065 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 12 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاۗءَ فَطَلِّقُوْهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَاَحْصُواالْعِدَّةَ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ رَبَّكُمْ ۚ لَا تُخْرِجُوْهُنَّ مِنْۢ بُيُوْتِهِنَّ وَلَا يَخْرُجْنَ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۭ وَتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّتَعَدَّ حُدُوْدَ اللّٰهِ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهٗ ۭ لَا تَدْرِيْ لَعَلَّ اللّٰهَ يُحْدِثُ بَعْدَ ذٰلِكَ اَمْرًا 1
اي نَبِي نيڪ نظر!، جڏهن جوينِ کي ڇَڏيو، ته ڇَڏيو عِدت لئي اُنهن کي، جا مُدت مقرّر، پڻ سارِيو سَر بَسر، سَندا ڏُهاڳ ڏِينهڙا. ۽ ڪَنبو ڀَر قهار، پَنهنجي پالڻهار کان، نه ڪَڍونِ سَندنِ گَھرن مان، ۽ نه نِڪرن پاڻ ٻَهار، تان اَڀرائـِي اِظهار، آڻِينِ ڪا عَمل ۾. ۽ آهِن اُهي اَلله جون، حَدون حِڪمت ساڻ، ۽ هادِي جي حَدن کان، جو اُڪرندو اَڄاڻ، پوءِ پَنهنجي جِئَ سان پاڻ، تنهِن ظاهِر ظُلم ضرور ڪيو. تون پروڙِين ڪِين ٿو، ته صاحب سُرت سُڄاڻ، پيدا ڪري پاڻ، ڪو نيڪ نَتِيجو تِنهن پُٺيان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا بَلَغْنَ اَجَلَهُنَّ فَاَمْسِكُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ اَوْ فَارِقُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ وَّاَشْهِدُوْا ذَوَيْ عَدْلٍ مِّنْكُمْ وَاَقِيْمُوا الشَّهَادَةَ لِلّٰهِ ۭ ذٰلِكُمْ يُوْعَظُ بِهٖ مَنْ كَانَ يُؤْمِنُ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ڛ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مَخْرَجًا 2ۙ
۽ سَندنِ مُدت عِدت کي، جڏهن پُهتيون پاڻ، پوءِ روڪيونِ رِيت ساڻ، يا ڇَڏيونِ چَڱِئَ چال سان. ۽ چڱا ٻه شاهد پاڻ مان، بِيهاريو بَرپاء، ۽ ڏِيو ڏاتر لاءِ، سَچِي سَنواٽِي شاهِدِي. اِهو اُن اِنسان کي، سَبق ڏئي سُبحان، آندو جِنهن اِيمان، اَلله ۽ آخِر ڏِينهن تي. ۽ جيڪو ڊِڄي جَبّار، کان، تِنهن لئي پَٽي پاڻ ڳَرِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ ۭ وَمَنْ يَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗ ۭ اِنَّ اللّٰهَ بَالِغُ اَمْرِهٖ ۭ قَدْ جَعَلَ اللّٰهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا 3
۽ وَرسائـِيسِ وَرِي، جِنهن ڀِيڻيان ڀانئي ڪِين ڪِي. ۽ اُهو بَس اُن لئي، جِنهن رکيو رَبَّ تي بار، پهچندڙ آهي پَڪ سان، پَنهنجي ڪَمن کي ڪَلتار، مُقرّر مِقدار، ڪيو هادِئَ هَر ڪِنهن ٽول جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاڿ يَىِٕسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ اِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ اَشْهُرٍ ۙ وَّاڿ لَمْ يَحِضْنَ ۭ وَاُولَاتُ الْاَحْمَالِ اَجَلُهُنَّ اَنْ يَّضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ اَمْرِهٖ يُسْرًا 4
نارِيون اَهنجون نِراس ٿيون، جي حَيض کان هيڪر، جي گَڏيا اَوهِين گُمان ۾، کُڻ جي نَه پوي خَبر، پوءِ آهي عِدّت اُنهن جِي، ٽي مَهِينامُقرّر، پڻ نَنڍِيون سي نِينگر، جي اَڃا نه گنديَنِ گَڏيون. ۽ اُميد واريون عورتون، عِدت اُنهن هارِ، تان ڄَڻِين ٻايون ٻار، ڪَن هَلڪا پير حَمل کان. ۽ جو ڌاري ڊَپ ڌڻي جو، ۽ ڏَري ڀَر ڏاتار، اُنهِئَ جا ڪَم ڪار،، صاحِب سَڀ سَولا ڪري.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ اَمْرُ اللّٰهِ اَنْزَلَهٗ ٓ اِلَيْكُمْ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يُكَفِّرْ عَنْهُ سَـيِّاٰتِهٖ وَيُعْظِمْ لَهٗ ٓ اَجْرًا 5
آهي اَلله پاڪ جو، اِهو ئـِي اِرشاد، اَوهان تي اِمداد، ڪري اُتارئـِين اُن کي. ۽ جو ڏاتر ڀَر ڏري، ميٽي مَدايون اُن جون، ۽ ڪرم ساڻ ڪري، اَجر وَڏو اُن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَسْكِنُوْهُنَّ مِنْ حَيْثُ سَكَنْتُمْ مِّنْ وُّجْدِكُمْ وَلَا تُضَاۗرُّوْهُنَّ لِتُضَيِّقُوْا عَلَيْهِنَّ ۭ وَاِنْ كُنَّ اُولَاتِ حَمْلٍ فَاَنْفِقُوْا عَلَيْهِنَّ حَتّٰى يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ فَاِنْ اَرْضَعْنَ لَكُمْ فَاٰتُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۚ وَاْتَمِرُوْا بَيْنَكُمْ بِمَعْرُوْفٍ ۚ وَاِنْ تَعَاسَرْتُمْ فَسَتُرْضِــعُ لَهٗ ٓ اُخْرٰى 6ۭ
پُهچ پَٽاندر پانهنجي، جِتي رَهو، ته راهِيونِ، نَه سَتايو، نه ساهِيونِ، تان تنگ ڪريو تِن کي. ۽ جي هُجن حَمل واريون، ته کڻونِ خَرچ جو بار، تان ڄَڻِين ٻار، ڪن هَلڪا پير حمل کان. اوهان جي اولاد کي، جي ڏِين خُوشِئَ مان کِير، پوءِ اُن کي پورهيو پَنهنجو، سارِي ڏِيو سُڌير!، وَهِي وَٽ مُوجِب وِير!، هَلو هِڪ ٻئي جي حال تي. ۽ جي ڏُکياپَئو پاڻ کي، ته سانڍيسِ ٻي سُتت،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِيُنْفِقْ ذُوْ سَعَةٍ مِّنْ سَعَتِهٖ ۭ وَمَنْ قُدِرَ عَلَيْهِ رِزْقُهٗ فَلْيُنْفِقْ مِمَّآ اٰتٰىهُ اللّٰهُ ۭ لَا يُكَلِّفُ اللّٰهُ نَفْسًا اِلَّا مَآ اٰتٰىهَا ۭ سَيَجْعَلُ اللّٰهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُّسْرًا 7ۧ
جِنهن کي پُورِي آھ پُڄت، ڏِئي پُهچ پَٽاندر پانهنجي. ۽ توڙان ئـِي تنگ ٿِئـِي، سَندِي جِنهن سانجاڻ، پوءِ تِنهن مان پورهيو ڏِئي پاڻ ڏِنَسِ جيڪو ڏيہ ڌَڻِي. ڪِنهن کي ئـِي ڪَم نه چَوي، ڌَڻِي اِنهيان ڌار، ته هُجيسِ پَنهنجي پُهچ ۾، ڪرڻ وَٽان ڪار، جَلدِي ڪَندو جَبّار، ڏُکن پُٺيان سُکڙا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ عَتَتْ عَنْ اَمْرِ رَبِّهَا وَرُسُلِهٖ فَحَاسَبْنٰهَا حِسَابًا شَدِيْدًا ۙ وَّعَذَّبْنٰهَا عَذَابًا نُّكْرًا 8
۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، وَڃي پِيا وَهلور، سَندنِ سائـِينءَ جي اَمر کان، پڻ سَندنِ نَبِيَّن نُور، پوءِ لاٿو ليکو اُنهن جو، ليڪو مُشڪل مُور، جي سُئل، نه ٻُڌل سُور، سي سَزا ڏِناسون اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَذَاقَتْ وَبَالَ اَمْرِهَا وَكَانَ عَاقِبَةُ اَمْرِهَا خُسْرًا 9
پوءِ چکيؤن پَنهنجي ڪَم جي، وَبال سَندو ويھ، ۽ ڇِيهو ٿِيو ڇيہ، اُنهن جي اَعمالن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَعَدَّ اللّٰهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيْدًا ۙ فَاتَّقُوا اللّٰهَ يٰٓاُولِي الْاَلْبَابِ ڂ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ٽ قَدْ اَنْزَلَ اللّٰهُ اِلَيْكُمْ ذِكْرًا ۙ10
سَندنِ لئي سَنباهيو، سائـينءَ سَخت عَذاب، ڏرو پوءِ ڏاتار کان، اي عقل جا اَرباب!، صِدق ساڻ صواب، جي وِسهيا واحِد پاڪ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحرَّسُوْلًا يَّتْلُوْا عَلَيْكُمْ اٰيٰتِ اللّٰهِ مُبَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُّدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ قَدْ اَحْسَنَ اللّٰهُ لَهٗ رِزْقًا 11
سائـِينءِ سارڻ ڪاڻ، مُرسل آن تي موڪليو، رّبَّ جون روشن آيتون، ٿو پَڙهي آن تي پاڻ، تان ڪَڍي اُونداهِئَ مان آن کي، سُهائي ڏانهن سُڄاڻ!، جي مَڃين اَلله جِي آڻ، پڻ چَڱا ڪن ٿا ڪَمڙا. ڏِيندنِ باغ بهشت ۾، جايون رَبُّ، جَبّار، جِن هيٺان نِرمل ناليون، وَهن ويرو تار، ساڪِن اُن سکن ۾، سَرها سَڀ ڄَمار، تِنِين لئي تيار، صاحِب سُهڻو رِزق ڪيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ وَّمِنَ الْاَرْضِ مِثْلَهُنَّ ۭ يَـتَنَزَّلُ الْاَمْرُ بَيْنَهُنَّ لِتَعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ڏ وَّاَنَّ اللّٰهَ قَدْ اَحَاطَ بِكُلِّ شَيْءٍ عِلْمًا ۧ12
اَلله اُهوئـِي آھِ، جِنهن اُڀ اُپايا سَت، پڻ بَنائـِين ڀُون مَنجھان، ڀاڱا ساڳِئَ ڀَت، اُتري اُن ٻِن وِچ ۾، اَمر سَندس اَلبت، تان سَمجھو ته سَڀ ڪِنهن ڳالھ تي، آهي قادِر کي قُدرت، پڻ سَمجھ ساڻ سُڀت، سَڀ شئ کي صاحِب گھريو.
— مولوي حاجي احمد ملاح