064 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يُسَبِّحُ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْـحَمْدُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 1
سي پاڪ چَون پَروَر کي، سڀئـِي ڪَن سُبحان، آهن اُڀن ۽ ڀون ۾، جيڪِي جُڳ جَھان، مِڙئـِي مُلڪ اُن جو، ٻِي جِي ڪوڏي ڪانه، ۽ ڳُڻ سَڀ اُن جاڳائـڻا، سَڀ اُنهِئَ جا اِحسان، هَر شي مَٿي هَر آن، هَلندِي وارو اُهو هيڪڙو.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ فَمِنْكُمْ كَافِرٌ وَّمِنْكُمْ مُّؤْمِنٌ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 2
سو اُهوئي آھِ، جنهن اوهان کي جوڙيو، پوءِ ڪي ڪافِر ٿيا اوهان مان، ۽ ڪِن جو واحِد تي ويساه، ۽ ڏِسندڙ آھِ اَلله، جيڪِي ڪَريو ڪَمڙا.
— مولوي حاجي احمد ملاحخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ وَصَوَّرَكُمْ فَاَحْسَنَ صُوَرَكُمْ ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
جوڙئـِين اُڀ، زَمِين کي، قائـِم بَرقرار، پڻ سَو رنگ اَهنجون صُورتون، جوڙيون تِنهن جبّار، سُونهن اوهان جي صُورتِين، ڏِنِي پوءِ ڏاتار، ۽ تِنهِين ڏي تَڪرار، آھِ وَرڻو ڪِنهن وار ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَمَا تُعْلِنُوْنَ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 4
سو سَڀ ڄاڻي پاڻ ٿو، جيڪِي اُڀن اَندر، پڻ جيڪِي زَمن زَمِين ۾، سو سَمجھي سَربسر، ۽ ڳُجھو، پَڌرو ڪم ڪريو، سو پَرُوڙي پَروَر، ۽ جو دِليَن ۾ دَفتر، تِنهنجو پَرکِيندڙ پاڻ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ قَبْلُ ۡ فَذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 5
ڇا اوهان کي نه آئـِيو، اُنهن جو اَحوال؟ آڳي ڪُفر جِن ڪيو، ڦِريا هُئا ڦيريال، پوءِ سَزا سَندنِ ڪَمن جِي، چکيؤن چَڱِئ چال، ۽ ساڙوسُورن نال، اَڃا آهي اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ بِاَنَّهٗ كَانَتْ تَّاْتِيْهِمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَقَالُوْٓا اَبَشَرٌ يَّهْدُوْنَنَا ۡ فَكَفَرُوْا وَتَوَلَّوْا وَّاسْتَغْنَى اللّٰهُ ۭ وَاللّٰهُ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 6
اِهو سَڀ اِن ڪري، ته هونِ اِهڙو حال، ته جڏهن به آيَنِ اُنهن جا، نبي نيڪ نِهال، سَچِيَن ثابِتيَن سان، پوءِ ڪيؤن قِيل مَقال، سَئـِين ڇاسُهائنيون، ماڻهو اَسان مِثال؟ پوءِ ڦِريا ۽ مُنهن ڦيريؤن، ٿيا پُٺيرا پيمال، پوءِ پَروَر بي پَرواه ٿِيو، کَيائـِينِ خيال، ۽ بي پَرواه بَحال، پڻ ساراهِيَل سَچو ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحزَعَمَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنْ لَّنْ يُّبْعَثُوْا ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتُبْعَثُنَّ ثُـمَّ لَتُـنَبَّؤُنَّ بِـمَا عَمِلْتُمْ ۭ وَذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 7
جي ڪاهي پِيا ڪُفر ۾، تِن ڪيو غَلط گُمان، ته اَصل ئـِي ڪِين اُٿاربا، ڪَر اُنهن کي اِعلان، هائو سُنهن سانِيَمِ جو، سوگند سَندو سُبحان، اَوس اَوهِين اُٿاربا، موٽِي تِنهن مَڪان، خُوب ڏِبيان خبرون، جيڪِي ڪريو مَنجھ جھان، ۽ آھِ گھڻو آسان، اِهو ڪَم ڪَرِيم تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاٰمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَالنُّوْرِ الَّذِيْٓ اَنْزَلْنَا ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ 8
پوءِرَبَّ ۽ سَندسِ رَسول تي، آڻيو اَوهِين اِيمان، پڻ نازِل ڪيوسون نُور، جو قادِر جو قُرآن، ۽ سَمجھندڙ آھِ سُبحان، جيڪِي ڪريو ڪَمڙا.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ يَجْمَعُكُمْ لِيَوْمِ الْجَمْعِ ذٰلِكَ يَوْمُ التَّغَابُنِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُّكَفِّرْ عَنْهُ سَـيِّاٰتِهٖ وَيُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9
اَوهان کي اَلله، ڪَٺي ڪَندو جِنهن ڏِينهن لئي، ڪارڻ ڏِينهن قِيام جي، ميلي مَحشر گاھ، ڏِينهن اُهوئـِي آھِ، نفع، يا نقصان جو. ۽ جيڪو مَڃي مالِڪ کي، ۽ ڪَندو چَڱِي ڪار، ميٽي مَدايون اُن جُون، ۽ ڏئيسِ گَھر گُلزار، هردم هيٺان جن جي، ناليون وَهن نِبار، سَدا ساڪِن اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، آھِ وَڏو اَپار، ماڻڻ اُهو مراد جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ ۧ10
۽ اُهي جِن ڪُفر ڪيو، ڦِريا کون فَرمان، ۽ ڪوٺيؤن اَسان جون آيتون، ڪُوڙا باب بيان، اُهي ساٿِي ڀاتِي باھِ جا، مَنجھ تِنهن ماڳ مَڪان، هَميشه حيران، ۽ سو بِلڪُل بُڇڙو ماڳ ٿيو!
