067 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
تَبٰرَكَ الَّذِيْ بِيَدِهِ الْمُلْكُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرُ 1ۙ
وَڌيو واڌران ۾، جنهن هَٿ مُلڪ مُدام، ۽ قادِر ڪُل شئ مَٿي، اُهو آهي رَبُّ عَلام،
— مولوي حاجي احمد ملاحۨالَّذِيْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيٰوةَ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفُوْرُ 2ۙ
جنهن مَرڻ جِيئڻ کي جوڙيو، ته پرکي آن کي عام، ته ڪِهڙو آن مان ڪَم ۾، نيڪ ڪَڍائي نام، ۽ اُهو طاقت مَند تمام، مَعافِيون ڏِيندڙ مُلڪ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۭ مَا تَرٰى فِيْ خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ ۭ فَارْجِعِ الْبَصَرَ ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ 3
سَت اُڀ تِنهن اَلله، تَھ تي تَھ تيار ڪيا، مَنجِھين جوڙ جَبَّار جي، لِک ڏِسِين ڪو لاھ؟ پوءِ پَسين ڪِٿـهِين پاچ ڪا؟
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنْقَلِبْ اِلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ 4
ڪر نيڻن سان نِگاھ، ٻه ڦيرا وَرِي ڦير تون، اک کي اُنهئَ راھ، اَک اُٿلِي توڏي اچي، ٿِي کيري خوامَخواھ، گيرِي ۽ گُمراھ، اُها هُوندِي اُنهِئَ حال ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِمَصَابِيْحَ وَجَعَلْنٰهَا رُجُوْمًا لِّلشَّـيٰطِيْنِ وَاَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيْرِ 5
۽ بي شڪ بَرقرار، هِن اوڏي آسمان کي، ڏِنوسون ڏِيَن سان، صُورت جو سِينگار، ۽ اُماڙ ڪيوسون اُنهن کي، شر شيطانن هارِ، ۽ تِنِين لئي تيار، سَزا ڪَئـِي سون ساڙ جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلِلَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 6
۽ پَنهنجي پَروَر پاڪ کان، ڦِريا جي ڦيريال، آهي عذاب تن لئه، جَھَنّم سندو جال، ۽ بُڇڙو آهي بَحال، موٽِي ماڳ رَهڻ جو!
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذَآ اُلْقُوْا فِيْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهِيْقًا وَّهِىَ تَفُوْرُ 7ۙ
جڏهن اُڇليا ويا اُن م، گِيهَري سي گُمراھ، سامهون سُئائون اُن جُون، گوڙِيون ۽ گجگاھ،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَكَادُ تَمَــيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ ۭ كُلَّمَآ اُلْقِيَ فِيْهَا فَوْجٌ سَاَلَهُمْ خَزَنَــتُهَآ اَلَمْ يَاْتِكُمْ نَذِيْرٌ 8
۽ ڀَڙڪيو سا باھِ، ڪَر ڇِڄيو پَوي ٿِي ڇوه مان! جڏهن به اُڇلبِي اُن ۾، ڪا فوج بي فرمان، پُڇندَن پُوريون خَبرون، اُن دوزخ جا دَربان، ته ڇا، آن وَٽِ آيو ڪو،ڪو نه ڪو ريٻاڙو رَحمان؟
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا بَلٰي قَدْ جَاۗءَنَا نَذِيْرٌ ڏ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللّٰهُ مِنْ شَيْءٍ ښ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ كَبِيْرٍ 9
چي هائو، اَسان وَٽِ آئيو، ڪو خبرون ڏِيندڙ خان، پوءِ اَسان ڪُوڙو ڪوٺيو، ۽ آکيو سون به عيان، ته اَلله ڪُجھ نه اُتاريو، اُن باري مَنجھ بَيان، اوهين آهيو ڪا شئِ ڪانه، مگر مُنجھ وَڏِئَ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِيْٓ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 10
