاَخِيْهِ ۙ12
بِيوِي، ڀار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَفَصِيْلَتِهِ الَّتِيْ تُـــــْٔوِيْهِ ۙ13
پڻ ڪُڙم قَبِيلا پانهنجا، جي سوڙِهي لَهنسِ سار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ ثُـمَّ يُنْجِيْهِ ۙ14
پڻ اُتر آڇي اُن مَٿان، ڀُونءَ ۾ جي ڀانڊار، ته پَروَر وَٺٖي پار، وَرِي آجو ڪري اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَلَّا ۭ اِنَّهَا لَظٰى ۙ15
بِلڪُل بَدلو ناھِ ڪو، سِرهٖي ٿِي سُجاڳ، بي شڪ آهي باھِ سا، ڀَڙ ڀَر ڪري ڀَڙاڳ،
— مولوي حاجي احمد ملاحنَزَّاعَةً لِّلشَّوٰى ښ 16
ساڙيو اُڇلي سيڪ سان، اوسا پاسا آڳ،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَدْعُوْا مَنْ اَدْبَرَ وَتَوَلّٰى ۙ17
تِنهن کي پُڪاري پوئـِتان، ته مُون ۾ تُنهنجو ماڳ، جو پاڻهِين وَريو پوئـِتي، ۽ وَرائـِين وِنگِئَ واڳ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَمَعَ فَاَوْعٰى 18
۽ لِکين ميڙئـِين لاڳ، پوءِ ڪيائـِين ڪُنجي ڪُلف ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الْاِنْسَانَ خُلِقَ هَلُوْعًا ۙ19
موراهِين ماڻهوءَ کي، وِيو بَنايو بيزورو،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزُوْعًا ۙ20
آهي دانهِيندڙ دَرد مان، ٿِئيسِ جي ٿورو،
— مولوي حاجي احمد ملاح