007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗمّۗصۗ 1ۚ
الٓـمّٓـصٓ جِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
پرور کي، پَروڙ، توڏي لاٿو ويو ليک ڪو، پوءِ هُجي، ڪانه حُضور!، تُنهنجي سِيني ۾، سوڙه ڪا، تنهن کان ذرو ضرور، تان ڊِڄار اُن سان، ڍوليا! باه ڀَران، ڀَرپُور، ۽ مومنن لئي مُور، موچارو مَذڪور، سو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
جو اُتريان آگي ڪنان، لڳو لَڙه تِنهين، ۽ تِنهن ري، ٻِين ٻيليَنِ مان، نه لڳو ڪَڍ ڪنهين، اوهان، مَنجھان تِنهين، پُورو پُنو پِرائيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
۽ ڪياسون ننگر ناس ڪَئين، پوِ اسان جو عذاب، رات سِين، مَنجھ خواب، يا مانجھاندي ۾ مارڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
پوءِ وائـِي نه هُينِ تِنهن وار، جڏهن آينِ وار اسان جو، مگر چيائون مُنهن سان، ته هُئاسون هاڃيڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ پُڇنداسون اُنهن کان، آيا پيغمبر جن پار، پڻ کولي خَبر چار، پُڇنداسون پيغمبرن کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ مَٿنِ صحِي سُڌسان قِصو ڪنداسين، ۽ اُنهن کان اَسين، دُور نه آهيون، دم گھڙِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
۽ اُنهي ڏينهن تور، واجبِي وَهنوار سان، پوءِ آجا اُهي اَتور، جن جو، ڳرو بار ٿيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ هَلڪو جن جو بار ٿيو، اُهي، سي آڄاڻ، جوکي ۾ سندنِ جانِيون، پاڻهين وِڌائون پاڻ، اَسان جي آيتن ساڻ، جيلانهن، جاڙون ڪن پيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
۽ ڏِنوسون زور، زمين ۾، آن کي، ماڳ مَڪان، ۽ ڪيو سون اوهان جو اُن ۾، مُقرّر گُذران، اُنهيءَ جا اِحسان، ٿورا، ٿورا، ڳائيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
۽ بَنايو سُونِيان بحال، پوءِ سِينگاريون سُونِينان صُورتون، موٽِي مَلائڪن کي، چيو سون اِهڙِي چال، ته نَمو آدم اڳيان، پوءِ نَميا نيڪ نِهال، مگر نَمندڙنِ نال، شيطان شامل ڪِين هو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
چي، توکي جُھڪڻ کان، ڪِنهن جَھليو، جڏهن ڪيئـِي، مُون فرمان، چي، آئون آهيان اُن ڪنان، ڀَلو بي گمان، هُن کي مِٽِيان، مِهربان!، مُون کي جوڙئـِي جوت مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
چي، لَھُ هِن مان؛ تون نه لَهين، ته مَنجھسِ پَڏائين پاڻ، پوءِ نِڪر هِن مان هاڻ، تون نِدورا! ننڍڙن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
چي، مُهلت ڏِنيمِ مُورهين، تِنهين ڏِينهن تائين تمام، تان اُٿاريا اِهي وڃن، موٽي، مان مقام،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
چي، مدت، سا مُدام، تون مُهلتينِ مان مُورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
چي، مُون کي مُنجھائـِي، جنهن سان، اُن جو قسم ڪلتار، ته وِهندس، تُنهنجِي واٽ سَنئين، جَھلي آئون جبار!
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
پوءِ، ايندوسينِ اڳيان ۽ پُٺيان، پڻ سَڄي، کَٻي پار، پوءِ گھڻا شُڪر گذار، آگا! نه ڏِسندِين اُنهن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
چي، نِڪري هِن مان، نِڪما!، خراب ۽ خوار، جو هِنن مان، هَلندو تو پُٺيان، ته ڪندسِ برقرار، ٽانڊي کي ٽِمٽار، اَهنجي سَڄي ساٿ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ اي آدم! ڪر آرام، پُڻ بِيبِي تُنهنجي، باغ ۾، پوءِ واپرايو وَڻِي تِتان، تَازِي توڻ طَعام، ۽ ويجھاهِن وڻ هيڪڙي، نه وَڃو مُور مُدام، هُوندا، پوءِ هَمام!، بلڪل بيدادن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ اَچي اِبليس اُنهن کي، وِڌو ڪو وسواس، تان لاهينِ، سو لِباس، جو اوِڍيؤن، سندنِ اُ گھاڙ تان. چي ربَّ نه روڪِيان، هن وڻ کان، مگر اِنهيء ڪاڻ، ته نه هُجو مَلڪ پاڻ، يا هميشه هوندنِ مان.
— مولوي حاجي احمد ملاح