۽ چيائون ته چڱي ڳالھ کي، جي ٻُڌون ها، ڪِ ٻُجھون، ته هرگز ڪِين هُجون، ساڙي واري ساٿ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاعْتَرَفُوْا بِذَنْۢبِهِمْ ۚ فَسُحْقًا لِّاَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 11
پوءِ مَڃيائون مُنهن سان، سَندِن ڏوه صفا، پوءِ آھِ جاڙ جَفا، ڀاتِيَن ڪارڻ بِاھ جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 12
پَرپُٺ پَنهنجي رَبَّ ڪنان، جي رکن خوف خيال، ته بَخشش آهي بَحال، پڻ اَجر وَڏوئـِي اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَسِرُّوْا قَوْلَكُمْ اَوِ اجْهَرُوْا بِهٖ ۭ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 13
۽ ڳُجِھي پَنهنجِي ڳالھ رَکو، يا پَڌرِي ڪريوسِ پاڻ، سَچ پَچ سو سُڄاڻ، سَمجھي سِيني وارِيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ ۭ وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبِيْرُ ۧ14
ڇا، اُهو ڄاڻي ئـِي ڪونه ٿو، جوڙيا اِهي جِنهن پاڻ؟ سو سِياڻو، سُڄاڻ، آهي هَر ڪِنهن حال ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِيْ مَنَاكِبِهَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِهٖ ۭ وَاِلَيْهِ النُّشُوْرُ 15
اُهو سو، اوهان ڪاڻ، جِنهن نَرم ڪيو زَمِين کي، پوءِ وَٺِي واٽون اُن جون، هَلو ڦِرو هاڻ، ۽ سَدا سَندسِ رِزق مان، کائو، پِيو پاڻ، ۽ ڇَڏي مُقام، مَساڻ، آخِر اُن ڏي هَلڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحءَاَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يَّخْسِفَ بِكُمُ الْاَرْضَ فَاِذَا هِيَ تَمُوْرُ ۙ16
ڇا،ويٺا اُن کان ويسلا؟ جنهن جو اُڀ تي اِختيار، ته ڳِهي آن کي اوچتو، نِئي ڌَرتي نِگو سار، اُها اُنهِئ وار، دَهشت مان ڌُٻندِي رَهي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ اَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يُّرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا ۭ فَسَتَعْلَمُوْنَ كَيْفَ نَذِيْرِ 17
ڇا، ويٺا اُن کان ويسلا؟ جو آهي اُڀ وارو، ته ڪَري اوهان تي ڪَڪَرِيَن جو، ڪو وِهلو وَسڪارو، پوءِ سَمجھو سَوارو، ته ڪِهڙو آهي قَهر مون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيْرِ 18
۽ جي هُئا اُنهن کان اَڳڀرا، تِن ڪيا ڪُوڙ ضَرور، پييَنِ پوءِ پرُوڙ، مُون کان منهن موڙڻ جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صٰۗفّٰتٍ وَّيَقْبِضْنَ ڪ مَا يُمْسِكُـهُنَّ اِلَّا الرَّحْـمٰنُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍۢ بَصِيْرٌ 19
ڇا، پَکِي ڏٺائون نه پان، تان اُڏامَندا اِظهار؟ کُلِيَل کنڀ کَنڀڙٽيون، وارِينِ ڪِنهين وار، نه جَھلينِ ڪير ڪِرڻ کان، ري ڏيہ ڌڻي ڏاتار، هَر شئ کي هَر پارِ، ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمَّنْ هٰذَا الَّذِيْ هُوَ جُنْدٌ لَّكُمْ يَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحْمٰنِ ۭ اِنِ الْكٰفِرُوْنَ اِلَّا فِيْ غُرُوْرٍ ۚ20
اُهو، سو آهي ڪير، لَشڪر اَهنجو لاڏلو؟ ته آڌاري اَلله ري، آن کي اُهکِي وير، ڦِريَل بنا ڦير، آهِن رُڳو ريب فريب ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح