062 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يُسَـبِّحُ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ الْمَلِكِ الْقُدُّوْسِ الْعَزِيْزِ الْحَكِـيْمِ 1
سي سَڀ پَر ۾ پاڪ چَوَن، ڌَڻِئَ کي دَم دَم، آهِن اُڀن ۽ ڀُون ۾، جي ڪارگريون ۽ ڪم، حاڪِم حاڪِمن جو، عيبن کان اُتم، طاقت وارو تَم، پڻ قابِلڪار، ڪَمن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْهُمْ يَتْلُوْا عَلَيْهِمْ اٰيٰتِهٖ وَيُزَكِّيْهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتٰبَ وَالْحِكْمَةَ ۤ وَاِنْ كَانُوْا مِنْ قَبْلُ لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ 2ۙ
اُهو جِنهن اُماڻيو، اَڻپڙهيلن اَندر، اَکر نَه پَڙهيل، اُنهن جِھڙو، پارِس، پيغمبر، پَڙهي پَڌرايون اُن جون، مَٿن مُقرّر، ۽ پاڪ ڪرينِ پاپَن کان، اُجارينِ اَنور، ۽ ڪتاب ۽ اُن جا قاعِدا، ٿو سيکارينِ سَروَر، توڻي پَڌري مُنجھ ۾، مَهند هُئا مُضطر،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاٰخَرِيْنَ مِنْهُمْ لَمَّا يَلْحَقُوْا بِهِمْ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
۽ ٻِيا به اُنهن مان ڪِي اَڃا، نه گڏِيَنِ جو گوهر، ۽ اُهو آهي زور زبر، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ فَضْلُ اللّٰهِ يُؤْتِيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِيْمِ 4
اِهي ڪَرم ڪَلتار، وَڻيسِ تِنهن سان، سي ڪري، ۽ صاحِب رَبَّ سَتّار، آهي وَڏي وَڙ جو ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَثَلُ الَّذِيْنَ حُمِّلُوا التَّوْرٰىةَ ثُـمَّ لَمْ يَحْمِلُوْهَا كَمَثَلِ الْحِمَارِ يَحْمِلُ اَسْفَارًا ۭ بِئْسَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِيْنَ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 5
جن خواندن کڻايو وِيو، توريت سَندو بار، پِوءِ نه اُٺايؤن اُن کي، اُنهن جا اِهڙا پار، اُن گڏھ جي آچار، جو کَڻي ڪِتاب ڪيڏهِين. حال سَڄي تِنهن ساٿ جو، بِلڪُل بُڇڙو آهِه، جِنِين ڪُوڙيو ڪوٺيون، آيتون ﷲ، ۽ رَبُ نه سُهائي راه، ذَرو ظالمِ ذات کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ هَادُوْٓا اِنْ زَعَمْتُمْ اَنَّكُمْ اَوْلِيَاۗءُ لِلّٰهِ مِنْ دُوْنِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 6
اُهي، جي ٿيا يَهُود، مِڙن ماڻهنِ جي وِچان، جي دوست ڌڻي جا، پاڻ کي ڀانيو ٿا بيهُود!، پوءِ موت گُهرو موجُود، جي سَچا سُخن ۾ آهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا يَتَمَنَّوْنَهٗ ٓ اَبَدًۢا بِـمَا قَدَّمَتْ اَيْدِيْهِمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِالظّٰلِمِيْنَ 7
۽ سَدا سَڌن نَه اُن ڏي، تِن ڪمن کان ڪُلال، جي سَندنِ هَٿن هَلائِيا، اَڳڀرا اَعمال، ۽ واحِد واقِف حال، آهي آزارِيندڙن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اِنَّ الْمَوْتَ الَّذِيْ تَفِرُّوْنَ مِنْهُ فَاِنَّهٗ مُلٰقِيْكُمْ ثُـمَّ تُرَدُّوْنَ اِلٰى عٰلِمِ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8ۧ
چئو، ته ڀَڄو جِنهن موت کان، سو مِلڻو اوهان سان مُور، پوءِ ڳُجهي پَڌري ڄاڻندڙ ڏانهن، موٽائِبا مَغرور!، پوءِ کولي ڏِيندان خبرون، ذَرو پُرزو ضرور، اِن مِڙن جو مَذڪُور، جيڪي عَمل ڪَندا آهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا نُوْدِيَ لِلصَّلٰوةِ مِنْ يَّوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 9
اي آندو جِن اِيمان! جڏنهن جُمعي جي بانگ ٿئي، پوءِ سڀيئِي سَنبرو، سارڻ لئي سُبحان، ڇڏيو سودي سَٽ کي، ڏِيو دَر دُڪان، جي ڌاريو ٿا ڌِيان، ته ڀَلو اوهان لئي آهِ اِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا قُضِيَتِ الصَّلٰوةُ فَانْتَشِرُوْا فِي الْاَرْضِ وَابْتَغُوْا مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ وَاذْكُرُوا اللّٰهَ كَثِيْرًا لَّعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ 10
پوءِ جَڏهن نماز پُني، ته پکڙو ڀُون ۾ بي گمان، ڀَلي ڌَڻِيءَ جي ڀال مان، گُهرو سڀ گُذران، گهڻو گهڻي ۾ ساريو، صاحِب، کي سُبحان، تہ مومِن اَوهِين مان، مَن مُرادون ماڻيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا رَاَوْا تِجَارَةً اَوْ لَهْوَا ۨانْفَضُّوْٓا اِلَيْهَا وَتَرَكُوْكَ قَاۗىِٕمًا ۭ قُلْ مَا عِنْدَ اللّٰهِ خَيْرٌ مِّنَ اللَّهْوِ وَمِنَ التِّجَارَةِ ۭ وَاللّٰهُ خَيْرُ الرّٰزِقِيْنَ ۧ11
۽ جڏهن ڏِٺائون جُمعي ۾، وِندر، يا واپار، تہ توکي بِيٺل تِت ڇَڏي، پلٽيا تِنهِين پار، چئو تہ آهِن چيز جي، صاحِب وَٽ، سَتار، سي سودي سَٽ ۽ راند کان، بِهتر برقرار، ۽ سڀنيان ڀَلو ڀَتار، ﷲ جَلَّ جَلالهُ.
— مولوي حاجي احمد ملاح