— مولوي حاجي احمد ملاحمَآ اَصَابَ مِنْ مُّصِيْبَةٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ يَهْدِ قَلْبَهٗ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 11
رَسي نه مُصِيبت ڪا، مَگر اِذن ساڻ اَلله، ۽ رَکي جيڪو رُوح ۾، واحِد تي ويساه، قادِر اُن جي قلب کي، سَئـِين سُهائي راه، ۽ آگو آھِ آگاه، هَر شئ سَندي حال کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَاَطِيْعُوا الرَّسُوْلَ ۚ فَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاِنَّـمَا عَلٰي رَسُوْلِنَا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 12
اي اُهي جِن مَڃيو!، مالِڪ بي مِثال، ڪي اَوهان جون عورتون، ڪي اَهنجا نونهِال، آهِن عَدو اوهان جا، پوءِرکونِ خوف خيال، ۽ جي مرهيونِ، ۽ مڙت ڪريون، ۽ بخشيونِ ڪري ڀال، پوءِ بي شڪ جَلَّ جَلال، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 13
اُهو اَلله، جِنهن ري ناھِ ڪو، سائـِين لَهندڙ سار، پوءِ بارِي مَٿي بار، رَکڻ گُھرجي مُؤمِنِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنَّ مِنْ اَزْوَاجِكُمْ وَاَوْلَادِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَاحْذَرُوْهُمْ ۚ وَاِنْ تَعْفُوْا وَتَصْفَحُوْا وَتَغْفِرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
اي اُهي جِن مَڃيو!، مالِڪ بي مِثال، ڪي اَوهان جون عورتون، ڪي اَهنجا نونهِال، آهِن عَدو اوهان جا، پوءِرکونِ خوف خيال، ۽ جي مرهيونِ، ۽ مڙت ڪريون، ۽ بخشيونِ ڪري ڀال، پوءِ بي شڪ جَلَّ جَلال، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَآ اَمْوَالُكُمْ وَاَوْلَادُكُمْ فِتْنَةٌ ۭ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ ٓ اَجْرٌ عَظِيْمٌ 15
مال ۽ اولاد اَوهان جو، آهي اِمتحان، ۽ صاحِب رَبُّ سُبحان، اُن وٽ آهي اَجر وَڏو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاتَّقُوا اللّٰهَ مَا اسْتَطَعْتُمْ وَاسْمَعُوْا وَاَطِيْعُوْا وَاَنْفِقُوْا خَيْرًا لِّاَنْفُسِكُمْ ۭ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 16
پوءِ ڌاريو ڊپ ڌڻئَ جو، جيڪِي پُهچ سارِيو پاڻ، ۽ سڻو سَندسِ ڳالهيون، ۽ پاريو سَڀ پَرياڻ، ۽ خَرچيو خدا ڪاڻ، جيڪي ڀلو ڀانيو پاڻ لئي. ۽ سَندنِ هِنيِـين جي هَٻَڇ کان، پناھ جي پائـينِ، پوءِ اُهيئـِي آهِينِ، سوڀارا سَڀِـين پَرِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ تُقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا يُّضٰعِفْهُ لَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ شَكُوْرٌ حَلِيْمٌ ۙ17
جي ڏِيندا قرض ڪرِيم کي، سُهڻو ساهِن ڌار، ته اوهان لئي اَن کي، ٻِيڻو ڪري ٻِيهار، ۽ بيشڪ بَخشي آن کي، ۽ آهي موکيِندڙ مُختار، کَمندل خطائون خلق جون، ٻُجھندڙ مَنجھ، ٻَهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ ۧ18
ٻُجھندڙ مَنجھ، ٻَهار، غالِب آهي غَفّار، ڏاڍو ڏاهو ڏيھہ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاح