060 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 13 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّخِذُوْا عَدُوِّيْ وَعَدُوَّكُمْ اَوْلِيَاۗءَ تُلْقُوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوْا بِـمَا جَاۗءَكُمْ مِّنَ الْحَقِّ ۚ يُخْرِجُوْنَ الرَّسُوْلَ وَاِيَّاكُمْ اَنْ تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ رَبِّكُمْ ۭ اِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَادًا فِيْ سَبِيْلِيْ وَابْتِغَاۗءَ مَرْضَاتِيْ ڰ تُسِرُّوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ ڰ وَاَنَا اَعْلَمُ بِـمَآ اَخْفَيْتُمْ وَمَآ اَعْلَنْتُمْ ۭ وَمَنْ يَّفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ 1
اي اُهي جن اَلله ۾، آندو اِعتبار، مون ۽ اَهنجي عَدو کي، نه ڪريو ڪم ۾ يار، سَندا محبت موڪليو، پارا پاتِن پار، ۽ جو حق اَوهان وَٽ آئيو، اُن کان ڪيؤن اِنڪار، اوهان ۽ مُرسل مِير کي، ڪيؤن ديسان ڌار، هِن تان، ته مالِڪ مڃيو، پنهنجو پالڻهار، جي اَوهِين نِڪتا آهيو، جنگ ڪرڻ جُونجھار!، ۽ مُنهنجِي رَوش، راه ۾، مَرضيمِ ماڻڻ هارِ، مُخفِي ڏانهنِ موڪليو، پيغام پِرت پِيار، ۽ آئون اِنهِئَ سڀ جِي، ٿو رکان سُڌ سَنڀار، جيڪِي اَندر ۾ اوريان، يا اوهان ڪيو اِظهار، ۽ اوهان مان اي مومنو!، جو ڪندو اِهاڪار، بيشڪ سو بَدڪار، وِرسيو، وِچٿرو واٽ کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ يَّثْقَفُوْكُمْ يَكُوْنُوْا لَكُمْ اَعْدَاۗءً وَّيَبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ وَاَلْسِنَتَهُمْ بِالسُّوْۗءِ وَوَدُّوْا لَوْ تَكْفُرُوْنَ 2ۭ
جي پَڪڙينيان تَه پَڪ سان، ويرِي هُوندان تِنهن وار، ۽ هٿ، زبانو بُري طرح، پکيڙينِ اَنهن جي پار، ۽ خواهِش رَکن خُوار، ته هُوند! ڦِرو حَق ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَنْ تَنْفَعَكُمْ اَرْحَامُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ ڔ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ڔ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 3
وِيا ۽ ويجھايون اَهنجون، نه ڏِينِ اَوهان آڌار، ڪندو ڏِينهن قيام جي، اَهنجا ٽڳا ٽوڙي ڌار، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، سي ڏِسندڙ آھِ ڏيھ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَدْ كَانَتْ لَكُمْ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِيْٓ اِبْرٰهِيْمَ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗ ۚ اِذْ قَالُوْا لِقَوْمِهِمْ اِنَّا بُرَءٰۗؤُا مِنْكُمْ وَمِـمَّا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ ۡ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاۗءُ اَبَدًا حَتّٰى تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَحْدَهٗ ٓ اِلَّا قَوْلَ اِبْرٰهِيْمَ لِاَبِيْهِ لَاَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَآ اَمْلِكُ لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ شَيْءٍ ۭ رَبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَاِلَيْكَ اَنَبْنَا وَاِلَيْكَ الْمَصِيْرُ 4
آهي اِبراهيم ۾، پڻ اُن سان جي، اڳوان، سَچ پَچ سُهِڻي پيروِي، پڻ نُڪتو نيڪ نشان، ڪيائون سَندنِ قوم ۾، جڏهن اِهو اِعلان، ته اَسِين اوهان کان آهيون، بيزار بي گمان، پڻ اُنهن کان، جِن اَلله ري، نمو ٿا نادان!، فوراً ڦرياسون اوهان ڪنان، ناتا بَند نِڌان، ۽ ويروروڌ پاڻ ۾، اَڻَهِين ڏِينهن عيان، جيسين اَوهِين اِيمان، آڻيو هِڪ الله تي. مگر اِبراهِيم جو، بابَسِ لئي بيان، ته مَعافِي مڱندسِ تو ڪري، صاحِب، کان سُبحان، ۽ قادِر ربَّ، ڪَرِيم وٽ، ٻِي سَگھ سارِيان ڪانه، تَوَڪَّل رکيوسون تو مَٿي، اي سندمِ رَبَّ، رحمان! ۽ تو هِڪ جاءِ تي، توهيڪ ڏي، موٽياسون مَنان!، ۽ توڏي نيٺ نِڌان، آھِ مِڙوئـِي موٽڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحرَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَاغْفِرْ لَنَا رَبَّنَا ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 5
پرور! پَرک اَسان کي، ڪر نه ڪُفارن ڪاڻ، ۽ مَرهيون مِهر ساڻ، آهِين سَٻر سَٻوجھ تون!
— مولوي حاجي احمد ملاحلَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْهِمْ اُسْوَةٌ حَسَـنَةٌ لِّمَنْ كَانَ يَرْجُوا اللّٰهَ وَالْيَوْمَ الْاٰخِرَ ۭ وَمَنْ يَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 6ۧ
آهي اوهان لئي اُن ۾، سَچ پَچ سُهڻِي پَر، اَلله ۽ آخِر ڏِينهن ۾، جي رکن آس اَپر، ۽ ڦِريل ڪو ڦِرندو، ته پاڪ ڌَڻِي پَروَر، آهي توڙان تونگر، پڻ سَدا ساراهِيل گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحعَسَى اللّٰهُ اَنْ يَّجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِيْنَ عَادَيْتُمْ مِّنْهُمْ مَّوَدَّةً ۭ وَاللّٰهُ قَدِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 7
اوڏو آھِ اَللهَ، ته جِن کي، دُشمن ڌاريو، اوهان ۽ اُنهن وِچ ۾، ڪري قُرب جو ٺاھ، ۽ صاحِب وَڏِئَ سَگھ جو، اَلله تعالىٰ آھ، ۽ ڏيہ کي ڏوه گُناھ، مَرِهيندڙ ۽ مِهرڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ لَمْ يُقَاتِلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَلَمْ يُخْرِجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ اَنْ تَبَرُّوْهُمْ وَتُقْسِطُوْٓا اِلَيْهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 8
اوهان کي اُنهن ڪنان، جَھلي نٿو جَبّار، جي اوهان سان دِين ۾، نه وِڙهيا ڪِهِين وار، نه اوهان کي اُنهن ڪيو، پنهنجي ديسان ڌار، ته ساڻنِ صِلو ڳنڊيو، لهونِ سار سَنڀار، پڻ عَدل ڪريو اُنهن سان، ڪو اِنصافِي آچار، ڪري پاڻ پيار، آگو اِنصافِيَن سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ قٰتَلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَاَخْرَجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ وَظٰهَرُوْا عَلٰٓي اِخْرَاجِكُمْ اَنْ تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّهُمْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 9
آن کي رڳو اُنهن ڪنان، جَھلي ٿو جَبَّار، جي لڙيا اوهان سان دِين ۾، پڻ ڪيونيان ديسان ڌار، ۽ ڪيون اَهنجي ڪَڍڻ تي، ويرين سان وَهار، هِن کان ته ڌاريو دوست تِن، ۽ جوڌارينِ دوست دار، پوءِ اُهي اِهڙي پار، آهِن هاڃيڪار، هڏهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا جَاۗءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ ۭ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِـاِيْـمَانِهِنَّ ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ ۭ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّوْنَ لَهُنَّ ۭ وَاٰتُوْهُمْ مَّآ اَنْفَقُوْا ۭ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ اَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۭ وَلَا تُمْسِكُوْا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقْتُمْ وَلْيَسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقُوْا ۭ ذٰلِكُمْ حُكْمُ اللّٰهِ ۭ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 10
اچن اوهان ڏي مُؤمِنو! جڏهن ڇڏي ماڳ مَڪان، عورتون اَشراف سي، آندو جِن اِيمان، اوهين وَٺو اُنهن کان، اوّل اِمتحان، آهي سَندنِ ايمان کي، سَمجھندڙ سُبحان، پوءِ جي صَحِي کين سَمجھيان، مُؤمن مُسلمان، ته وَرِي نَه اُنهن کي واريو، ڪڏهن ڏُونہ ڪُفران، هِي نه حَلال اُنهن مَٿي، ۽ نه لائـِق هُو لاڪانِ، ۽ جو ڏِنـائون ڏان، سو واري وَرن کي ڏِيو. ۽ جي پَرڻيون، ته پاپ نه ڪو اوهان تي، اَمِين!، مَهر مُقرّر اُنهن جِي، جڏهن ڪيڻنِ ڏِنان ڪابِين، ۽ ڪافِرياڻيَن جو ڪِين، پَڪريو پانڌ نِڪاح جو. ۽ خَرچ اُڳاڙِيو اُنهن ڪنان، جو ڪيان تِن ڪاڻ، ۽ هُنن پڻ ڏِنو جو ڏاڻ، اُهو ا ُڳاڙينِ اوهان ڪنان. اِهو اَوهان وِچ فيصلو، ڪري ٿو ڪلتار، ۽ سائـِين سَمجھندار، پڻ پُورو آهي پارکو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ اِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَاٰتُوا الَّذِيْنَ ذَهَبَتْ اَزْوَاجُهُمْ مِّثْلَ مَآ اَنْفَقُوْا ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اَنْتُمْ بِهٖ مُؤْمِنُوْنَ 11
۽ جي اوهان جي جوين مان، ڪا ويئـِي وڃڻ کي ڳالھ، پوءِ اوهان وَرسون وارِيون، فتح ڪيان فِى الحال، ته وِيئون وَنيون جِن جون، تِن ڀَري ڏِيو بحال، وِهانءَ ويلي خرچيو، مَردن جِھڙو مال، اُنهِئَ پاڪ اَلله جو، رَکو خوف خيال، جِنهن هادِئَ جا هَر حال، آڻ مَڃِيندڙ آهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا جَاۗءَكَ الْمُؤْمِنٰتُ يُبَايِعْنَكَ عَلٰٓي اَنْ لَّا يُشْرِكْنَ بِاللّٰهِ شَـيْـــــًٔــا وَّلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِيْنَ وَلَا يَقْتُلْنَ اَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَاْتِيْنَ بِبُهْتَانٍ يَّفْتَرِيْنَهٗ بَيْنَ اَيْدِيْهِنَّ وَاَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
جڏهن نَبِي! اَچَنئـِي نارِيون، ٿيون ڏِينئـِي ٻول ٻيهار، ته ڪنديون ڪِين ڪَرِيم سان، ڪو ڀيڙو ڀائيوار، ۽ چورِي، ڏارِي ڪانه ڪنديون، ۽ نه ڪُهندِيون سَندن ٻار، نه بَنائـِينديون بُهتان ڪو، ڪارو ڪُوڙ نِبار، سَندنِ هَٿن ۽ پيرن وِچان، تِنهن کي ڪن تيار، ۽ چَڱِئَ ۾ چَڱئي چَوڻ کان، وِينديون ڪِين ٻَهار، پوءِ وَٺ وَچن اُنهن کان، بيعت بَرقرار، ۽ اُنهن لئي اَلله کان، مَعافِي گُھر مَهندار، بيشڪ بَخشڻهار، سائـِين سَٻاجھو گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَىِٕسُوْا مِنَ الْاٰخِرَةِ كَـمَا يَىِٕسَ الْكُفَّارُ مِنْ اَصْحٰبِ الْقُبُوْرِ ۧ13
اي آندو جِن اِيمان! سي سَنگت نه رکو تِنهن ساٿ سان، ڏاڍو ڏَمريو جِن مَٿي، مالِڪ مِهربان، آسرپل آخرت مان، نادان ٿيا نِڌان، لاٿو جِيئن ڪُفران، اَهل قبر مان آسرو.
— مولوي حاجي احمد ملاح