069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
حقا حق موجود،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
حق حَقيقت ڪِهڙي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ حق حَقِيقت آهي ڇا؟ ڪِنهن خبرڏِنئي خُوشنود!
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
ڪُوڙو ڪَڙڪيدار کي، سَڏيو عاد، ثمود،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
پوءِ ثمود صفا ناس ٿيا، هِڪ هَڪل سان بيهود،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
پوءِ عاد تُند باد سان، مارِيا وِيا مَردُود،
— مولوي حاجي احمد ملاحسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
سَت راتيون، سانده اَٺ ڏينهن، واريسِ مَٿِن وُدود، پوءِ ڪِريل ڏِسِين قوم سَڄِي، ظاهِر مَنجھسِ زود، ڪر پَٽِيَل پاڙان کَجيون، ناڀن کان نابُود،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
پوءِ هاڻي تِنهن حُدود، ڪوپَسِين پاڇاندو اُنهن جو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ ڦيريالو فِرعون سو، پڻ جي مَهند تِنهان مُردار، ۽ اُڀي ڳاٽي، ڳوٺ سي؛ نِسنگ نِگو سار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
جِن مَڃـيو نه پَنهنجي مالڪ جو، مُرسل مَڻيادار، پوءِ وَرتو وَٺ اُنهن کي، چَڙهندڙ چوٽيان پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
سَچ ته جڏهن جَر جوش ڪيو، ٿيو پاڻِي پُرهن تار، اَسان اُٺايو آن کي، مَنجھ ڪِشتي برقرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
ته ڪريون اَوهان لئي اُن کي، عِبرت جو اَذڪار، ۽ ٻُڌندڙ ڪَن ٻِيهار، جانڪي رَکيسِ جاڻ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
جڏهن ڏنڊ ۾ ڦوڪبو، فقط ڦُوڪ هِڪڙِي ڦُو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
کَنيو وِيو خاڪ کي، پڻ جَبل، جيڪِي مَنجھ جُو، ٺوڪيا ٺوڪر هيڪڙِي، پوءِ ڌَڙ ڌَڙ ڌرتِي ڌُو،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
تڏهن واڪِيندڙ واڪو ڪيو، ٿئـِي قِيامت قابُو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
۽ ڦاٽو اُڀ اُن ڏِينهن ۾، پوءِ اُن هوندو اُو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
۽ اُن جي پاسن کان پَهري مَٿي، هُوندا مَلڪ هر سُو، تُنهنجي آگي جي عرش کي، جِنهن جو دنگ هِي نه هُو، ۽ اُن ڏِينهن اُٺائـِين اَٺ ڄَڻا، برسِر ڏيئـِي بازُو،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
آڻي ڪبا اُن ڏِينهن ۾، رَبَّ جي رُوبَرُو، پوءِ خالِق ڪَنان خُوْ، اَنهن جِي لِک لِڪِي نه رهي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پر پوءِ مِلي جِنهن پاس، سَندسِ سائي هَٿ ۾، چَوندو چِٺِي مُنهنجِي پَڙهو، ته پُڄيمِ آس،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
هرگز حَرف حِساب جو، مون کي اڳي هُئو اِحساس، ته ڏِسڻو اَٿمِ ڏِينهن هيڪڙي، توڙان توڙ تپاس،
— مولوي حاجي احمد ملاح