068 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
نۗ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ 1ۙ
نازِڪ نُڪتو نون جو، پَروَر ڄاڻي پاڻ، ساکِي ڪانِي ڪانهن جِي، پڻ سِٽون لِکن سُڄاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَآ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍ 2ۚ
۽ تُنهنجي آگي جي احسان سان، آهِين تُون نَه اَڄاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّ لَكَ لَاَجْرًا غَيْرَ مَمْنُوْنٍ 3ۚ
۽ اَکٽ اَجر اڳرا، آهِن اوهان ڪاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ 4
۽ وَڏِي چَڱِي چال تي، آهِين تون اڳواڻ!،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُوْنَ 5ۙ
جَلدِي پَسندِين پان تون، پڻ پَسن اِهي پَرياڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحبِاَىيِّكُمُ الْمَفْتُوْنُ 6
ته اوهان مان ڪِنهن ساڻ، آهي لڳت لاڳو لوڪ ۾؟
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۠ وَهُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِيْنَ 7
سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، آهي اُنهِئَ کان آگاھ، جو وَڃِي اَوجھڙ اُجھيو، ڪَنان سَندسِ سَئـِين راھ، جيڪي پُورا پير تي، تِن کان، واه! جو واقِف آھ،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِيْنَ 8
پوءِ ڪُوڙن پُٺيان ڪِين هَل،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَدُّوْا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُوْنَ 9
جي گُھرن ٿا گُمراھ، ته هُوند حِيلي سان حَقَّ چَوِين، اي نِرمل! نيڪ نِگاھ، ته ٺيڪ وَڃِي ٿِي ٺاھ، هُو به لَهن هوڏ تان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِيْنٍ ۙ10
۽ ڪِنهن ڪُوڙي قَسمِي کي نَه مَڃ، جو سَڀ خَلق ۾ خُوار،
— مولوي حاجي احمد ملاحهَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍۢ بِنَمِيْمٍ ۙ11
مِهڻيدار، مَسخرو، ڪُلفت سَندسِ ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
کارِيندڙ خير ڪنان، بي چيو بَدڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحعُتُلٍّۢ بَعْدَ ذٰلِكَ زَنِيْمٍ ۙ13
تُند طَبِيعت تِنهن پُٺيان، گاڏڙ ذات گنوار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَنْ كَانَ ذَا مَالٍ وَّبَنِيْنَ ۭ14
مَر هُجي مالدار، خاوَند کِير پُٽن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 15
پَڙهجن اَسان جا اُن مٿي، حُڪم جڏهن هيڪار، ته آکاڻيون اَڳيَنِ جون، آکيائـِين اِظهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحسَنَسِمُهٗ عَلَي الْخُرْطُوْمِ 16
سِگهو ڪَنداسونسِ، سُونڊ تي، نِشانِي نِروار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا بَلَوْنٰهُمْ كَـمَا بَلَوْنَآ اَصْحٰبَ الْـجَنَّةِ ۚ اِذْ اَقْسَمُوْا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِيْنَ ۙ17
اَسان آزماياسون اَڳڀرا، باغائـِي ڪي ڀار، سَنجھي جِن سُونهن وِڌو، ڪيائون قول قرار، ته اُن مان پَٽِيندا پِرھ سان، موڙٖي مَڃر ٽار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا يَسْتَثْنُوْنَ 18
۽ اَکر نه آندئون وِچ ۾، جي گُھريو رَبَّ، غفار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَطَافَ عَلَيْهَا طَاۗىِٕفٌ مِّنْ رَّبِّكَ وَهُمْ نَاۗىِٕمُوْنَ 19
تڏهن ڦِريو فِرقو رات ۾، تُنهنجي صاحِب، کان سَتّار، جَڏهن سُتل هُئا سيجن تي، ڪِنهن کي نه سار سَنڀار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَصْبَحَتْ كَالصَّرِيْمِ ۙ20
پوءِ پَڪل باغ پِرھ سان، ٿيو ڦِري ڍِڳ ڦُلهيار،
— مولوي حاجي احمد ملاح