066 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 12 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ لِمَ تُحَرِّمُ مَآ اَحَلَّ اللّٰهُ لَكَ ۚ تَبْتَغِيْ مَرْضَاتَ اَزْوَاجِكَ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 1
اي نَبِي ! نِرمل ناءُ، ڪوه قَسم وِجِهين تِنهن ڳالھ کان، رَواڪئـِي جا رَحم سان، رَبَّ تعالىٰ تو لاءِ، رکڻ گُھرِين ٿوراءِ، پاڪن سَندِي پانهنجي. ۽ اَلله جَل جَلالہٗ آھِ، بَخِشيندڙ بَحال، ڀَلو ڪَندڙ ڀال، ٻَهون ٻاجِھيندڙ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَدْ فَرَضَ اللّٰهُ لَكُمْ تَحِلَّةَ اَيْمَانِكُمْ ۚ وَاللّٰهُ مَوْلٰىكُمْ ۚ وَهُوَ الْعَلِيْمُ الْحَكِيْمُ 2
صَحِي اَهنجي سُونهن جو، هادِئَ ٺَهرايو حَل، ۽ حامِي اَهنجو هر حال ۾، اَلله عَزَّ وَجَل، ۽ اُهوئي آھ سو، جنهن کي ٿِي، ٿِيندي جي ڪَل، اُونهِئَ ساڻ اَٽڪل، هلائـِيندڙ هَر حال ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ اَسَرَّ النَّبِيُّ اِلٰى بَعْضِ اَزْوَاجِهٖ حَدِيْثًا ۚ فَلَمَّا نَبَّاَتْ بِهٖ وَاَظْهَرَهُ اللّٰهُ عَلَيْهِ عَرَّفَ بَعْضَهٗ وَاَعْرَضَ عَنْۢ بَعْضٍ ۚ فَلَمَّا نَبَّاَهَا بِهٖ قَالَتْ مَنْ اَنْۢبَاَكَ هٰذَا ۭ قَالَ نَبَّاَنِيَ الْعَلِيْمُ الْخَبِيْرُ 3
۽ پيغمبر سَندسِ پاڪن مان، جڏهن ڳَرهِي ڪِنهن سان ڳالھ، جَڏهن خاتون اُن خبر کي، کوليو ڪِنهن به خيال، ۽ تڏهن ظاهِر ذُوالجلال، مَٿسِ سو مَذڪُور ڪيو. پوءِ ڪُجھ ڄاڻائـِين اُن مان، ۽ ڪُجھ کان موڙيو مُنهن مُرسل، پوءِ خبر تِنهن خاتون کي، پاڻ ڏِنائـِين جنهن پَل، چيائـِين ته توکي ڪِنهن ڏِنِي، ڪامِل! اِها ڪَل، جانِئَ چَيو جواب ۾، اَلله عَزَّوَجَلَّ، اُهو عالَم کون ازل، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ تَتُوْبَآ اِلَى اللّٰهِ فَقَدْ صَغَتْ قُلُوْبُكُمَا ۚ وَاِنْ تَظٰهَرَا عَلَيْهِ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ مَوْلٰىهُ وَجِبْرِيْلُ وَصَالِحُ الْمُؤْمِنِيْنَ ۚ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ بَعْدَ ذٰلِكَ ظَهِيْرٌ 4
آرياڻيون! اَلله ڏي، ٻَئـِي وَرو هِن ويرا، اَهنجا مَن ميرا، سَچيون! سَچ پَچ ٿِي پِئا. اُتس اجايو زور ڪنديون، جي ٿِي هِڪ ٻئي جون هَمراه، پوءِ سَچ پَچ ساٿِي ان جو، آهي پاڻ اَلله، ۽ جِبرِيل ۽ جيڪِي نيڪ ٻِئا، جِن جو واحِد تي ويساھ، پڻ مِڙئـِي مَلڪ اَللهَ جا، دَرٻارِي درگاھ، واهِر آهِن واھ!، پُٺ ڀَرائو تِنهن پُٺيان.
— مولوي حاجي احمد ملاحعَسٰى رَبُّهٗ ٓ اِنْ طَلَّقَكُنَّ اَنْ يُّبْدِلَهٗ ٓ اَزْوَاجًا خَيْرًا مِّنْكُنَّ مُسْلِمٰتٍ مُّؤْمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰۗىِٕبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰۗىِٕحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَّاَبْكَارًا 5
اوڏو آهي اُن ڪم کي، سَندسِ رَبُّ سَتّار، جي توهان کي طلاق ڏِئي، ڀَليرو ڀَتار، آن کان ڀَليون بِيـبِـيون، ڏِئيسِ وَري ڏاتار، هَلندڙ حُڪمن مٿي، وِسهندڙ وِينجھار، نيڪ نِمازِي نڪڻٖي، توبہ لاءِ تيار، پُڄارِي پَروَر جون، راڻيون روزيدار، ڪي وِلهيون وَلهن ڌار، ڪي ڪامِل ڪام ڪُنواريون.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَاَهْلِيْكُمْ نَارًا وَّقُوْدُهَا النَّاسُ وَالْحِجَارَةُ عَلَيْهَا مَلٰۗىِٕكَةٌ غِلَاظٌ شِدَادٌ لَّا يَعْصُوْنَ اللّٰهَ مَآ اَمَرَهُمْ وَيَفْعَلُوْنَ مَا يُؤْمَرُوْنَ 6
اي اُهي!، آهي جِن جو، واحِد ۾ ويساھ، سي پاڻ ۽ پَنهنجي ڀاتِين، بَچايو، کون باھ، ۽ ماڻهو، پَهڻ جنهن مَچ جو، ٻارڻ ٻارهو آھِ، قَهري مَلڪ ڪٺڻ گھڻو، اُتي تِنهن آڙاھ، اُبتڙ نه هَلَن اُن کان، جنهن جو اَمر ڪِيَن اَلله، ۽ اُن ڪَم تي ڪَن ڪاھ، جنهن جو حُڪم مِليَن حُضور، مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَعْتَذِرُوا الْيَوْمَ ۭ اِنَّـمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 7ۧ
اي اُهي جن ڪُفر ڪيو، ڦِريا، کون فرمان، اَڄ نه عُذر گُذاريو، مَنجھ مَحشر جي ميدان، جيڪِي ڪَندا هُئا ڪُفران!، اُهو ماڻِيندا مورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا تُوْبُوْٓا اِلَى اللّٰهِ تَوْبَةً نَّصُوْحًا ۭ عَسٰى رَبُّكُمْ اَنْ يُّكَفِّرَ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَيُدْخِلَكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ يَوْمَ لَا يُخْزِي اللّٰهُ النَّبِيَّ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مَعَهٗ ۚ نُوْرُهُمْ يَسْعٰى بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَبِاَيْمَانِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اَتْمِمْ لَنَا نُوْرَنَا وَاغْفِرْ لَنَا ۚ اِنَّكَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 8
اي اُهي، آندو جِن، اَلله تي اِيمان!، سي موٽو، موٽڻ صاف سَچو، مالِڪ، ڏانهن منان، ۽ ميٽي اَوهان جا مِهر سان، مِڙِئي عيب عِصيان، باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِينِيان مَاڳ مڪان، هيٺان جِن هَر آن، واهِيون ڪن ٿيون وَهڪرا. جڏهن آگو اِن نَبِئ کي، بلڪل نه ڪندو بيمان، پڻ سَندسِ تِن ساٿين کي، آندو جن اِيمان، ڊوڙي اڳيان اُنهن جي، سَندنِ نُور نِشان، پڻ چِمڪي مَنجھ چوگان، سَندنِ ساڄن سوجھرو. دُعا گُهرن ڌَڻِئَ کان، ته سانيَمِ!، رَبَّ، سَتار، ڪَر اَسان جي نُور کي، پُورو پالڻهار، پڻ عيب گُناھ اسان جا، بَخشِين بَخشڻهار، آهِيين تون اِظهار، هَلندِئَ وارو هَر شئ مَٿي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ جَاهِدِ الْكُفَّارَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ وَاغْلُظْ عَلَيْهِمْ ۭ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 9
ڪُوڙن ڪافِرن سان، اي نَبِي! جوٽ جنگ، ٻِئو پڻ ٻِچاپڻن سان، جي روز رچائـِن رنگ، ڪامِل! مٿنِ ڪَٺور ٿِي، نَرمِي جو نه پَوَندُنِ ننگ، جَھَنَّمَ جاءِ اُنهن جِي، آڙاه ۾ اَڙٻَنڳ، تمام بڇڙو تنگ، ٿيو موٽڻ وارو ماڳ سو!.
— مولوي حاجي احمد ملاحضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوا امْرَاَتَ نُوْحٍ وَّامْرَاَتَ لُوْطٍ ۭ كَانَتَا تَـحْتَ عَبْدَيْنِ مِنْ عِبَادِنَا صَالِحَيْنِ فَخَانَتٰهُمَا فَلَمْ يُغْنِيَا عَنْهُمَا مِنَ اللّٰهِ شَيْــــًٔا وَّقِيْلَ ادْخُلَا النَّارَ مَعَ الدّٰخِلِيْنَ 10
جِن ڪُفر ڪيو تِن جو، مالِڪ ڏِنو مِثال، بِيبِي نُوح نبئَ جي، ٻِي بِيبِي لُوط لال، اَسان جي بَندن مان، ٻِن ڀَلن هيٺ بَحال، نارِيون هُيون نِڪاح ۾، صُحت اَندر سال، پوءِ چَليون اُن چَڱن سان، چِيچَپائـِي جِي چال، پوءِ ڪُجھ نه ڇڏايونِ قادِر کان، جي ايڏا ڪاند ڪمال، پَروَر پاران اُنهن کي، وِيو فرمايو فِى الحال، گِھڙو گِھڙندڙن نال، ٻَئـِي ٻَرندڙ باھِ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوا امْرَاَتَ فِرْعَوْنَ ۘ اِذْ قَالَتْ رَبِّ ابْنِ لِيْ عِنْدَكَ بَيْتًا فِي الْـجَنَّةِ وَنَجِّــنِيْ مِنْ فِرْعَوْنَ وَعَمَلِهٖ وَنَجِّــنِيْ مِنَ الْقَوْمِ الظّٰلِمِيْنَ ۙ11
۽ جِن مَڃيو، مِثال تِن لئ، پيش ڪيو پَروَر، بِيبِي ڀَلي فِرعون جي، دانهو ڏَڻِئ دَر، جَلد جَنت ۾ جوڙ تون، مولا! تنهنجو گَھر، فِرعون ۽ سَندسِ فِعلن، مون کي آگا! آجو ڪر، ۽ هِن ڏاڍان کان ڏاتر!، مُون نِماڻئَ نَجات ڏي
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَرْيَـمَ ابْنَتَ عِمْرٰنَ الَّتِيْٓ اَحْصَنَتْ فَرْجَهَا فَنَفَخْنَا فِيْهِ مِنْ رُّوْحِنَا وَصَدَّقَتْ بِكَلِمٰتِ رَبِّهَا وَكُتُبِهٖ وَكَانَتْ مِنَ الْقٰنِتِيْنَ ۧ12
پڻ مَريم ڌِي عِمران جِنهن ثابِت پَنهنجو سِيل رکيو، پوءِ پَنهنجي رُوح مان، جنهن ۾ ڦوڪيو سون جان، ۽ سَچا ڪيائـِين سائـِينءَ جا، فرمودا فرمان، پڻ سَچا ڪيا، سَڀئـِي صَحِيفا سُبحان، ۽ مَريم وَڏي مان، هُئـِي نيڪن نِمازِيَن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاح